جمعي جو ڏينھن قديم تھذيبن ۾ پيار، محبت، جنس ۽ زهرہ ديويءَ جي پوڄا پاٺ جو ڏينھن سمجهيو ويندو هئو. هتي پنھنجي سنڌيءَ ۾ هيءُ ڏينھن شڪروار طور تي سڃاتو ويو هئو، جيڪو عربيءَ واري شڪر نہ پر سنسڪرتي لفظ محبت تان ورتو ويو هئو. هن ڏينھن تي اهو مڃيو ويندو هئو تہ محبتن واري ديوي هيٺ ڌرتيءَ تي اچي ماڻهن مان نفرتون، ڪدورتون ۽ عداوتون ڪڍي انهن منجهہ ميٺ، محبت ۽ سنڀوڳ جا سلسلا پيدا ڪندي آهي. ستارن جي علم يعني علم نجوم جي حساب سان هن ڏينھن جو حاڪم ستارو ”زهرہ“ (Venus) آهي جيڪو عشق سان منسوب ڪيو ويندو آهي.
قديم بابلي تهذيب ۾ هي ڏينھن عام موڪل جو هوندو هئو جنھن ۾ ھڙني شھرين کي سڄي بابل ۾ محبتن ۽ جنسي عمل لاءِ ڪا بہ روڪ ٽوڪ نہ هوندي هئي. ڇوتہ سندن اهو اعتقاد هئو تہ زمين تي جيتري جنسي صحبت ٿيندي اوترو آسماني ديوتا هيٺ ڌرتيءَ تي راضي رهندو ۽ ائين سڪار رهندو، جيڪڏهن هيٺ اهي محبتن ۽ جنسي عمل کان وٿيرڪا ٿيندا تہ عظيم ديوتا بارشون نہ وسائيندو جنھن سببان ڏڪر جھڙي حالت پيدا ٿي پوندي. ان ڪري هو وري هر سال هڪ جمع کي ”زهرہ جي ميلي“ طور تي ملهائيندا بہ هئا، جنھن ۾ جنس جي ايتري تہ کلي ڇوٽ مليل هوندي هئي جو جيڪڏهن بادشاه جي راڻي يا شھزاديءَ جي ٻانھن کي بہ ڪو مقرر وقت تي هٿ وجهندو هئو تہ هوءَ مذهبي قانون تحت ان کي انڪار نہ ڪري سگهندي هئي پوءِ ڀلي اهو ڪارو ڪوجهو سندن ڪو غلام ڇونہ هجي!
مغرب جي مختلف زبانن، ثقافتن، قومن ۾ بہ هن ڏينھن کي اها ساڳي نسبت مليل رهي آهي. جيئن پراڻي اينگلو سيڪسان وارا (انگريزيءَ جا ماتا پتا ) ماڻهو هن ڏينھن کي فرائڊي، فريڊ، فرج وغيرہ ٽائيپ جي نالن سان سڏيندا هئا ۽ اڄ بہ آهن. يورپ جي فرينچ، جرمن، نارسڪ ٻولين ۾ هن ڏينھن کي فرائجا، فرڊ گونر، ونرڊي، ويميوس وغيرہ جي نالن سان پڪاريندا آهن… انهن سڀني نالن جي پويان هڪ ئي ڳالهہ اچي ٿي تہ هي ڏينھن انهن تھذيبن ۽ ثقافتن ۾ عشق ۽ محبت وارو ڏينھن هوندو آهي. اڄ کان ڪيئي سئو سال اڳ يورپ، يونان ۾ اهو ڏينھن موڪل جو ڏينھن رهيو آهي.
دنيا جي دبنگ زبان انگريزيءَ ۾ هي ڏينھن (Friday) طور ضرور سڃاتو ويندو آهي پر ان جي پيٽ ۾ درحقيقت ”فريج ديوي“ جو نالو لڪيل آهي جيڪا وري ڪن ڪٿائن ۾ اوڊن ديوتا جي زال تہ وري ڪن ڏند ڪٿائن ۾ مختلف ديوتائن سان سمهندڙ طور ليکي وئي آهي. ڪٿائن ۾ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ هن کي محبتن جي طاقت هجڻ ڪري ڪافي ڪمال حاصل هوندو هئو ۽ هن اهي ڪافي قوتون ”ٿور“ جيڪو سندس پٽ هئو کي بہ عطا ڪيون هيون. بنيادي طور تي هوءَ بي پناه حسن واري، شھوت پسند ۽ سگهڙ زال رهي آهي.
دنيا ۾ جتي جتي بہ ستارن جو علم نجوم مڃيو وڃي ٿو اهي سڀ چائنا هجي يا جپان، ايشيا هجي يا يورپ آفريڪا هجي يا آمريڪا هن ڏينھن کي مجموعي طور تي ”زهرہ“ ديوي جو ڏينھن سمجهندا آهن جيڪا حسن، نزاڪت ۽ عشق جي ديوي هوندي آهي.
عربن ۾ هي ڏينھن بہ ڪرہ ارض جي باقي تھذيبن جيان ملهايو ويندو هئو، جنھن ۾ عورتون رنگ برنگي ۽ مرد سفيد ڪپڙا پائي، سرمو ۽ ٻيو هار سينگار ڪري ٻاهر سڀني سان ملندا هئا. بس اڄ کان چوڏنھن سئو اڳ هن ڏينھن جي سئوڻن ساٺن ۾ ٻہ فرق پيا! هڪ تہ هن ڏينھن جي محبتن واري لطيف جذبي ۽ سنئوڻن ساٺن مان عورت کي ڪڍيو ويو. ۽ ٻيو تہ هن ڏينھن کي ماڻهن اندر پاڻ ۾ لڳ لاڳاپن کي ڪٽ ڪري ”عشق الاهي“ سان منسوب ڪيو ويو!
اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن، اهل عرب ۽ انهن جون تائب قومون محبتن کان ائين پري آهن جيئن پاڪستان مان امن امان!




