ويڙه ٻول جو سفر

سن 1854ع ۾ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي ڪوش تيار ڪيو ھئو اھو ديواناگري لکت ۾ ھئو، جنھن کي بعد ۾ مانواري ڊاڪٽر فھميدہ حسين جن عربڪ پرسو لکت ۾ آڻي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شايع ڪرايو ھئائون تنھن ۾ ”ويڙه“ ٻول جون انگريزيءَ ۾ ھيٺيون معنائون ڏسيل آھن:
ٻول ويڙُه:
Surrounding, besieging, seizing, encircling. A kind of plain finger ring.
ٻول ويڙِه:
Fighting, quarrelling, thick, dense grove of trees. A thicket.
وري ڊاڪٽر نبي بخش خان جي ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ان ٻول جون جيڪي مختلف معنائون ڏسيل آھن تن ۾ مکيہ معنائون ھيٺينءَ ريت آھي:
ويڙِهُ جمع ويڙِهِيُون، ويڙِهُون: ”لڙائي، جنگ، يُڌُ، جُڌُ، رَزمُ. جهيڙو، ٽنٽو، رڳڙو. گهاٽو جهنگ، ڳُتيل جهنگ. (ڪ). گهاٽا وڻ، جهُمٽ، جُوهر، جُهو. (اسم خاص).ولين ٻُوڙن واري سائي زمين.
ويڙ‏هُ جمع ويڙَه: گهاٽا وڻ، وڻن جو جهڳٽو، ويڙهو.عورت جي آڱر جو ڳَھَ جو هڪ قسمُ (ويڙھ تہ ويڙهي ٿو آڱر سندو سنڌ) (زيور نامو ميان فضل الله). مُنڊيءَ جو هڪ قسم، ويڙهي واري مُنڊي (جا خاص شاديءَ ۾ ڪم اچي). ڪورين جي اصطلاح ۾ اُڻيل ڪپڙي مان تاڪيو ڦاڙڻ بعد باقي تُر تي ويڙهيل ڪجهہ ڪپڙي جو ٽُڪر. (ت). ڌوٻين جي اصطلاح ۾ کُنڀ تي چڙهيل ڪپڙن مٿان ويڙهيل ڪپڙو. (ت). درياءَ جي ٻيڙيءَ جي سڙھ جي ٻاهرين ڪنارن سان ٻَڌل نوڙي. (ن، بلوچ). (ذ . صفت). ويڙهيل، گول مول، پيچدار، وڪڙيل.
حوالو ڏسو ھتي: https://dic.sindhila.edu.pk/index.php…
وري تازو سن 1985ع ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز نالي سان ھڪ کاھوڙيءَ ھارپر ڪولنز پبلشر پاران آمريڪا ۾ ھڪ لغت مارڪيٽ ۾ آندي جنھن جو نالو آھي: The American Heritage Dictionary Of Indo-European Roots. ھن لغت بابت پبشلر لکن ٿا تہ: ”آميريڪن هيريٽيچ ڊڪشنري آف انڊو يورپي روٽس ۾ لڳ ڀڳ 13,000 انهن جديد انگريزيءَ جي لفظن جا 1350 اصل ڌاتُو ٻول چِٽا ڪيا ويا آھن، جيڪي جديد عالمي ٻولين جا ڌاتو ٻول ھئا. اصل ۾ اھي ٻول ان ٻوليءَ جا آھن جيڪا جديد انگريزيءَ جي ماءُ ٻولي رھي آھي جنھن ۾ لساني حساب سان زبردست قانون موجود ھئا. ھن ڊڪشنري ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز جو هڪ بڻيادي مقالو پڻ شامل آهي، جنھن ۾ ھن صاحب اھو ٻڌايو آھي تہ لکتن کان بہ اوائلي ھڪ قديم ٻوليءَ جا لفظ سامهون رکي ٻيھر جوڙجڪ ڪري سگهجن ٿا جيڪا ھڪ عظيم سماج جي ٻولي ھئي. جنھن جو اسان ھن وقت ھڪ خيالي نالو ”سنڌو ٻولي“ ئي رکي سگهون ٿا.“
ان ئي لغت ۾ ڊاڪٽر واٽڪنز لکيو تہ انگريزي ٻول (wood) جو بڻياد ان اوائلي ٻوليءَ ۾ (widhu) جي شڪل ۾ ملي ٿو جنھن جو مطلب وڻ ۽ جهنگ ملي ٿو. ساڳيءَ ريت وري انگريزي ٻول (wind) جيڪو ھاڻي پاڻ ويڙهڻ طور انگريزيءَ ۾ چئون تہ ڦلاڻي شئي جي وائينڊنگ ڪرڻي آھي تنھن لاءِ پڻ مٿيون لغتدان چوي ٿو تہ ان جو اصلوڪو ٻول پڻ اوائلي سنڌو جو ٻول (wendh-) آھي.
