اڄ پاڻ ھڪ اھڙي موضوع تي ڳالهائينداسين جنھن تي اسان جي سماج ۾ شايد ناھي لکيو ويو. پر ھتي ھُتي ھر ھنڌ ھڪ اھڙي گروھ واري ماڻهن جو ھجوم رھي ٿو جن سان اسان جو پالو پوندو رھي ٿو. جن جي ئي ڪري اسان گهڻو ڪري وڏي ڏچي ۾ ڦاٿل رھندا آھيون. انهن ماڻهن کي جديد نفسيات ۾ سگهہ چُوسڻا يعني انرجي ويمپاير ڪري ڪوٺيندا آھن.
انگريزيءَ ۾ ھن نفسيات ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح کي ”انرجي ويمپاير” (Energy Vampire) ڪري سڏيندا آھن، پاڻ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ھنن کي ”سَگهہَ چوسڻا“ ڪري سڏيون تہ ڳالهہ مريوئي ساڳي ئي ٿيندي. سو اھي سگهہ چُوسڻا اصل ۾ ڪي جادوئي يا حقيقي رت چوسيندڙ تہ ناھن ھوندا، پر اھڙن ماڻهن لاءِ ھي اصطلاح ڪتب آڻيو ويندو آھي جيڪي ٻين ماڻهن کان جذباتي توانائي (emotional energy) چوسي ڇڏيندا آھن.
ھن کي سڃاڻڻ جو ڪجهہ خاصيتون ھيٺ ڏجن ٿيون:
- ھي ماڻهو هميشه شڪايتون ڪرڻ وارا ھوندا آھن يعني هر ڳالهہ ۾ ناڪاري ڳالهيون ڪندا آهن.
- اوھان کان رحم وٺڻ وارا ٿيندا آھن. ھي ٻين کي پنھنجا ڏک ٻڌائي پاڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ جُٽيل ھوندا آهن.
- ھي ناٽڪ ڪندڙ ٿين، يعني ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي وڏو بڻائيندا آهن تہ جيئن اوھان جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي سگهن.
- اڪثر ڪري حڪم بہ ھلائيندا. يعني ٻين تي حڪم هلائڻ يا کين ئي قصوروار محسوس ڪرائڻ جي ڪوششون ڪندا آهن.
- ھي ماڻهو ٻين جي اخلاقي حدن جو احترام ناھن ڪندا، ھنن کي بس پنھنجي ذات جون ئي حدون عزيز ٿينديون آھن، باقي ٻين جي ذات جون حدون وتندا ٽوڙيندا ۽ مسلسل اوهان جي ڌيان، وقت ۽ وسيلن تي اکيون رکيون ويٺا ھوندا آھن.
ھنن سگهہ چُوسڻن جي ڪري:
- اوهان پاڻ کي ٿڪل، بيزار، ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ شديد مايوسي محسوس ڪندا آهيو.
- اوھان پنھنجو ذهني سڪون وڃائي ڇڏيندا آھيو.
- اوھان جي زندگين مان گهڻو ڪري خوشيون موڪلائينديون وينديون آھن ۽ اوھان پنھنجي پاڻ کي جذباتي حساب سان اڻکيل محسوس ڪندا آھيو.
آخر ۾ ھنن کان پاڻ بچائڻ جا طريقا بہ سمجهي ڇڏيو:
- اوھان پنھنجي ذات جون حدون مقرر ڪريو، مطلب سڌن لفظن ۾ کين ٻڌايو تہ اوهان وٽ ڪيترو وقت، برداشت يا کين سھڻ جي توانائي آهي.
- ھنن سان ڳالهائڻ مھل غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪريو. يعني هر وقت سندن مسئلن ۾ پاڻ کي نہ ھروڀرو نہ ڦاسايو.
- سڀ کان پھريون پنھنجي توانائي بچايو. اوھان جڏهن محسوس ڪريو تہ اوهان ھاڻ ٿڪجي پيا آهيو يا صفا بيزار ٿي ويا آھيو تہ تڪڙ ۾ ئي ٿورو فاصلو رکو ۽ کانئن پرتي ٿي وڃو.
- ھاڪاري دوستن سان سان اٿ ويھ وڌايو، جيڪي اوهان کي همٿ، حوصلو ڏين، کلن ڳالهائين، ٻين جي ذات تي نہ ڳالهائين پر شين کي ھلڪو ڦلڪو وٺن، زندگي ڪيتري بہ ڏکي ڇونہ ھجي پر اھي زندگيءَ کي گهارڻ ۾ اوھان کي نوبڻو خوش رکن.
قصو مختصر تہ، انهن وڻ ويڙهيءَ جيان ٻين جي طاقتن تي پلڻ وارن سگهہ چوسڻن يعني ”انرجي ويمپايرن“ کان پرتي رھو، ڀڄي وڃو، ڇوتہ ھِي اھي ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي ٻين جي جذباتي سگهہ ۽ خوشيون کسي ڇڏين ٿا ۽ پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ ٻين کي ناس ڪرڻ ۾ وسان ناھن گهٽائيندا.
اوھان اڄ کانئن پري نہ ٿيا تہ پڪ سمجهو اھي سڀاڻي اوھان جسماني طور تي بيمار ڪرڻ جا بہ وڏا ذميوار ھوندا آھن.




