اسين جنھن کي ڏير سڏيون سو آھي ”مڙس جو ڀاءُ“.جنھن کي ھندي، اڙدو سميت ھتان جون ٻيون ڪيئي ٻوليون وري ”ديور“ ڪري سڏين.
صدين کان ٿيندو اھو پيو اچي تہ ڪنهن مهلا جي مڙس مرڻ تي ڪجهہ وقت گذرڻ کان مڙسھنس جو ڀاءُ شادي ڪري کيس سنڀالي وٺندو آھي.ڪٿي ڪٿي تہ وري ائين ماڳھين نہ ٿئي، پر ائين گهڻو ڪري ٿيندو رهيو آھي.سو ھن لفظ جي مکيه پاڙ جيڪڏهن ڏسجي ٿي تہ اھو ڏير ٻن لفظن جو ميلاپ ٿئي ٿو.(ڏ= ٻيو+ ور= مڙس) معنا ٻيو مڙس.سو سنڌيءَ ٻوليءَ ڏيور جو ”و“ ڪڍي ڇڏيو، باقي بچايائين ”ڏير“ ۽ پوءِ ان لفظ جي سمجهہ کي ئي مٽي بس ”مڙس جي ڀاءَ“ تائين رکي ڇڏيو.
ھاڻي پاڻ ان لفظ جو پيرو جو کنيون تہ خبر پئي تہ ھي لفظ تمام گهڻو ”اوائلي“ آھي جنھن جي ڪا بہ مول ڌارا نہ ٿي پئي ملي.ھا پر اھو ضرور آھي تہ ھي لفظ سنسڪرت ۾ بہ آھي تہ سنڌيءَ ۾ بہ، جن کان ٿيندي ھتي جي سڀني ٻولين ۾ تہ ائين ئي رهيو.پر پوءِ صدين کان ڏيساوري اٿڻي ويھڻيءَ ۾ ٿيندي ٿيندي يورپ، آفريڪا سميت اتر روسي ٻولين ۾ داخل ٿيندو ويو.مزي جي ڳالهہ تہ ان لفظ جي ڪھاڻي ساڳي رهي.
ھاڻي پاڻ ان لفظ جي شڪل دنيا جي مکيه ٻولين ۾ ڏسون تہ ھي لسٽ پڙهي وٺو:
Russian: деверь (deverʹ),
Old Church Slavonic dĕverĭ,
Serb: dever,
Polish: dziewierz,
Lithuanian: dieveris,
Latvian: dieveris,
Ancient Greek δαήρ (daḗr),
Latin: lēvir,
Old English: tācor
Modern English: levirate, (re-concepted: as marriage with died husband’s brother)
German zeihhur,
Old Armenian տայգր (taygr),
دنيا جي ھڪ شاھوڪار لغت آھي مريم ويبسٽر ان ۾ وري وچ آفريڪي ٻولي ڪتوبا ۾ ھڪ لفظ پيو آھي ”دُواري“ (dowari) معنا اھا مائي جنھن مڙس جي مرڻ کان پوءِ ان جي ڀاءُ سان شادي ڪئي ھجي.اوهان اچار تي ٿورو غور ڪريو.دواري، دُ+واري (ٻہ مڙسائين).ويبسٽر مطابق اھو لفظ اتي نائين صديءَ کان بہ اڳ جو ملي ٿو.ھاڻي وري لاطيني ٻوليءَ ۾ ان لفظ جو مادو سمجهو:
لاطينيءَ وري ”ڏ“ ڪڍي، ”ل“ رکي اھو ڏير يا ڏوَر مٽي، ساڳي معنا سان ”لَيوَر“ ڪري ڇڏيو.جتان پوءِ جديد انگريزيءَ ۾ اھو لفظ صرف رشتي جو تصور کڻي ايڏو حيرت ۾ وجهندڙ ڪيو جو مٿو ڦري وڃي.سوين سالن جي تاريخ ۾ يھوديت پاران اھو لازمي ٿيو تہ مڙس جي مرڻ کان پوءِ وڌوا (جنھن مان انگريزيءَ جو لفظ Widow ٺھي ٿو، اھا ڪھاڻي ٻي ڀيري ڪبي) سو اھا وڌوا پنھنجي مڙس جي ڀاءُ سان شادي ضرور ڪندي.مذھبي ۽ معاشي طور تي ان جا ٻہ فائدا طئي ڪري فتوا جاري ڪئي وئي تہ ان سان:
- 1.وڌوا ۽ ڄڻيل ٻارن جو معاشي ۽ سماجي تحفظ ٿيندو
- 2.خانداني ۽ نسلي رت گاڏڙ نہ ٿيندو.
سو اھو لاطينيءَ وارو لفظ (lēvir) ليور اڃا گهڻو مٽجي ٿي ويو ليوريٽ (Levirate)! باقي مٿي بيان ڪيل لسٽ ۾ اندازو ڪريو تہ اھو لفظ ڪيڏو نہ ڦھليو آھي.اھي تہ ٻوليون اھي آھن جن جي شناخت تمام وڏي آھي، پر انهن جي ڳالهائيندڙن جي ماڳن ۾ ٻيون ٻوليون جن جو ڳاڻيٽو ڪيئي سوَن ۾ ٿيندو اتي بہ اھو لفظ ساڳيو ڏير، ڏوَر، ديور جي شڪل ۾ ملي ٿو.
سو ڳالهہ ڪرڻ جو مقصد تہ بيھو، اڃا ڪم ھلي ٿو.اھا اسان کي پڪ ھاڻي وڌيڪ پختي ٿي وئي آھي تہ ھتان جي ھيءَ سنڌي ٻولي ڪا عام پرلوڪي ٻولي ناھي جنهن جو ھڏ ڪاٺ اسان ھميشه گهٽ سمجهيو ڪنڌ جهڪايون پيا ٿا گهمون.ايتري قدر تہ ھتان جي ھڪ ڏاھي جي حساب سان سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي نالو اصل ۾ ”ردي ٻولي جيان ھئو.“