وري ھڪ ٽيون ٻول پڻ آھي جيڪو لفظ اڄڪلهہ ھر پاسي عام لڳو پيو آھي يعني جنگ، جنھن کي انگريزيءَ ۾ سڏين ”وار“ (war)، ان ٻول جو بڻياد پڻ مٿيون صاحب چوي ٿو تہ ھي ٻول پڻ ھزارين سال اڳ قديمي ٻوليءَ جو لفظ (wer) آھي.
ڊاڪٽر واٽڪنز کي ئي ھٿي ڏيندي انگريزيءَ ۾ ڪتب ايندڙ لفظن جي بڻ بڻياد تي ڪم ڪندڙ اداري گارپر ڊگلس جي پڻ آن لائين ايڊيشن ۾ بلڪل مٿيان ئي حوالا ملن ٿا جيڪي ھيٺ رکجن ٿا:
وڻن واري ويڙه ۽ ووڊ
https://www.etymonline.com/word/wood#etymonline_v_10834
ويڙھڻ واري وائينڊنگ
https://www.etymonline.com/word/wind#etymonline_v_10774
ويڙه واري وار
https://www.etymonline.com/search?q=war
ھاڻي ھلندي ھلندي اوھان کي ھڪ پنھنجي پاران ھڪ چوٿون ٻول پڻ سليندو ھلان تہ انگريزيءَ ٻولي ۾ تيز گهلندڙ ھوا کي سڏين ”وِنڊ“ (wind)، خبر اٿوَ اھو ٻول پڻ اوائلي سنڌو ٻول ”وِڃُ“ اٿو. مٿي جتي ويڙھڻ واري ”وِنڊ“ ڏسو ٿا اتي ئي ان جو پڻ حوالو اوھان کي ملي ويندو.
دوستو! ھي سڀ ڳالهيون مان ان ڪري پڻ ھتي سليان ٿو تہ اھا پڪ ڪريو تہ اڄڪلهہ واري اسان جي سُڃائيءَ جي ابتڙ، ھن ڌرتيءَ جي تھذيب، ٻوليءَ ۽ ثقافت آڳاٽي وقتن ۾ دنيا کي تمام گهڻو ڏنو ھئو، ايترو ڏنو ھُئو جو اڄ اوھان اعتبار ئي نہ ٿا ڪري سگهو. ان جو سبب اھو آھي جو صدين جي غلاميءَ ۽ آقائن جي ڏسيل ڏسن تي لڳندي ۽ انهن جي ڏنل نصابن جي ڪري اڄ پاڻ سڀ پنھنجي وجود، پنھنجي ٻوليءَ تان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏھن پيار آھي بہ تہ ڇڙو اھو ھنبوڇيون ھڻڻ تائين، سال ۾ ڪي ڏھاڙا ملهائڻ تائين… ايستائين جو اڄ اسان جا وڏن وڏن اڪابرن کي پنھنجي ماتر ٻوليءَ جي املهہ ٻولن مٿان ڌارين ٻولن جا تھ چاڙهيندي، کين ٽڪي جيترو بہ اھو خيال ناھي ايندو تہ اسان پنھنجي ٻوليءَ جو ڪيڏو تہ من موھيندڙ اتھاس وڃائيندا رھون ٿا ۽ ان کي ھاڃو پيا پھچايُون!