پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف جڳھن تي ڳالهائڻ ٿيندو آھي تہ گهڻو ڪري جيڪي سوال پڇيا ويندا آھن تن ۾ ھي سوال جھڙوڪ ھر دوست وٽ موجود ھوندو آھي تہ: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گلاس کي ڇا سڏجي؟“
ان جي جواب ھٿ ڪرڻ لاءِ اوھان کي ٿورو سماجي طور شين جي ڪارج ۽ ان جي ”ھُوند“ تي ھڪ اک رکڻي پوندي. جيئن: پنجاب، ڀلي اھو ڀارت وارو ھجي يا پاