پاڻ جنھن کي ”سائنسي سوچ“ سڏيون ٿا آخر اھا بلا ڪھڙي آھي؟ اچو تہ پھريون ان تي ھڪ اک وجهي ڏسون تہ چڱي نموني سان خبر تہ پئجي سگهي تہ اھا ڪھڙي ٻنيءَ جي پوک سڏجي ٿي.
سو ڳالهہ ھيءَ آھي تہ سائنسي سوچ ۾ ڪجهہ بنيادي خاصتون يا نشانيون ٿينديون آھن. مثال اسان جڏھن ڪنھن بہ لقاءَ يا حقيقت تي سوچيندا آھيون تڏھن:
- ان ڳالهہ تي مختلف پاسن تي سوچي سمجهي اسان سوال ڪندا آھيون تہ ھي ڇو ٿيو، ڇا لاءِ ٿيو، يا ان جا بنيادي سبب ڇا آھن؟
- ان ڳالهہ کي پاڻ پنھنجي مشاھدي ھيٺ آندو؟ يا وري پنھنجي تجربي ۾ تپاسيو؟ يا بس ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي ڳنڍ ڏني؟
- ڇا پاڻ وٽ ان ڳالهہ جي سچي ھجڻ جا پڪا ۽ مستند دليل ۽ ثبوت موجود آھن؟
- ڇا پاڻ مليل دليلن ۽ ثبوتن کي ھر ھر تپاسيو؟ اھو ڏٺو تہ انهن ثبوتن ۽ دليلن ۾ ملاوٽ ڪيتري آھي؟ اھي ثبوت يا دليل اسان تائين ڪنھن پھچايا؟ انهن مليل دليلن يا ثبوتن ۾ ڪيتري کوٽ جو امڪان موجود آھي؟ ان اندر چُڪن جو ڪيترو انديشو موجود آھي؟ ڪيتريون شڪي ڳالهيون منجهنس موجود آھن؟
- ۽ آخر ۾ ان ڳالهہ يا لقاءَ جي سوچڻ ۾ منھنجي پسند يا ناپسند جو ڪيترو سيڪڙو موجود آھي؟ منھنجي عقيدي، منھنجي محبت، منھنجي نفرت، وڻند، اڻ وڻند وغيرہ ڪيتري موجود آھي؟ مثال جيڪڏھن مون وٽ ڪا ڳالهہ پھچي ٿي جيڪا ڪنھن خاص فرد جي ڪنھن ڪمي يا ڪوتاھيءَ جي آھي تہ ڇا اھو فرد منھنجي ناپسندگيءَ جي قطار ۾ تہ موجود ناھي؟ يا وري جيڪڏھن ڪا ڳالهہ يا لقاءَ جي خبر ملي ٿي جنھن ۾ ڪنھن فرد جي ناماچاريءَ يا شھرت جي آھي تہ ڇا اھو فرد مون کي اڳواٽ وڻندو تہ ناھي وغيرہ وغيرہ… سو اھڙي قسم جي ذاتي پسند يا ناپسند کي پاسيرو ڪري ڇا اسان سوچيندا بہ آھيون؟
سو دوستو مٿيان اھي اھڃاڻ آھن جن کي سامهون رکي جڏھن اسان آزاد ۽ منصفاڻي نموني سان سوچيندا آھيون ۽ ڪنھن نتيجي تي پھچندا آھيون تڏھن ٺيڪ ان وقت ۽ ان جڳھ تي جيڪو نتيجو ڪڍندا آھيون (۽ ان نتيجي ۾ وري گنجائش بہ رکجي تہ ٿي سگهي ٿو ٻئي جڳھ ۽ ٻئي وقت اھو تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو) تڏھن ئي اھڙي روش کي ”سائنسي سوچ“ تسليم ڪيو ويندو آھي.
