ونواھ جيڪو اصل ۾ آھي وڻ + واھ معنا وڻڻ جو رستو

ھي لفظ پنھنجي اندر ۾ ھڪ وڏي معنا ۽ پس منظر رکي ٿو. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ائين چئجي تہ ڪنوار جي وهانءَ کان اڳ جسماني طور تي ٺاھ ٺوه ۽ ان کي ذھني طور تي مڙس سان پريتڙي ڪرڻ جي ماھر بڻائڻ.
لفظ ”وڻ“ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ھڪ تہ آھي وڻ (اھو فارسيءَ وارو درخت) ٻيو وري آھي فعل جنھن ۾ عام طور تي ڪو ڪنھن کي وڻي وڃي، معنا ٺاھوڪو يا ٺاھوڪي لڳي، پسند ڪرڻ. جيئن پاڻ چوندا آھيون تہ ڦلاڻي شيءِ مونکي وڻي ٿي. (پر اھا ڳالهہ ذھن ۾ ھجي تہ اتي ”ڻ“ اکر کي زبر آھي.) پر جڏهن اوهان ان ”ڻ“ کي زير ڏيندا تہ اھو لفظ صرف مادي جسم لاءِ ٿيندو. جيئن ”وڻِي“. اھا وڻِي ئي آھي جيڪا اسان وٽ پوءِ ”وني“ ٿي، ۽ اھا وني معنا زال ئي آھي.
”وڻ“ لفظ جي لڪل ھڪ ٻي بہ معنا آھي، جنھن ۾ اھو تپڻ، گرم ٿيڻ جي معنا ۾ ورتو ويندو آھي. مثال اسان وٽ چوپايو جانور جڏهن لڳڻ جي مند ۾ ايندو آھي تہ اھو ”وڻبو“ بہ آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳتي ھلي اھوئي لفظ وري ھڪ نئين شڪل مٽي. ڻ تبديل ٿي ھ ر ۾ مٽجي ٿو. جنھن کي پاڻ وري سڏيندا سين ”وهر“. اصل ۾ اھي ھڪ ئي ڪيفيت جا مختلف اسم آھن. ان لفظ کي سنڌ جي ھڪ لهجي ۾ اھو وڻ ”ووڻ“ بہ سڏجي ٿو.
خير بنيادي طور تي اھو پيدائش جي عمل ۾ عام استعمال ٿيندڙ لفظ آھي.
گهڻو اڳ پنھنجي سنڌ ۾ ٿيندو ڇا ھئو جو، ڪنوار ۽ گهوٽ کي وهانءَ کان ست ڏينھن اڳ سندن ڪمرن ۾ لڪائي انهن جي تياري ڪرائي ويندي ھئي. ڪنوار سان گڏ ھڪ تجربيڪار پڪي مائي گڏ ھوندي ھئي (اڪثر اھي مايون دايون ھونديون ھيون) جيڪي ڪنوار کي ھيڊ، اٽي، زعفران ۽ مختلف جڙي ٻوٽين مان ٺھيل ملمون ھڻي ان جو رنگ چٽو ڪنديون ھيون. نہ صرف اھو پر اھي مايون ”ڪاما سترا“ (جيڪو جنسي علم جو بھترين ڪتاب ھيو ۽ آھي) ان ڪتاب جي روشنيءَ ۾ ڪنوار کي جنسي ميلاپ سيکارينديون ھيون. سئين سڌي ڳالهہ تہ اھي وڻڻ جا رستا ڪنوارين کي عملي طور تي ڪري سمجهائينديون ھيون. ھوڏانھن وري گهوٽ سان بہ ساڳي طور ڪو پڪو مرد ۽ پڪي مائي کيس بہ سينگاريندا ھئا ۽ جنسي ڪرتب سيکاريندا ھئا. اسان وٽ 712ع کان پوءِ جيئن پنھنجو پيارو دين اسلام اچي ويو، سو اھي سڀ ڳالهيون ”هندو مت“ جون ليکي ختم ڪيون ويون. ھڪ اھم ڳالهہ اھا بہ اھي ونواھ جون اعلا ترين رسمون برهمڻن وٽ وڏي شان ۽ مان سان ملهايون وينديون ھيون. جڏهن تہ ان جي ابتڙ ھيٺين ذاتين ۾ اھي رسمون گهٽ ھونديون ھيون، پر ملهايون ضرور وينديون ھيون. ڇوتہ اسان سنڌي مسلمانن جي اڪثريت جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا اھي ھيٺين ذاتين جي ھجڻ ڪري ايڏي مان سان نہ ملهائيندا ھئاسين، سو اھا رسم اسان وٽ بس نالي ماتر ئي رهجي وئي.
ھاڻي اچو واپس لفظ ونواھ تي، جنھن جي معنا مٿي لکي آيو آھيان تہ ”وڻڻ واھ“ معنا وڻڻ جو طريقو يا رستو. غور ڪريو تہ ڇا وڻي؟ ظاھر آھي جنسي طور ئي وڻڻ جي ڳالهہ آھي. ھا ھڪ اھم ڳالهہ، مٿي ذڪر ڪيو ويو ”ڪاما سترا“ جو سو اھو لفظ آھي جنس جو علم يا قانون. ان ۾ لفظ آھي ڪام. جنھن جي معنا آھي جنس. اڇا اوهان ڪڏهن ڪنھن نازنين ڇوڪريءَ جو نالو ٻڌو آھي ڪامني! غور ڪريو، ان جي معنا آھي جنسي طور تي شاھوڪار ڇوڪري، يا شھوتڻ.
آخرين لفظ: اوهان جيڪڏهن جنس کي گار سمجهندئو تہ پڪ سان حقيقتون اوهان کان لڪل ھونديون. پر جيڪڏهن جنس کي تخليق جو بڻيادي ڏاڪو سڏيندئو تہ اھا مھا ڪمال جي شيءِ بہ آھي، جنھن جي جيتري تڪريم ٿيڻ کپي ايتري اسان شايد نہ ڪري سگهيا آھيون.