مصنوعي ذھانت جو ميدان ايڏو تہ وسيع، ايڏو تہ ڦھليل آھي جو ھن جي جديد ڍانچن کي ٺاھيندڙ بہ اُٺ پيرو ٺاھي ڇڏي ھليا ويا. اسان وٽ نوانوي سيڪڙو نو نو نو نو نو (99.99999%) ماڻهو مصنوعي ذھانت جي ”مصنوعات“ کي استعمال ڪندڙ يعني واھپيدار آھن. (مزي جي ڳالهہ تہ درست معنا ۾ کين اھي ٽول بہ اڃا ھلائڻ نہ ٿا اچن!) سو اھي واھپيدار تہ ھر ھنڌ، ھر جاءِ عام جام ڀريا پيا آھن. سچ اھو آھي تہ ھتي ھرڪو پيو ٿو ھن ”مصنوعي ذھانت“ واري رانديڪي سان کيڏي، انڪري جو ڪا جهل پل تہ ناھي ان لاءِ! جيئن مٿي نامياري مورخ سائين مختيار ملاح صاحب جن چيو تہ: ”اي آءِ ھڪ اھڙو جادو آھي جنھن جي ھر ننڍي وڏي کي خبر آهي. سائنسي معجزن لاءِ سکيا جي ضرورت نہ رھي آھي.“ ڏٺو وڇي تہ اھا بلڪل درست ڳالهہ آھي. پر ھتي ھڪ اھم ڳالهہ سوچڻ ضروري آھي ۽ ان ڳالهہ جي نکيڙ اسان کي ضرور ڪرڻ گهرجي؛ تہ اسان ھن اي آءِ جا گراھڪ آھيون يا اي آءِ جي ماڊلن جا ٺاھيندڙ؟ بس جڏھن اسان اھا مام سمجهي وياسين تہ ڳالهہ پڌري ٿي ويندي. پاڻ ھتي ڪي حتمي داعي ناھيون تہ اسان ڪيترا ڦاڙھا ماريا آھن، پر اسان اھو چئون تہ پاڻ تہ اڃا پٽي کنيون ان جي ڪچي پھرين جي شاگرد جي حيثيت ۾ واڇ گودو ڪيون پيون ٿو ھٿوراڙيون ھڻون تہ سنڌي ٻوليءَ جي قد ڪاٺ آڌار ان جي ڊيٽا ۽ ان جو نرالو ڍنگ اي آءِ جو مکيہ ماڊلن ۾ ڪيئن پورو سمائجي وڃي!
ھاڻي اوھان ھڪ ڳالهہ جو اندازو لڳايو تہ جامع سنڌي لغات ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ھزار مصدر آھن. اسان جي اندازي موجب ھر مصدر جون گرداني شڪليون لڳ ڀڳ ست کان اٺ سئو جي وچ ۾ آھن. اڃا بہ پاڻ صفا ھيٺ لھي اندازو لڳايون تہ مٿين فارمولي آڌار 3500 کي 700 سان ضرب ڏجي تہ ڇا جواب ايندو؟ ”ساڍا چوويھ لک لفظ“ ھاڻي مون کي ڪو عقل جو صاحب، ڪو ٻوليدان، ھتي مصنوعي ذھانت جو داعي ٻڌائي سگهندو تہ انهن ساڍن چوويھ لک لفظن جي صرفي، نحوي حالت آواز سميت ھر لفظ جي ”ھِجي“ ۾ اعرابن سميت ۽ اعرابن کانسواءِ ڪٿي ڪو ڊيٽاسيٽ ملي ٿو؟ ڇا ھن قسم جو نرالو ڪم اڳ ۾ ڪٿي ٿيو آھي؟
ھلو ڇڏيو ھن دماغ لوڏيندڙ ڪم کي. اوھان کي ياد آھي تہ اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ سائين محمد ابراھيم جويي صاحب ۽ الانا صاحب وارن ھڪ ننڍڙي ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻيادي لغت“ تيار ڪئي ھئي، جنھن ۾ پھريان ھزار لفظ جيڪي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿين ٿا، وري ڪي پنج ھزار لفظ ھئا اھا ڇپرائي پڌرو ڪئي وئي ھئي. ڀلا ھيڏن سالن کانپوءِ اڄ جڏھن لفظ ”سير، پاءُ، آنو، ٽپالي، بيلدار“ وغيرہ جھڙا عام نہ پيا واپرائجن تہ گذريل ڏھن سالن اندر نوان ڪھڙا لفظ سنڌي ٻوليءَ آيا آھن انهن تي مشتمل ڪا ”جديد سنڌي ٻوليءَ جي بڻيادي لغت“ ڇپرائجي! آھي ڪنھن اداري وٽ اھو خيال؟ وڏي ڏک سان چوڻو پوندو تہ اسان وٽ اھڙا نرالا خيال اوھان کي ڪٿي بہ نہ ملندا.