ھاڻي سڀ کان پھريون پاڻ تپاسيون تہ اسان ھي جيڪو ڪجهہ سوچيون پيا ۽ ان سوچ آڌار جيڪو ڪجهہ ڪريون پيا اھو سڀڪجهہ مٿين پنجن نشانين تي ڪيترو لھي ٿو؟
ھڪ پل اکيون ٻوٽي اندازو لڳايو. جيڪڏھن مٿين نشانين تي نہ ٿو لھي تہ پڪ سمجهو پاڻ ڀُليل آھيون. پھرين نمبر جا اٻوجهہ ۽ ڄٽ قسم جا ماڻهو آھيون جن کي ھر وقت روڳِي، ٺوڳِي، ڀوڳِي ۽ ڦوڳِي قسم جا ماڻهو پنھنجي چيچن تي نچائي، پنھنجا الو سڌا ڪري ھليا ويندا آھن ۽ پاڻ ھڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ ئي لڳا پيا ھوندا آھيون.
ھاڻي جڏھن اسان جا ديماڪ سائنسي سوچڻ کان صفا نابري واري بيھي رھن، يعني جڏھن ھٿراڌو واقعن ۽ لقائن تي دليلن سان سوچڻ جي جاءِ پرائي ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي ڳت ڏيئي بيھي رھن، تڏھن ٿيندو ڇا آھي جو سماج ۾ موجود ٺوڳِي (ٺَڳ)، روڳِي (جسماني ۽ دماغي بيمار)، ڦوڳِي (ڇسا، بيڪار) ۽ ڀوڳِي (مزا ماڻيندڙ) پنھنجا الو سڌا رکڻ لاءِ اسان جي ڪورن دماغن سان کيڏڻ لڳندا آھن. ان راند ۾ آخرڪار فائدا سندن ئي ھوندا آھن، جنھن راند ۾ اسان ”دوسوءَ“ جيان رڳو نچڻ ۾ پورا ھوندا آھيون. پر مصيبت اھا ھوندي آھي تہ اسان ڪي ھڪ اڌ ھجون تہ بہ ڪا ڳالهہ ھجي پر جڏھن سوين ھزارين ماڻهن جو ھجوم گڏ پرائي ناچ ۾ دوسوءَ وارو ناچ نچي تڏھن سڀ جو سڀ ان غلطفھميءَ ۾ اچي ويندا آھيون جھڙوڪ اسان ڪنھن وڏي معرڪي ۾ جھاد پيا ڪريون، يا اسان جي ھٿن سان ڪو وڏو انقلاب پيو اچي، پر حقيقت ۾ ائين ھوندو ئي ناھي.
ويجهي تاريخ ۾ اسان وٽ ئي نہ پر پوري دنيا ۾ اھڙا لقاءَ ڀريا پيا آھن. (آمريڪا ۾ تازو ٽرمپ ۽ ٽرمپ جي حامين ۾ ٺيڪ ساڳي ئي روش ملي پئي، ائين ئي ات ڪوريا ۾، ايران سان گڏ ڀارت ۾ پڻ اھڙي قسم جا لقاءَ ڀريا پيا آھن جن ۾ ڪوڙي قسم جي ڪارڊن تي کيڏندي ماڻهو پڻ ماريا ويا آھن.) ائين پوري دنيا ۾ ڪٿي مذھب جي نالي ۾ تہ ڪٿي مقدس ھستين جي پاڇن ۾ الائي ڪيترا ڪوس ٿي گذريا آھن. پر پاڻ ڇوتہ فطري حساب سان گهڻا جنوني مذھبي ناھيون (جيڪو بہ ھاڻي لڳي ٿو تہ آھستي آھستي اھو زھر اسان وٽ پڻ ڀربو پيو وڃي) پر فلحال مذھب کي ڇڏي ڪري بہ پاڻ وٽ جيڪي ڪمزور ۽ طاقتور پاسا آھن تن ۾ ”سنڌ“ لفظ وارو پاسو بلڪل ائين ئي آھي جيئن طالبانين وٽ ”اسلام“ جو نالو! جو ڪو مٿي ٻڌايل روڳِي، ٺوڳِي، ڀوڳِي ۽ ڦوڳِي قسم جو ماڻهو ڇڙو پنھنجي ذاتي مفادن جي ڪري ”سنڌ“ لفظ کڻي اھو چئي تہ مان ھي ڪم سنڌ لاءِ پيو ڪريان تہ تہ پڪ ڪريو ھتي ھزارن جو انگ سندس پويان لڳي پوندو.
