سوشل ميڊيا جي مائڪرو بلاگنگ ڇا آهي؟

اها 2009 جي ڳالهہ آهي جڏهن اردو ادب جي ڪجهہ چڱن نالن مونکي اتساھ ڏنو تہ مان بلاگ لکان. انهن هڪ بين الاقوامي نشرياتي اداري سان بہ ڳالهائي پڪ پڪاڻي ڏني تہ منھنجا بلاگ ان اداري جي آن لائين ايڊيشن ۾ ڇپبا، سو مان بلاگن جي دنيا ۾ وک رکي. پھريون ٻيو ۽ ٽيون بلاگ ڪجهہ مرچن جي سرس چپٽيءَ سان ڀريل نڪتو. اصل ۾، مان پنجاب جي ثقافتي موت تي لکيو. ابا ٿيو ائين جو راتو رات سئو کان وڌيڪ تبصرا ٺيٺ پنجابي ماڻهن لکيا. سڌي ڳالهہ تہ مونکي صفا دونالي بندوق جي سامهون بيھاري ٺڪائن مٿان ٺڪاءَ ڪڍڻ لڳا. صبح ٿيو، اي ميل ڀري پئي هئي تبصرن جي نوٽيفڪيشنن سان، سو مان بہ وائڙائپ ۾ ڇھن ستن مبصرن کي جواب ڏئي ڇڏيا. وري انهن مبصرن جواب لکيا ۽ ائين مان وري ڪجهہ جواب ڏنا. ٿي جو شام تہ ابا اچانڪ لندن مان محترم صفدر همداني صاحب فون ڪري اهڙي دٻ ڏني جو وڃي منھنجو ميڄالو فرش تي ٽڪيو.
چئي تہ: ”تنھنجو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا؟ توکي ڪا خبر آهي تہ تون ڪو مضمون ناهي لکيو پر هڪ بلاگ لکيو آهي، ۽ بلاگر بحث ۾ ناهي پوندو، اها بلاگنگ جي اخلاقيات ئي ناهي. تو کي جيڪا ڳالهہ لکڻي هئي سا تون لکي ڇڏي، هاڻي ڇاجون وضاحتون ٿو ڏين؟ ايڏو لکڻ جو شوق اٿئي تہ لِک نہ ٻيو بلاگ، اڃا بھتر لک، جيڪي شيون تون ڀلجي ويو هئين اهي سڀ هاڻي چٽائيءَ سان لک، لک پر اهڙي نموني سان جو ايندڙ سوالن جا جواب اڳواٽ پنھنجي بلاگ ۾ لک….. وغيرہ وغيرہ…“
بھرحال لڄ تہ مونکي بہ ڏاڍي آئي، مان چپ رهيس… چپ رهڻ کان سوا ڪو ٻيو چارو بہ نہ هئو.. معافيون وٺي مان پويون در ورتو… ان رات چڙهي جو غيرت، سو مان بلاگنگ تي تحقيق ڪرڻ ۾ گذاري… پوءِ خبر پئي تہ هي بلاگ لفظ انگريزيءَ جي ٻن لفظن (Web) ۽ (Log) جو مرڪب آهي. جنھن ۾ ليکڪ صاحب پنھنجي ڳالهہ ڪري اها ٻين جي هٿن ۾ ڏيندو آهي. جيڪي پنھنجي شناخت ڏئي پنھنجا تبصرا اتي جو اتي ڏيندا آهن.
اڳتي هلي خبر پئي تہ فيس بڪ ۽ ٽويٽر جھڙا سماجي نيٽورڪ درحققت ”مائڪرو بلاگنگ“ جا نمونا آهن، جنھن ۾ دوست مختصر ڳالهہ ڪري ٻين دوستن جي آڏو ڳالهہ رکندا آهن. بھرحال آهي هي بہ بلاگ ئي. فرق اهو آهي تہ فيس بڪ ۽ ٽويٽر تي مختصر ڳالهہ رکبي آهي پر ان جي ابتڙ بلاگنگ ويب سائيٽن تي جامع ڳالهہ ڪبي آهي. پر اها جامع بہ ڇڪي ڇڪي ٽي سئو لفظن کان مٿي نہ هجي! (ڪجهہ سالن کان پوءِ فيس بڪ 160 اکرن واري قيد کان نجات ڏني ۽ اهو نيٽورڪ بہ ٻين بلاگرن جي سائيٽن جيان ٿي ويو.
سو منھنجا سائين.. قصو ڪيون ٿا ڪوتاه، هاڻي مان هتي فيس بڪ تي جيڪو ڪجهہ ڏسي رهيو آهيان پنھنجي ادب جي وڏن نالن جي لکڻين ۽ پنھنجي ئي لکڻين تي تبصرن جي صورت ۾ تہ سچ ۾ مٿي کي هٿ ڏئي منھن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چئي!
حالت آهي تہ هڪ دوست مون کان تازو ئي پڇيو تہ: ”پيارا! منھنجي ڪالهوڪي پوسٽ تو پڙهي؟“ مان چيم نہ يار. تنھن تي همراه نرڙ مٿي ڪندي مونکي ٻڌايو تہ هن جي پوسٽ تي اڍائي سئو لائيڪ ۽ ڏيڍ سئو کان مٿي تبصرا اچي ويا آهن….“ خير مان معافي وٺندي موڪلايو مانس.. گهر اچي هن جي اها نام نھاد پوسٽ پڙهيم تہ خبر پئي واقعي هن جي پوسٽ تي پوڻا ٻہ سئو کن تبصرا هئا پر عجب جي ڳالهہ تہ انهن ۾ اسي کان وڌيڪ تہ سندس تبصرا هئا!
هاڻي ڪير ڏئي منھن هتي! جيڪي ماڻهو وڏا دانشور سڏائين ۽ اهي ئي ماڻهو اهڙا ڪم ڪن تہ اسان ڪھڙا نوحا پڙهون؟ ڪنھن سان شڪايت ڪريون دوستو!