ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جي 3271 انھن مکيه لفظن کي جاچيو ويو جيڪي ”و“ جي آواز سان شروع ٿين ٿا، تہ عجيب نتيجو مليو. اسان کي 3092 اھڙا لفظ مليا جن جو لاڳاپو چرپر سان مليو. معنا جنھن ۾ زندگيءَ جو تحرڪ ھجي، اھي لفظ زندگيءَ جي جنھن بہ ڀاڱي سان مليا انھن جو تصور جسماني ھجي يا ذھني پر ”ھل ھلان“ سان مليو. پوءِ اھو واھ ھجي يا ويد، وڳ ھجي يا واڳ ھجي، واءُ ھجي يا وائي ھجي، وک ھجي يا واٽ ھجي، وڌ ھجي يا واڍ ھجي، واپار ھجي يا وٽ ھجي مطلب پنجانوي سيڪڙو کان مٿي اھڙا لفظ مليا جن جو تعلق حرڪت سان ئي مليو. ھا اھڙا بہ لفظ پيا آھن جيڪي ساڪت ٿيڻ ۾ آھن جيئن ويھڻ، پر انهن جي پويان بہ ھل ھلان جو تصور مليو.
پر پاڻ ھتي اڄ ”و“ سان شروع ٿيندڙ ڪجهہ اھم لفظن تي ڳالھائينداسين جن بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھزارين سالن کان واھپي ۾ ايندڙ اھڙن لفظن جيان ٻاھرين دنيا ۾ اھڙي تہ ڌاڪ ھئين جو واھ واھ ٿي وئي. سو اڄ پاڻ ٿا ڳالهايون وڳ وڳاڻو ۽ واھ تي.
لڳي ائين ٿو تہ ھزارين سال اڳ سنڌي لفظ ”وڳ“ ڪاروان جيان استعمال ٿيندو ھئو. يعني ماڻهن سان گڏ چوپائي مال جو ھڪ قافلو، جيڪو ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ منتقل ٿيندو ھئو. اھو وڳ ھڪ سامان سان گڏ ماڻهن، مال جي ڍوءَ طور ھوندو ھئو. ھزارين سالن جي سفر کان پوءِ اھو ھاڻي اسان ڇڙو جانورن جي ولر يا ڌڻ طور ڪتب آڻيون ٿا، پر اڳي اھو مسافري واري قافلي کي سمجهيو ويندو ھئو.
ھاڻي اھو وڳ وري جنھن جنھن رستي تان گذرندو ويندو ھئو جيڪو پوءِ مستقل ۽ پڪو ٿيندو ويو اھو رستو وري ھوندو ھئو واھ. ياد رھي تہ رستي جي سونھين کي اڄ تائين اسان واھڙو (واھرو) سڏيندا آھيون معنا جنھن کي رستي جي پوري پڪي خبر ھوندي آھي.
اھو لفظ واھ جيڪو رستي کي ظاھر ڪندو ھئو ان کي وري صفت ۾ اسان اڳيان ”وي يا بي“ ھڻي ڪندا آھيون ويواھ، يا بيواھ جنھن جو مطلب آھي جنھن کي جيون گذارڻ جو ڪو پڪو رستو يا سِڌ نہ ھجي يا جيڪا بي وارثي ھجي. اوھان نوٽ ڪيو تہ اتي بہ رستي جي ئي مراد نڪري ٿي.
وري مٿين وڳ ۽ واھ جي مونجهاري ۾ ڪو اچي وڃي تہ صفت ڏيندا آھيون ويڳاڻو. معنا جنھن جي رستي جي خبر نہ پوي، يا منجهيل ھجي.
ھاڻي اچون ٿا انھن ٽنھي لفظن جي سفر طرف تہ ڪيئن انھن لفظن يوناني ۽ لاطيني وسيلي جديد انگريزيءَ سان گڏ لڳ ڀڳ سڀني اولهائين ٻولين ۾ ڪيئي لفظ ڏنا.
ھتي سنڌي ٻوليءَ جي بڻيادي لفظن جي يورپي لباس ۾ ڏسنداسين:
- وڳ، واڳ، وڳڻي (wagon)
- واھ (way)
- ويڳاڻو (vague)
پر متان اھو سوچيو اٿوَ تہ اھا لسٽ بس اتي ئي پوري ٿئي ٿي. ھاڻي ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز ۽ ڊاڪٽر ڪارل ڊارلنگ بڪ صاحبان جن ھارپر ڊگلس ۾ جيڪا ڊگهي لسٽ ڏني آھي اھا ھن ريت آھي:
PIE word “weigh” forms all or part of: always; away; convection; convey; convex; convoy; deviate; devious; envoy; evection; earwig; foy; graywacke; impervious; invective; inveigh; invoice; Norway; obviate; obvious; ochlocracy; ogee; pervious; previous; provection; quadrivium; thalweg; trivia; trivial; trivium; vector; vehemence; vehement; vehicle; vex; via; viaduct; viatic; viaticum; vogue; voyage; wacke; wag; waggish; wagon; wain; wall-eyed; wave (n.); way; wee; weigh; weight; wey; wiggle.
سو منھنجا دوستو! ان ”و“ جي ول ولان جيان پاڻ ولوڙيو ۽ ڏسو تہ سنڌي ٻولي ڪٿي ڪٿي پئي ٿي گهمي ڦري.




