اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ اندر ھن جو ئي نالو گل آھي. جنھن کي عام طور تي اسان سڀ وري ”گلاب“ ڪري سڏيون. پر اھو اصل ۾ گلاب نہ پر گل آھي. ڇوتہ فارسي ٻوليءَ جي لفظ گلاب جي معنا آھي ”گل جو پاڻي“ (گل+آب) جنھن کي وري عربي ٻوليءَ ۾ جلاب سڏجي. پاڻ وٽ وري جلاب پيٽ صاف ڪرڻ واري دوا کي سڏجي، جنھن ۾ بہ اصل وڏو دخل ھن گل جي ارڳ (عرق) يعني پاڻيءَ جو ئي ھوندو آھي.
ھا، ھڪ ٻي ڳالهہ بہ تہ ان گل جي ڳر کي وري سڏجي گلقند (گل+کنڊ).. معنا گل جي مٺاس، گل جو ڳر…
اوھان غور ڪري ڏسندئو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھن گل کي ڇڏي باقي ٻين سڀني گلن جا نالا پنھنجا ٿين.. جيئن رابيل، موتيو، چمبيلي، سرنھن وغيرہ. پر اصل ۾ گل صرف ھي ئي ٿئي. باٽنيءَ ۾ ھن کي سڏين روزا انڊيڪا (Rosa Indica) روز انگريزيءَ وارو ۽ انڊيڪا معنا انڊ جو، سنڌ جو. ھن گل جو ھي مخصوص قسم صرف ھتي ئي ٿئي. باقي دنيا جي ملڪن ۾ ھن جي ھُٻ ائين نہ ٿيندي آھي جيئن ھتي جي گُل جي ٿئي.
ساڳي ڳالهہ گنگا رام سمراٺ صاحب پڻ ھن ريت ڪئي آھي تہ: گلاب هڪ قسم جو نھايت خوبصورت گل، جنھن تان ئي هڪ رنگ جو نالو گلابي پيو آهي، ڏاڍي مٺي خوشبوءَ وارو آهي، فارسيءَ مان اهو گلاب نالي مان وڌيڪ مشھور ٿيو آهي، جو غلط آهي، گلاب آهي گل + آب، گل جو پاڻي نہ ڪہ گلاب جو گل. گل فقط گلاب جو گل ئي آهي، جنھن جو نالو فقط گل آهي. جڏهن ان گل مان پاڻي ڇڪي ڪڍيو ويو تہ اهو ٿيو گلاب ۽ اهو پاڻي قبضيءَ لاءِ ڏاڍو اثر دار آهي، ان ڪري جنھن کي قبضي ٿي تنھن ئي کي پاڻي پيارڻ سان ان کي پيٽ ايندا هئا، يعني گل جي آب ۾ ’گ‘ بدلجي ’ج‘ ٿي گلاب مان جلاب ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ ان پاڻيءَ ۾ جلاب جو اثر هيو، حقيقت ۾ جلاب ڪا ٻي دوا ڪانهي، فقط گل + آب يا گل جو جل ئي جل + آب بڻيو، ان ڪري ان جو نالو ئي جلاب مشھور ٿي ويو، بعد ۾ جيڪا بہ ان قسم جي دوا ڏسڻ ۾ آئي ان جو نالو جلاب مشھور ٿي ويو، بعد ۾ اهو ئي گلاب جو جلاب يورپ ۾ پھتو پر عرب مان جلاب صورت ۾ (سنڌ) ڀارت ۾ بہ آيو، باوجود ان جي فارسيءَ ۾ يعني ايران ۾ اهو گلاب دستن جي دوا جي معنى جلاب صورت چالو آهي، هتي هنديءَ، مراٺيءَ، گجراتيءَ وغيرہ ۾ جلاب، پر نيپاليءَ ۾ ’جلاف‘ يا جلاپ چئبو آهي، پر يورپ جي ٻولين ۾ اهو جيوليپ تہ فرينچ ۽ اسپيئنش ۾ جيوليپ انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي
Honey in woods, juleps in brooks.
هڪ مڪسچر جنھن ۾ برانڊي يا وسڪي يا ديسي شراب ۾ کنڊ، ڪٽيل برف ۽ ٿورو ڦونو (اڄ جوهر ڦودني جو) ملائي پيئڻ کي بہ اتي منٽ جليپ چيو ويندو آهي. ان ڪري گلاب هڪ قسم جو گل نہ پر گلاب جو پاڻي (عرق) معنى جلاب آهي، ان گلاب جي گل جي کنڊ گڏي معجون جيان مرڪب ٺاهيو ويندو آهي، جنھن کي گلقند چئبو آهي، جيڪو پيٽ جي تڪليف (سور وغيره) لاءِ اڪسير آهي، اگر گلاب فقط گل هجي ها تہ ان گلقند کي بہ گلاب قند چيو وڃي ها، ۽ مزو اهو جو گلقند فقط گلاب جي گلن جو ئي ٺھندو آهي. ظاهر آهي ته گل معنى ئي گلابي يا گلاب جو گل آهي ۽ گلاب خود جلاب آهي، خود فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ گلاب ڪو نه چئبو آهي، فقط گل..




