دوستو ڪافي سالن کان اسان ڪمپيوٽيشنل سرشتن ۾ پنهنجي ٻوليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان وچ ۾ ڀلي ڳالهہ اها ٿي وئي جو گوگل پنھنجي ترجميڪاريءَ واري سرشتي ۾ سنڌي ٻولي بہ شامل ڪئي، جيڪا شروع ۾ شمارياتي سرشتي (Statistical Mechanism) ۾ هئي پر ٻيو سال آهي جو هاڻي اها سنڌيءَ کان انگريزي ۽ انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ مشيني تنتي سرشتي (Neural networking mechanism) ۾ ڪم پئي ڪري. (جيڪا هڪ اهم اڳڀرائي آهي.)
خير سو اسان ان دوران ئي سنڌي ٻوليءَ جو سڄو تاڃي پيٽو (Corpus) تيار ڪري، سڀ ميسر لفظ لغتن مان ڦيرائي گهيرائي آن لائين ڪري وياسين. پر منھنجي لاءِ خاص طور تي هڪ چئلينج هئي تہ سنڌي ٻوليءَ جا اهي لفظ جيڪي صدين جي سفر ۾ هتان کان يورپي ٻولين ۾ وڃي اتي ٿوري گهڻي شڪل مٽي هاڻي بلڪل انهن جا پنھنجا لفظ ٿي ويا آهن انهن جو پيرو کڻجي.
مان ڀانيان ٿو تہ هن قسم جو ڪم اڳ جيڪڏهن ٿيو بہ هوندو تہ اهو نور نچوئي معتبر لغتن جي ڪتابن کي سامهون رکي لفظ لفظ ڳولي ڪيو ويو هوندو (پر مونکي نہ ٿو لڳي تہ ائين اڳ ٿيو هئو) پر هاڻي جڏهن گوگل اسان جي ڪم کي ڏسي جنھن ۾ هتي جي ٻولي، ثقافتي ماڳ مڪان، سياحتي جڳھن تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري، جيڪا اڻ سڌي طرح گوگل جي بہ خدمت ٿي رهي هئي، ان جي بدلي گوگل وارن گهڻا پروگرام اسان لاءِ مفت ڪري ڇڏيا، جن ۾ ان جي ڪلائوڊ جي چاٻين (API) ۽ ترجمي جي تاڃي پيٽي سان گڏ ڪجهہ مشيني دروازا (Gateways) بہ مفت ۾ اسان کي کولي ڏنا، جنھن جي ڪري هاڻي ڪم گهڻو آسان ٿي ويو.
سو هاڻي اسان ڇا ڪيوسين جو هڪ پروگرام ٺاهي اهڙي نموني سان تيار ڪيوسين جو اهو گوگل جي ٻولين واري ڊيٽابيس مان پڇا ڳاڇا بہ ڪري سگهيو پئي تہ گهربل نتيجا ڪجهہ ئي دير ۾ اسان کي ڪڍي پئي ڏنا.
اسان ڪيوسين ائين جو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لفظ عربيءَ لپيءَ ۾ وجهي، وري ان جون گهٽ ۾ گهٽ ٽي کن رومن لکڻيون رکي ان جي ئي ٽيبل ۾ ان جي انگريزيءَ ۾ معنا يا ٻيا ساڳيا لفظ رکي هڪ انجيڪشن جيان ڪوڊ ڪيوري (code query) اماڻي گوگل ۾ شامل سڀني ٻولين جي لغتن ڏانھن اماڻيون پيا. اهو ڪوڊ وري اتان لڳ ڀڳ ساڳيو لفظ جيڪڏهن ٻين يورپي ٻولين ۾ ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان مليس تہ اهو اسان کي کڻي پيو اچي تہ هن جھڙو لفظ ڦلاڻي ٻوليءَ ۾ مليو آهي جنھن جي معنا ۽ مطلب بہ ساڳيو ئي آهي.
نہ صرف ايترو پر هي پروگرام وري اهو بہ ٻڌائي سگهي ٿو تہ ان ٻوليءَ ۾ اهو لفظ ڪھڙي صديءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اهو ڪٿان آيو.
