وقت ٻڌائڻ بابت سنڌي لفظ ۽ انهن جو ڍنگ

جيڪڏھن انگ ھجي ”4:45“چار ڪلاڪ پنجيتاليھ منٽ تہ سادي نموني سان ائين چئبو: پوڻا پنج ڪلاڪ.
ھاڻي وقت ٻڌائڻ وقت اڌ، سوا، اڍائي يا پوڻائپ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اصول ڇا آھي؟
اھو سمجهو.
ھڪ ڪلاڪ ۾ 60 منٽ آھن. سٺ کي 4 سان ونڊ ڪبي تہ ٿيندا 15 منٽ.
ھاڻي سنڌيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو ٽائيم پڇي تہ ھيٺينءَ ريت ٻڌايو ويندو:
جيڪڏھن 00:30 منٽ ٿين يا ھجن تہ ٽيھ منٽ بہ سڏبا تہ اڌ ڪلاڪ بہ سڏبو؛
جيڪڏھن 00:45 منٽ ٿين يا ھجن تہ پنجيتاليھ منٽ بہ ڪوٺبا تہ منو ڪلاڪ بہ چيو ويندو؛
جيڪڏھن 1:00 ٽائيم آھي تہ چئبو ھڪ ٿيو آھي؛
جيڪڏھن 1:15 ٽائيم آھي تہ چئبو سوا ھڪ ٿيو آھي؛
جيڪڏھن 1:30 ٽائيم آھي تہ چئبو ڏيڍ ٿيو آھي؛
جيڪڏھن 1:45 ٽائيم آھي تہ چئبو پوڻا ٻہ ٿيا آھن.
پر جيڪڏھن ٽائيم ۾ 2 ڪلاڪ جو انگ ھجي تہ ھاڻي اصول ھيٺينءَ ريت ٿيندو:
جيڪڏھن 2:00 ٽائيم آھي تہ چئبو ٻہ ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 2:15 ٽائيم آھي تہ چئبو سوا ٻہ ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 2:30 ٽائيم آھي تہ چئبو اڍائي ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 2:45 ٽائيم آھي تہ چئبو پوڻا ٽي ٿيا آھن.
پر جيڪڏھن ٽائيم ۾ 3 کان ويندي 12 ڪلاڪن جا انگ ھجن تہ وقت ٻڌائڻ مھل ھيٺينءَ طرح اصول ٿيندو:
جيڪڏھن 3:00 ٽائيم آھي تہ چئبو ٽي ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 3:15 ٽائيم آھي تہ چئبو سوا ٽي ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 3:30 ٽائيم آھي تہ چئبو ساڍا ٽي ٿيا آھن؛
جيڪڏھن 3:45 ٽائيم آھي تہ چئبو پوڻا چار ٿيا آھن.
ھاڻي اھو اصول 12 ڪلاڪن تائين ساڳيو ئي رھندو.
سواڻ، ساڍاڻ ۽ پوڻاڻ کي سمجهو:
چوٿائيءَ ¼ وقت کي سڏبو سوا
½ وقت کي چئبو ساڍا
¾ وقت کي چئبو پوڻا
ھاڻي اوھان سنڌي انگن کي اکرن ۾ لکڻ جا اصول سمجهي ڇڏيو:
1 تہ انگ ٿيندو ھڪ، 2 تہ ٿيندا ٻہ. ھاڻي سوَ تائين اھا سنڌي ٻوليءَ ۾ ھيٺينءَ ريت آھي.
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ انگن ڳڻڻ جو اصول:

  1. ھڪ
  2. ٻہ
  3. ٽي
  4. چار
  5. پنج
  6. ڇھ
  7. ست
  8. اٺ
  9. نَو
  10. ڏھ
  11. يارھن
  12. ٻارھن
  13. تيرھن
  14. چوڏھن
  15. پنڌرھن
  16. سورھن
  17. سترھن
  18. ارڙھن
  19. اُڻويھ
  20. وِيھ
  21. ايڪوِيھ
  22. ٻاوِيھ
  23. ٽيوِيھ
  24. چووِيھ
  25. پنجوِيھ
  26. ڇوِيھ
  27. ستاوِيھ
  28. اٺاوِيھ
  29. اڻٽيھ
  30. ٽيھ
  31. ايڪٽيھ
  32. ٻٽيھ
  33. ٽيٽيھ
  34. چوٽيھ
  35. پنجٽيھ
  36. ڇٽيھ
  37. ستٽيھ
  38. اٺٽيھ
  39. اڻيتاليھ
  40. چاليھ
  41. ايڪيتاليھ
  42. ٻائيتاليھ
  43. ٽيتاليھ
  44. چوئيتاليھ
  45. پنجيتاليھ
  46. ڇائيتاليھ
  47. ستيتاليھ
  48. اٺيتاليھ
  49. اڻونجاھ
  50. پنجاھ
  51. ايڪونجاھ
  52. ٻاونجاھ
  53. ٽيونجاھ
  54. چوونجاھ
  55. پنجوجاھ
  56. ڇاونجاھ
  57. ستونجاھ
  58. اٺونجاھ
  59. اڻھٺ
  60. سٺ
  61. ايڪھٺ
  62. ٻاھٺ
  63. ٽيھٺ
  64. چوھٺ
  65. پنجھٺ
  66. ڇاھٺ
  67. ستھٺ
  68. اٺھٺ
  69. اڻھتر
  70. ستر
  71. ايڪھتر
  72. ٻاھتر
  73. ٽيھتر
  74. چوھتر
  75. پنجھتر
  76. ڇاھتر
  77. ستھتر
  78. اٺھتر
  79. اُڻاسِي
  80. اسِي
  81. ايڪاسِي
  82. ٻياسِي
  83. ٽياسِي
  84. چوراسِي
  85. پنجاسِي
  86. ڇھاسِي
  87. ستاسِي
  88. اٺاسِي
  89. اڻانوي
  90. نوي
  91. ايڪانوي
  92. ٻيانوي
  93. ٽيانوي
  94. چورانوي
  95. پنجانوي
  96. ڇھانوي
  97. ستانوي
  98. اٺانوي
  99. نوانوي
  100. سئو
    ياد رکي ڇڏيو تہ ٽائيم (جيڪو 60 يعني سٺ منٽن تي مشتمل ھوندو آھي انڪري 15، 30 ۽ 45 منٽ ۾ ٿيندو سوا، ساڍا (ھڪ ھجي تہ ڏيڍ، ٻہ ھجن تہ اڍائي).
    پر 14 منٽ ھجن يا 16 منٽ، 29 منٽ ھجن يا 31 منٽ ھجن، 44 منٽ ھجن يا 46 منٽ ھجن انهن کي سڌو اکرن (يا عددن) ۾ لکبو.