سن 2050 ۾ سنڌ ڪٿي ھوندي؟

مان سمجهان ٿو تہ ھتي معروضي ٻڙڌڪي واري صورتحال ۾ منھنجي ھيءَ ڳالهہ جھڙوڪ ڄٽ جو خواب لڳندي پر اسان ھزار ڀيرا ان ڳالهہ تي نہ سوچيون.. پر ائين ٿيندو تہ صحيح!
اسان جي ڪنھن بہ سياسي ڌُر، سماجي تنظيم يا ڪنھن انفرادي طور تي آڙيڪاپ ڄاڻوءَ وٽ اھو سوال ڪڏھن اڀريو آ تہ سنڌ 2050 ۾ ڪھڙي ھجڻ کپي؟ ھتي مان ڄاڻي واڻي 2030 يا 2040 جو مدو ناھي رکيو.. پر 2050 انڪري رکيو اٿم جو اڄ کان ٽيھ سال پوءِ ھڪ نئون نسل اسان جي جڳھ تي اچي نئين طرح سان سوچيندو، لوچيندو ۽ دنيا جھان کي پنھنجو پاڻ آڇيندو يا دنيا ان کي ڪجهہ آڇيندي…
ظاھر آھي تہ ان وقت اسان مان اڪثر مري کپي چڪا ھوندا، يا ڪافي لٺ جي سھاري ھوندا.. پر ان وقت جيڪو نسل سنڌ جي سڃاڻپ ھوندو اھو يا تہ اڃا مائرن جي پيٽ ۾ آھي يا وري پيٽ ۾ اچڻ جي انتظار ۾ آھي يا وري اڃا بانبڙا پيو پائي… سو اسان جو مُک ٽارگيٽ گروپ اھوئي ٻار آھي.
ھاڻي ان ٻار لاءِ اسان وٽ ڪھڙا گس آھن ۽ انھن لاءِ ڇا خواب آھن؟ ڇا اھي خواب بہ اسان جي ئي مدي خارج دماغ جا پيداوار آھن…. مدي خارج انڪري لکيو آھي جو اھو ضروري ناھي تہ جيڪا منزل اسان سمجهون ٿا تہ 2050 ۾ اھائي منزل ان ايندڙ نسل جي بہ ساڀيا ٿئي.
دنيا جھان ۾ سبجيڪٽو تعليم ھاڻي فرسودي ۽ بيڪار ٿيندي پئي وڃي. جينيٽڪس انجنيئرنگ اھا ڳالهہ ثابت ڪري چڪي آھي تہ ھر ٻار پنھنجي اندر ”ڄام“ ٿي پيدا ٿيندو آھي. ھر ٻار جي اندر سندس خاص مھارت سانڍيل ھوندي آھي. معنا ھر ٻار جي اندر ھڪ انوکي صلاحيت لڪيل ھوندي آھي، جنھن جي مٿان اسان پنھنجي خواھشن جي قلعي چاڙھي ان جي ”اندرپڻي“ کي قتل ڪري ڇڏيندا آھيون. ھاڻي تہ اھو بہ نظريو بلڪل ناسور زخم جيان ختم ٿيندو پيو وڃي تہ ”استاد انسان ساز“ ٿيندو آھي. جديد نفسيات جا ماھر اھو ٿا چون تہ اھو نظريو تاريخي طور تي غلط ثابت ٿيو آھي. درحقيقت اسان ”انسان ساز“ نہ پر ”روبوٽ ساز“ آھيون. پنھنجي ايندڙ ٻارن جي مٿان پنھنجي خواھشن جا تعبير ڏسڻ جا خواھسمند اسان سچ تہ پنھنجي ٻارن جي صلاحيتن جا قاتل آھيون.
انھن مٿان پنھنجا سڙيل ڳريل نظريا ٿاڦي، انھن کي ريس جا گهوڙا ٺاھڻ جي چڪرن ۾ آھيون. ۽ اھا ڳالهہ يورپ سمجهي ويو آھي. انڪري ئي اتي تعليم جا بنياد ھڻي مٽجي چڪا آھن. مان يورپي ملڪن ۾ ڏٺو آھي تہ اتي جا دبنگ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ”ٻاھران آيل شاگردن“ جي فيسن سان ھلن ٿيون. جيڪي ھاڻي اھي فيڪٽري جيان ھلائين پيا. اوھان يورپي ملڪن ۾ گريجوئيٽ نوجوان گهٽ ڏسندا. (اوھان کي ان ڳالهہ تي عجب لڳندو.. پر حقيقت اھا ئي اٿوَ) سو ھنن پنھنجي نسلن لاءِ تعليم غير رواجي ڪري ڇڏي آھي. دنيا ۾ روزگار لاءِ ٺھندڙ سي ويون (CVs) جو خاتمو پيو ٿئي، ھاڻي نوڪري ڏيندڙ ادارا خواھشمندن جا ”گُر ۽ مھارتون“ پيا تپاسين… اھو ڏسن ئي نہ ٿا تہ ھو ڪيترو پڙھيل آھي پر اھو ٿا ڏسن تہ ”اميدوار“ کي ڪرڻ ڇا ٿو اچي!
انڪري ئي ھاڻي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ووڪيشنل مھارتون اڳتي پيون اچن، گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي دبنگ ڪمپني مائڪرو سافٽ پنھنجي ملازمن مان چاليھ سيڪڙو ملازم ڪڍي انھن جي جڳھ مھارتون رکندڙ کليل وسيلن (Open Source) مان ماڻھو کڻي آئي آھي. گوگل، نوڪيا، مائڪرو سافٽ ۾ ڀارتي منڊي ان ڪري اڳتي آئي آھي جو انھن غير نصابي فارمولا ٺاھي پنھنجا ايجاد ڪيل سرشتا ڏنا آھن. ٻي نمبر تي جرمني آھي جتي جا ماھر سائنسدان ھاڻي يونيورسٽين جي نظرين کي پٺي ڏئي نوان نظريا ڏنا. دوستو پورو يورپ ھاڻي افرادي قوت جي حساب سان سڃو ٿيندو پيو وڃي. انڪري ايندڙ انساني کيپ ڪٿان ايندي؟ اھو وڏو سوال آھي.
سوال انتھائي سادو آھي. پر سوچيو…. مان ھيءَ ڳوٽ اوھان جي سامهون رکي آھي. سوچيو.. ايندڙ نسل لاءِ سوچيو.. تعليم جي موجود سرشتي تي نہ ڀاڙيو پر ڪجهہ ٻارن کي بہ چتائي ڏسو… انهن جي اندر ويٺل ڪلا تي ٿورو اک رکو…..
۽ پوءِ ٿورو وقت ڪڍي ان ڳالهہ تي سوچيو تہ ايندڙ 2050 ۾ سنڌ ڪٿي ھوندي؟