ڪافي دوست پڇندا آهن. ڪافي ساترا وري کل ڀوڳ ۾ چيڙائيندا بہ آهن تہ هي آخر ٻوليءَ جي ماضيءَ جون قبرون کوٽي ڪٿان ڪٿان کان لفظ ڪيئن ٿو کڻي اچان. ڪافي اياڻا دوست وري هيڏي محنت ڪشٽ ڪشالن کان پوءِ نتيجا ڏيڻ تي وري ابتو مونکان ”حوالا“ گهرندا آهن. بھرحال اڄ ان ڳالهہ کي کولي اوهان سامهون رکڻ جي ڪوشش ڪيان پيو.
سوال پھريون تہ مان ڇا ڪري رهيو آهيان؟
سنئين سڌي ڳالهہ تہ الله جي احسانن، بابا امڙ ۽ دوستن جي دعائن جي ڪري هينئر مان گوگل جو پروفيشنل لسانياتي سيکڙاٽ طور ڪم ڪري رهيو آهيان. جنھن جي ڪري مائيءَ گوگل جون ڪافي رعايتون مون کي اڳواٽ مليل آهن. مثال وذين پروگرام جي ڊولپر چاٻي، گوگل جي مک ڳولا واري تاڃي پيٽي جي ڳوڙهي چاٻي (API)وغيره سو مان ان جي مدد سان دنيا جھان جي ٻولين جي اربين کربين لفظن تائين رسائي حاصل ڪري انهن سان هڪ خودڪار پروگرام ذريعي سنڌي لفظن جو بڻياد، هڪجھڙائي ۽ ٻيا ساڳي آواز وارا لفظ ڪڍي پوءِ هڪ راءِ ڏيان ٿو.
هن پروگرام ذريعي مونکي چار شيون کپنديون آهن.
- سنڌي عربڪ پرسو لکائيءَ ۾ لفظ
- ان لفظ جون رومن لکت ۾ تي يا چار شڪليون
- ان لفظ جي انگريزيءَ ۾ ٻہ کان ٽي معنائون
ان ڊيٽا ڏيڻ کان پوءِ گوگل جي اي پي آءِ انجيڪٽ ڪجي ٿي جيڪا پوءِ دنيا جھان جي ٻولين وارن اربين کربين لفظن ۾ ساڳي معنا ۽ لڳ ڀڳ ساڳي آواز وارا لفظ ڪڍي ڪجهہ ئي دير ۾ واپس آڻي ڏئي ٿي.
وري ٻي انجيڪشن ۾ انهن لفظن جي انهن ٻولين ۾ داخل ٿيڻ جي صدي ۽ وسيلو ملي ٿو. هاڻي جيڪڏهن اهو وسيلو ”انڊو يورپين يا انڊو آريائي“ آهي تہ مان وٽ نوانوي سيڪڙو پڪ ٿي ويندي آهي تہ هي لفظ سنڌيءَ مان ويو آهي.
سوال ٻيو تہ مان هي ڇو ڪري رهيو آهيان؟
سنئين سڌي ڳالهہ آهي تہ اسان وٽ پنھنجي ٻوليءَ لاءِ الائي ڪيترا مونجهارا چڱن ڀلن پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ موجود آهن. جن مان ڪي چوندا آهن ته
- سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو دم ئي ناهي، سو ڇا وري ان تي ڪم ڪجي!
- سنڌي ٻوليءَ ۾ نجپڻو ختم ٿيندو پيو وڃي انڪري هاڻي هيءَ ٻولي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي!
- سنڌي ٻوليءَ جي مٿان عربي ٻوليءَ جا احسان آهن، نہ تہ هيءَ ٻولي تہ اصل ۾ اڇوتن جي ٻولي هئي!
- ۽ ان جھڙن بي تڪن خيالن سان ڀريل هي سماج پيو ٿو پنھنجي ٻوليءَ کي اڃا حقير ڪري.
پر منھنجي هنن کوجنائن ۾ هڪ تہ تمام وڏو فائدو اهو ٿئي ٿو تہ اسان کي پنھنجي ٻوليءَ جي قد ڪاٺ جي خبر پوي ٿي، تہ هيءَ ٻولي هزارين سالن کان ڪيئن ٿي ٻين ٻولين سان مٽي مائٽي ڪندي لفظ ڏئي بہ ٿي تہ وٺي بہ ٿي.
ٻيو وڏو فائدو اهو ٿيندو تہ هي جيڪي دنيا جي وڏين لغتن جھڙوڪ آڪسفورڊ، ڪيمبريچ وغيره ۾ ڪافي لفظن جي پيرو کڻي انهن جي بڻياد کي يوناني، لاطيني، فرينچ وغيره ڄاڻايو وڃي ٿو جڏهن تہ اهي لفظ اصل سنڌيءَ مان ويا آهن ته انهن جي رڪارڊ جي درستگي ٿي ويندي،
ٽيون فائدو اهو ٿيندو تہ ان عمل سان خود اسان جي نصاب ۾ درستگيون ٿينديون. ان سان گڏ اوهان غور ڪريو تہ اسان جا پنھنجا ديماڪ بہ ڪافي حدن تائين درست نموني سان سوچڻ لڳندا.
منھنجي حساب سان جيڪڏهن ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي مدد سان اسان پنھنجي ٻوليءَ کي جيڪڏهن عالمگير سڃاڻپ ڏياري ٿا وڃون تہ اها هن قديم ٻوليءَ سان وڏي ڪرم جي ڳالهہ بہ ٿي ويندي تہ اسان پاڻ بہ ڪنھن ناماچاريءَ سان ڪنڌ مٿي کني گهمڻ جھڙا ٿي وينداسين.
هاڻي آخري ڳالهہ تہ منھنجي هنن تحقيقن جا ڪھڙا حوالا آهن؟
سو سادو جواب اهو آهي تہ پھريون اوهان تحقيق جي سائنسي وصف پڙهو. مان هي جيڪي ڪجهہ اوهان سامهون رکان ٿو ان ۾ مختلف مشيني سرشتن جو ڪم آهي، جن ۾ اڻ ڳڻپ لفظن جو ذخيرو آهي. هي پروگرام پاڻ هڪ وسيلو آهي. مان انومان رکي تحقيق ڪيان پيو. جتي مان پھچان ٿو اوهان کي ٻڌايان ٿو. هاڻي اوهان ان تي وڌيڪ تحقيق ڪريو.