مجال آ جو ڪڍ لڳڻ مھل ڪو اھو سوچي تہ اصل مامرو آھي ڇا؟ ھن سنڌ جي واھرو سڏرائيندڙ پويان ڪھڙا لڪيل مقصد آھن، جن جي ڪري ڪٿي ھُو اسان سڀني کي استعمال تہ نہ پيو ڪري؟ ڪير بہ اھو ڏسڻ جي تڪليف نہ ڪندو تہ ھي نام نھاد ”سنڌ ڪارڊ“ کيڏندڙ انسان جو اخلاق ڪيترو ڪريل آھي؟ ڪير بہ اھا ڳالهہ يا سوال ئي کڻي ڪونہ پڇندو تہ ابا! سنڌ جو ساکي، سنڌ جي حقن جي اصلي ڳالهہ ڪو سماج جو ڌتڪاريل نہ ڪندو پر ڪو صالح اولاد! (اھو سائين جي ايم سيد ئي چيو ھئو تہ ”منھنجي فِڪر جا وارث صالح ئي ٿي سگهن ٿا، جن جو اخلاق ۽ ڪردار بُلند هوندو.“) ڪاش ڪنھن کي اھا ڳالهہ ياد ھجي.
پر جيڪڏھن غوغاءَ واري ان ٻڙڌڪي ۾ ڪو صرف ايترو ئي پڇي تہ ابا ٿورو خيال سان، ٿورو ڌيرج… ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٿانوَ ڀڃڻ ضروري تہ ناھن.. پر الٽو وري اھا ڳالهہ ڪرڻ واري مٿان بہ لعنتن جا کارا اڇليا ويندا.
خدا خدا ڪري ڪن ڏينھن کانپوءِ جڏھن اصل حقيقتون ظاھر ٿيڻ لڳنديون تڏھن ڦڪائيءَ ۾ لعنتون ورھائيندڙ وري ڪنھن ٽئين اشوءَ طرف ڌڪبا ويندا.
ھلو اھو تہ ٿيو سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جو ھڪ انقلابي قسم جو ناٽڪ، پر وري ھڪ عجب ڊرامو ٻيو پڻ ٿيندو آھي جو ڪنھن الله سائينءَ جي تڙيل بندي چيو تہ سنڌ کي ورھائينداسين، صوبا ٺاھينداسين تہ جھڙوڪ چوچڙين جا ٽرڪ لھي پوندا جيڪي ھِتي ھُتي پيا سوساٽڙيون پائي اسان سنڌي سٻاجهڙن کي لڳندا. وٺ، اڙي ھي اٿئي لعنتن جو منھن، نہ ڇڏيس… ڀلا تنھنجي ھتان کان ھتي ڪيان… ھلا ٿئي تون سان ۽ ھتي سڀ جو سڀ لکيا پڙھيا وضوع ڪري لڳي پوندا ان ڇسي قسم جي ڳالهين ۾. ان وچ ۾ ڪو بہ عقل جو پاٺڪو اھو نہ سوچيندو تہ ڪائون سال ٿيو آھي جو اھا چوچڙي سنڌ ۾ پکڙائي ويندي آھي؟ لڳ ڀڳ اڄ پنجاھ سال ٿيندا، جو ھر ٻئي يا ٽئين سال اھو راڳ ڳايو ويندو آھي ۽ پنجاھ ئي سال ٿيندا اسان پنھنجيون توانايون انهن ڇسين شين ۽ اشوئن تي وڃائيندا رھيا آھيون، ڪٿي ائين تہ ناھي جو ”ھُو“ اسان کي ٿڪائڻ چاھين ٿا، جنھن ۾ اسان جي مزاحمت ئي اڻ ٿيڻي ڳالهين تي نستي ڪئي پئي وڃي! پر ائين ڪير سوچي؟
سچ اھو آھي تہ ھتي سنڌ ڪارڊ ئي تہ بچيو آھي جيڪو ھر وقت، ھر ٿوڪو استعمال ڪري ڪڏھن اسان جي جذبات کي ڀولي جيان نچائي ٿو تہ ڪڏھن ھروڀرو لڇرائي اسان جو ستُ وڃرائي ٿو!