هاڻي جو ابا ڏٺوسين تہ اڪثر اهي لفظ يا تہ جرمن مان ويا يا وري فرينچ ٻوليءَ مان، لاطينيءَ مان ويا يا ڊچن جي ٻوليءَ مان، مطلب هي يار اسان کي اهو بہ ٻڌائي سگهي ٿو تہ هي انڊو يورپين ٻوليءَ جو آهي يا اڃا اوائلي پروٽو انڊو لفظ آهي.
سو دوستو، اسان جا تہ وات ئي پٽجي ويا.
سڄي دنيا ۾ ڌمچر ٻوليون جيڪي آهن اهي تہ اسي نوي سيڪڙو انڊو يورپين آهن، سو انڊو معنا؟ دنيا جا وڏا وڏا برک ٻوليدان چون ٿا تہ انڊويورپي ٻولين جي وڏي ماءُ آهي سنسڪرت. ۽ وري اسان جو خيال تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءُ گهٽ پر ڀيڻ ٿي لڳي، وڏي نہ تہ ننڍي ئي سھي پر اٿس ساڳي قد ڪاٺ جي.
سو جيستائين ڀلا اها ڳجهارت سلجي سڌي ٿئي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ اهو حق تہ رکي سگهون ٿا تہ هي لفظ صدين کان اسان وٽ ڏکين آوازن سان موجود آهي. سو پڪ سان اهو لفظ هتان جو ئي آهي.
هاڻي ٿورو سوچيو: سائنسي اصول آهي جيڪو فطرت جو بہ بڻيادي اصول آهي تہ شيون، ٻوليون، حالتون نيز جيڪو بہ هجي اهي ڏکيائيءَ کان سولائي طرف سفر ڪنديون آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو تہ جيڪو ڏکيو آواز آهي اهو سولي آواز کان اوائلي هوندو!
مثال. هڪ لفظ آهي اڻ. معنا نہ. اسان عام طور تي اهو ڪنھن بہ فعل صفت يا اسم جي آڏو هڻي ان جي نفي ڪندا آهيون. جيئن ٿيڻيءَ جي آڏو هڻي معنا اڻ ٿيڻي ڪري اسان جي نفي ڪندا آهيون.
اهو ساڳيو اڻ دنيا جي ٻولين ۾ ان طور تي ايندو. ويندي سنسڪرت ۾ بہ ان آهي. هاڻي اوهان پاڻ سمجهو تہ اڻ اڻائو آواز آهي يا ان؟
ظاهر آهي تہ اڻ ڏکيو آهي اچارڻ ۾ تہ سڌي ڳالهہ اها آهي تہ اڻ، ان کان اوائلي آهي، معنا سنڌي ٻوليءَ جو آواز يا لفظ ٻين ٻولين کان پراڻو آهي. معنا اهو لفظ سنڌي ٻوليءَ جو ئي آهي.
ڪالهہ مان ڳالهہ ڪئي تہ تہ انگريزيءَ جي لفظ ڪئمرا جا پيرا کڻبا تہ پاڻ وارو لفظ ڪمرو ئي ملندو، هاڻي ڪمرو ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي؟
اهو انڊو ايراني لفظ آهي. دوستن چيو تہ اهو لاطينيءَ مان کنيل آهي. ها دوستو بلڪل دنيا ۾ انگريزيءَ جي لغتن اهو ئي لکيو آهي ۽ انهن کي اهو ئي لکڻو پوندو ڇوتہ سندن پيرا اوستائين ئي وڃن ٿا. تہ ڀلا اها لاطيني ڪٿان شروع ٿي؟ڱ
اتي پاڻ سڀ چپ ٿي وينداسين!
سو دوستو! ٻولين جو علم ڏاڍو مزيدار علم آهي. ان تي ٽڪ ڪري گورن جي ئي ٻولين تي بيھي رهياسين تہ پاڻ پنھنجو گس پتو ويساري ويھنداسين.
مان مختصر عرض ڪيان تہ جلد اهو ڏينھن ايندو جڏهن اوهان کي پنهنجي ٻوليءَ جي قد ڪاٺ جي خبر پوندي، جڏهن اها مشيني لسانيات ثبوتن سان اوهان سامهون دنيا جون ٻوليون رکي چوندي تہ هي جيڪي موهن جي دڙي جا ڏاند اٿوَ اهي وڏي ڳجهارت اٿوَ!
مان ان وقت جو شديد انتظار ٿو ڪريان.