ھا اسان جي ڪجهہ ٻوليءَ جي ماھرن ڪم ڪيو آھي، پر ڪتابي حالتن ۾، جيڪو بہ جديد ميڊيم سان ھڪ ڪرو ٿيڻ وڏو ڏکيو آھي. اسان وٽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاجب جن، ڊاڪٽر فھميدہ حسين صاحبہ، ڀلو ڪم ڪيو آھي. ٻوليءَ جي انتھائي پيچيدہ پيچرن تي سائين سراج صاحب ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪم اصل انت آھي. پر ھاڻي مٿين سڄي ڪم کي اڳتي وڌائيندي، ڦھلائيندي ۽ کٽل ڪم کي گهٽ ۾ گهٽ اڄ تائين پورو ڪرڻ ۾ ڪير آھي؟
ڊجيٽلي اسان شروع ڪيو ھئوسين، سنڌي ورڊنيٽ جو پروگرام ”عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ“ ۾ پر جيڪي حالتون ٿيون اوھان سامهون آھن. مان صرف چادر جو ھڪ پلئہ کڻي سنڌي سماج کي ڏيکاريو تہ ھتي ڇا ٿي رھيو آھي؟ اصل ڪم آھن ڪھڙا؟ ۽ اصل ڪم ڪندڙن سان ٿي ڇا رھيو آھي؟ پر ماتم اھو آھي جو انهن سوالن جا جواب ملڻ تہ پرتي رھيو، پر ھتي عام ماڻهو لڳي ويا جوئان ڪڍڻ ۾، ڪردار ڪُشي ڪرڻ ۾! بغير ڪجهہ ڄاڻي بغير ڪجهہ سوچي سمجهي!
نہ کين منھنجي ڪا خبر نہ ڄاڻ! مان اڄ بہ ٿو چوان تہ ھي جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي پي ايڇ ڊين جا پٽڪا پائي ويٺا آھن انهن ھن پاسي ڪا توجھ ڏني آھي؟
”بلڪل بہ نہ“
ھتي مان ھڪ کلي چنوتي ٿو ڏيان.
