مسيت لفظ جو بڻ بڻياد

سڀ کان پھريون اھا ڳالهہ سمجهو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻہ آواز ھڪٻئي ۾ ادل بدل ٿيندا رھندا آھن. تن ۾ ھڪ آھي ”س“ جو ۽ ٻيو آھي ”ھ“ جو. سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ اھڙا ٻول آھن جن ۾ ”س“ ۽ ”ھ“ اٽبا مٽبا رھن ٿا، جيئن ڦاسي ڦاھي، نڪھير نڪسير، ماھ ماس، ڪپاھ ڪپاس، ڪوھ ڪوس، جيھي جيسي، ڪسڻ ڪھڻ، وسامي وھامي، ورس ورھِہ وغيرہ، پرتي ڀلا ڇو وڃون، اھو ساڳيو تہ فارمولو آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ ھند ٿي.
اھڙي طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ کوڙ اھڙا آواز آھن جيڪي پنھنجي شڪل مٽيندي ھڪٻئي سان سلام دعا ڪندا رھندا آھن. اوھان عام ٻڌو ھوندو ڪي سنڌي چوندا ”اوھان سمجهيو“ تہ ڪي وري چوندا ”اوھان سمڌيو“! (ھاڻي جيئن ھتي جهہ ڌ ۾ مٽجي وئي ائين ئي س وري ھ ۾ ادل بدل ٿيندو رھندو آھي.
ھاڻي پاڻ اصل لفظ مسيت طرف ھلون ٿا.
تہ دوستو! سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ اوائلي لفظ آھي ”مھ“ (ان مھ مان ئي مھا لفظ نڪتو) ان مھ جي بڻيادي معنا ئي ”وڏو يا وڏي، عاليشان، عزت ڀريو يا ڀريي“ آھي. ھاڻي ان مھ کي ”ت“ ملائي ڪبو مھت. مھت معنا عزت ڀريي، عاليشان۔ اھو لفظ اڄڪلهہ اسان مسلمانن ”ھندي سمجهي“ ڇڏي ڏنو آھي پر ھنديءَ ۾ اھو عام جام استعمال ٿئي ٿو جيئن اھي چوندا آھن ڦلاڻو ڪم مھت پون ٿيو آھي. معنا ڦلاڻو ڪم عاليشان صفتن وارو ٿيو آھي.
اھو ساڳيو ئي مھت اسان وري شان ڀريي مانائتي تخلص ۾ بہ استعمال ڪندا ھئاسين جيڪو بعد ۾ اسان واڻين لاءِ ڪتب آندو ويو مثال ”مھتو يا مھتي“. (ذھن ۾ ڪريو، ڪراچيءَ ۾ ھڪ عاليشان جڳھ ”مھتا پيليس“ نالي سان بہ آھي جنھن کي گورن انگريزيءَ ۾ (Mohatta Palace) ڪري لکيو جتان وري اردو دانن پنھنجو فن ڏيکاري (يعني صفا بگاڙيندي) مھوٽا ڪري ڇڏيو. سو اھو مھتا بہ مٿين معنا وارو ئي عزت ڀريو لقب آھي.
خير! سو جڏھن سنڌ ۾ مسلمان نوان نوان ٿيا تہ سندن عبادت گهر جو نالو بہ عاليشان عزت ڀريو ئي ھجڻ گهربو ھئو سو نالو پيس ”مھت“ يعني عزت ڀريي جڳھ. جتان وري ڇڪجي ٿيو مھيت، وري سنڌي آوازن جي ادل بدل واري مٿين فارمولي (ھ جو س ۾ بدلجڻ) ڪري اھو لفظ مسيت ۾ بدلجي ويو.
ياد رھي تہ سنڌي ٻوليءَ جي پھرين لغت جيڪا 1849ع ۾ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ ترتيب ڏني ھئي ان ۾ بہ ھن صاحب ”مھت“ کي مسيت جي معنا ۾ ئي لکي چيو تہ اھا آھي (A mosque).
سو ان مسيت جو بڻ بڻياد ڪو عربي لفظ ”مسجد“ مان ڪونہ بدليو آھي پر ٺيٺ سنڌيءَ جو ئي ھي لفظ مھت يا مھيت ئي آھي.