سنڌي لفظ ”جيوَ“ جو دلچسپ سفر – جنھن يورپي ٻولين ۾ انيڪ لفظ ٺاھيا!

ھي ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي پاڙ جو ھڪ لفظ ”جِيوُ“، جنھن مان وري ھتي ئي جيوت، جيئڻ، جياريو وغيره لفظ نڪرن ٿا، پر اڃا ان جي اندر ڌاتو لفظ ڏسندئو ته ”جي“ به پيو اٿس. جن جو سڌو مطلب جيون سان آھي. جنھن جيوت، کي عربي يا فارسيءَ اثر ھيٺ اسان زندگي، حياتي ڪري ڇڏيو، پر انھن لفظن جو نصاب تي اثر ھجڻ جي ڪري پڙھيي لکيي ماڻھوءَ وٽ وڏو ورجاءُ آھي پر ھن فطري ٻوليءَ جي ھڪ اھا به خاصيت آھي ته اھا پنھنجي پاڙ لفظ ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود رھائيندي. انڪري ئي اسان جي ڳوٺن ۾ اڄ به دعائن ۾ انھن ٺيٺ سنڌي لفظن جو ورجاءُ جام ملي ٿو.
ڪجه مثال: جڳ جڳ جيئين، شال جيون ساڀيان ٿيئي، لطيف چيو مونکي جياريو پرين جي ڪا ڳالھ ڪري وغيرھ.
ھاڻي ڏسو ته اھو موھن جي دڙي واري عمر کان وٺي ان لفظ يوناني ۽ لاطينيءَ جي معرفت ڪيئن اتي جي ٻولين ۾ ڌاڪو مچايو!
آڪسفورڊ لغتن جي سيريز جي اھم بڻيادي لغت ”دي اميريڪن ھيريٽيج ڊڪشنري آف انڊو يوروپين روٽس“ ۾ ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز صفحي نمبر 34 تي لکي ٿو ته ان انڊو لفظ ”جيو“ جنھن جو سڌو مطلب ”life“ آھي اھو يوناني ٻوليءَ جڏھن زيرو گريڊ (مانا صفا شروعات ۾) ۾ پھتو ته انڊو لفظ ”ج“ جي جڳھ تي ”ب“ ۽ ”ز“ وارا آواز متبادل طور ڪم آندائون ۽ اھو ھڪ ته ٿي ويو ”bio“ ۽ ٻيو ٿيو ”zoo“، مزي جي ڳالھ ته ھتي يونانين ڪمال ڪيو. ”بايو“ زندگيءَ لاءِ وسيع ترين لفظ ڪيو ويو، جيڪو سڀني جاندارن انسانن سيمت استعمال ڪيو ويو، باقي ”زو“ حيواني زندگيءَ لاءِ وقف ڪيو ويو. (اھا يونانين جي ڪمال واري ڳالھ ھئي).
وري ڊاڪٽر ڪارل ڊارلنگ بڪ صاحب پنھنجي لغت ”اي ڊڪشنري آف سليڪٽيڊ سنونائمس ان دي پرنسيپال انڊو يورپين لئنگئيجز“ جي صفحي نمبر ا67 تي لکي ٿو ته: انڊو لفظ ”جيو“ مان يونانين ٻه لفظ ڪڍيا، ھڪ بايو (bio) ۽ ٻيو زو (zoo) ٻنھي جو مفھوم ساڳيو جيون وارو رھيو. زو وارو لفظ ڪجه انساني نالن ۾ ڪتب اچڻ لڳو، جيڪو ”Zoe“ ٿي ويو. ياد رھي ھاليووڊ مشھور فلم ”اوتار“ جنھن ۾ ”نيئتري“ جو ڪردار جنھن اداڪارھ ادا ڪيو ھئو ان جو نالو آھي ”Zoe Saldana“.
مغرب ۾ ماين جو اھو نالو عام آھي. ھاڻي اوھان سنڌي نالا ڏسو جيوڻي. اوھان اھو ائين سمجهو ته مغرب ۾ اھا ”زوئي سالدنا“ جيوڻي ئي آھي.
ڀلا پاڻ واري قائد اعظم جو ڏاڏي جو نالو ڇا ھئو جيڪو محمد علي کان پوءِ استعمال ٿيندو آھي؟ بابا سائين اھو جناح ناھي پر ٺيٺ سنڌي نالو ”جيڻو“ آھي.
معنا وڏي زندگيءَ وارو، سدا جيئندڙ…
پاڻ وٽ ته مصيبت آھي جو مسلسل غلامين جي ڪري ھاڻي ته پنھنجي پاڻ تي چڱن ڀلن ماڻھن کي شڪ ٿين ٿا ته اسان واقعي ايترا معتبر ته ناھيون.. انڪري ئي اھي نصاب ھجي يا ادبي پورھيا انھن ۾ ڌاريا استعمال ڪري پنھنجي ئي ٻوليءَ جا ترا ڪڍڻ ۾ لڳا پيا آھن.
پوسٽ سان گڏ تصويرن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي صاحب جي ڪتاب انسائڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ صفحي جو ٽڪرو ڪڍي رکيو اٿم. ان مان ئي اندازو ڪريو!