پوري سنڌي ڪتابن ۾ ڪٿي بہ اوھان کي سنڌي ٻولن جي بنيادي فارمولن تي ڪو ڪتاب نہ ملندو. (شرم جوڳو مقام آھي)
فارمولو معنا: ھزارين سال اڳ جيڪڏھن ”ڏُک، سُک، ڏوک، اوک، سوک وغيرہ“ جا لفظ سرجيا ويا ھئا تہ اھي لفظ ائين ڇو ٿيا؟ ”ڏ“ جي آواز ۾ ڇا آھي؟ ”ک“ جي آواز ۾ ڇا آھي؟ ”س“ جي آواز ۾ ڇا آھي؟ وچ ۾ ”و“ وارو آواز آيو تہ ڇو آيو؟
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيڍ سُرا لفظ جن جو پھريون اڌ سر ۽ بعد ۾ پورو سر جھڙوڪ ”اُڀو“ جھڙا لفظ جيڪي بہ آھن جيئن: ”اڀو، چٻو، سڌو، گهٻو، ٿٻو، ٽڀو، ببو، ڪُٻو، دٻو….“ وغيرہ لفظ آخر ڪا خاص شڪل ڇو ٿا ٻڌائين؟ (پڪ ڄاڻو ڪو فارمولو ھوندو!) ھاڻي انهن فارمولن تي ڪو صاحب، ڪا صاحبہ، ڪو مدبر، ڪو پاٺڪو تڪليف ڪري تحقيق ڪندو؟
ياد رھي تہ سنڌي آوازن ۾ ھن قسم جا لڳ ڀڳ اڍائي سئو کان مٿي فارمولا آھن. پر اوھان کي ورلي ڪو ھن پاسي سوچيندڙ ئي ملندو! (جي مليو تہ اھو معجزو ھوندو)
پر مٿين ڳالهين جي ابتڙ، ھتي سڀ جو سڀ اوھان کي نظر ايندا ”اڳ ۾ ليڪيل ليڪُن مٿان ليڪا پائڻ ۾ پورا!“ ھاڻي جڏھن ٻوليءَ جھڙي سائنس کي ھتي اديبن جي حوالي ڪرڻ جا ھي انياءَ ٿين تہ ڇا سنڌي ٻوليءَ جي جدت تي ڪو ھتي ڪم ٿيندو؟ (سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي)
قبلا سائين، اسان جذباتي مارونئڙا جهانگيئڙا آھيون. اھي ڏکيا ڪم آھن. انڪري ھتي ھرڪو ھر مال ڏھ رپيا جي ريڙهي تي ھوڪا ڏيندو پيو ملندو آھي! مان مائڪرو سوفٽ جي آفيس ۾ جيڪو سسٽم ھڪ ٽيبل اڳيان رکيون ڪم ٿو ڪيان ان جي قيمت پاڪستاني ڪرنسيءَ جي حساب سان سوا ڪروڙ رپين جي ويجهو آھي. ھاڻي ٻڌايو تہ اسان جي سنڌ حڪومت يا سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ۽ سنڌ جي پلاننگ ڊپارٽمينٽ تہ پرتي رھيو، اسان جا گهڻا ادارا آئيندي جي برڙ باڪاس چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھن؟
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سميت اسان جي يونيورسٽين جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽن جي ڪمپيوٽرن تي ڇا لائسنس وارا ونڊوز لڳل آھن؟ ھوندا، پر اٽي ۾ لوڻ برابر!
سو سائين ڪھڙا پيا ٿا سور جاڳايو….!
خير… ھاڻي پاڻ انڊسين ٽيڪنالاجيز جي نالي سان ھڪ آءِ ٽي ڪمپني کولي آھي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي سٻاجهڙن جو اھو مهڻو تہ نہ ھوندو تہ سرڪاري پئسن تي ٿا ڪم ڪن! سرڪاري بجيٽون جيڪي ھيون انهن مان ٻہ ڪمپيوٽر بہ نہ اچي سگهن ھا. پگهارون تہ پري جي ڳالهہ آھي سائين!
سو ھن قسم جي مسئلن تي ھاڻي واھ جو لکندم، ڳالهائيندم. پر ٿورو ڦاٿل آھيان، ڪجهہ آفيشل ڪمن ۾. سو لڳي ٿو تہ ھاڻي پاڻ کان نوڪريءَ وارو احساس گهڻو برداشت نہ ٿيندو. ان ڪري جلد ئي سنڌ واپس ورنداسون! لڳي ٿو آگسٽ ۾ ئي سامهون ٿينداسين. پوءِ پاڻ وارا حاڪم ماڻهو ڳڻيندا تہ گهڻين ويھين سئو ٿيندو آھي. انشاءَ الله جلد ئي.
(آخري اکر: ھن نوٽس ان گڏ ھڪ اسڪرين شاٽ گڏي رھيو آھيان. ياد رھي سنڌي لفظن جي ڊيٽا ۾ ھڪ لفظ جي ھيءَ پکيڙ آھي. اندازو ڪجو، فعلي گردان ۾ ساڍا چوويھ لک لفظ ائين ئي تيار ٿيڻا آھن، آوازن سميت)




