اوھان چتائي ڏسو ۽ سمجهو تہ ھزارين سال اڳ اولهائين ماڳن وارا سنڌ کي ميلوھا ڪري سڏيندا ھئا. (ڪي ٻوليدان اھو پڻ چون ٿا تہ مليڇ ٻول جي پيڙهي پڻ ان ٻول سان ملي ٿي.) ميلوھا جتي ٻيڙيون ٺھن، جيڪي سمنڊ جا ڀلا ڄاڻو آھن، جيڪي ناوَ (جيڪو ٻول اڄ جي انگريزيءَ ۾ نيويءَ کان ويندي نيويگيشن تائين ٻول ٺاھي ويو) ان ناوَ جا ھلائيندڙ ھئا. ان ناوَ کي ھلائيندڙ ناکئا سڏائين. (منھنجي کوج آڌارا ناکو ٻول عبرانيءَ ۾ نوخا جو روپ ورتو جيڪو اڳتي ھلي عربي ٻوليءَ ۾ ھڪ وڏو نالو پڻ ٿيو) منھنجي حساب سان اھو ميلوھا ئي ٻول آھي جيڪو ملاح جو بڻياد رکي ٿو. (ھتي ھ مان ح ڇو ٿيو اھو ھڪ جدا ڊگهو بحث آھي). وري ھتي ٻيو لفظ ڏسو: ”دنگي“ جنھن کي لطيف پڻ سڏيو ”دَنگي“، ڏسو بيت:
” دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي“
سو اھو ٻول تہ ڪو ھڪ ھزار سال ٿيا جو گورن وٽ ”ڊنگي“ (dinghy) جي صورت ۾ ھليو ويو.
خير! ڳالهہ کي وچ تي بيھاريندي ٻڌايون تہ الائي ڪيترين ٻولين ۾ ٻيڙين جي جوڙجڪ ۽ ٻيڙين سان لاڳاپين لفظن جي پاڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي رھي آھي. جيئن پاڻ جنھن کي ”بتيلو“ سڏيون تہ انگريزي ٻوليءَ ۾ اتي وري بوٽ (boat) پڻ ملي ٿو. جنھن کي پاڻ اڄ ونجهہ سڏيون سو اوائلن کان پاڻ وٽ ”اولو“ سڏبو پڻ رھيو، ڀٽائيءَ پڻ اولا ٻول ھينئن استعمال ڪيو آھي: ” سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ“. اولو يعني: ”ڪاٺ جو ڊگهو لڪڙو (جنھن سان ٻيڙين جي پاسن کان پاڻي پري ڌڪبو آھي تہ ٻيڙيون اڳتي ھلنديون آھن.) ونجهہ يا چپو. “ ھاڻي مزي جي ڳالهہ ان کي انگريزيءَ ۾ وري سڏين ”اور“ (Oar). متان ھتي ”ل“ ۽ ”ر“ ۾ ڦاسي پئو، ڇوتہ اھو ”ل“ جو آواز ”ر“ ۾ پيو اٽبو مٽبو رھيو آھي جيئن نيلو نيرو وغيرہ.
وري مٿي ڪپڙي جو سڙه ڏسو، جيڪو عربيءَ ٻولي ۾”شراع“ ٿيو تہ لاطيني ٻوليءَ معرفت انگريزيءَ ۾ ”سيل“ (sail) جي روپ ۾ اوھان کي ملندو. ٻيڙي ھلائيندڙ ڪپتان جنھن کي انگريزيءَ ۾ ڪيپٽين ڪري سڏيو ويو سو وڏي دماغ وارو ماڻهو ھوندو آھي سو پوري ٻيڙي ۾ ائين سمجهو ڪيپراٽي ٿيندو يعني جنھن جي سوچ، فھم ۽ علم آڌار وچ سمنڊ ۾ پڻ رستا ڪڍندو ھلي. سو اھو ٻول ڪپتان يا ڪيپٽين پڻ سنڌي ٻول ”ڪيپراٽي“ مان نڪري. ڀلي ھيٺين لنڪ تي چڪاس ڪري ڏسو:
https://www.etymonline.com/word/*kaput-
ائين ئي اھو انگهو جيڪو ھيٺ درياءَ ۾ اڇلي وچ پاڻيءَ ۾ ٻيڙي بيھاري سگهبي آھي ان کي انگريزيءَ ۾ سڏين اينڪر ”anchor“ جيڪڏھن پت ڪريو تہ ان جو بڻياد پڻ سنڌي ٻوليءَ جو انگهہ اٿوَ جيڪو ڪنڊائتو ھڪ اھڙي شڪل جو ٿيندو جنھن سان ڪا شئي ڦاسائي ويندي آھي. ھيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڀلي ڏسو:
https://www.etymonline.com/search?q=anchor
ائين انيڪ ٻول آھن جن تي سائنسي بنيادن تي کوج ٿئي تہ ھوند اسان سچ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پوري ھٺ سان بيھاري دنيا کي ٻڌائي سگهئون ٿا تہ ھيءَ اٿوَ سنڌي ٻولي.




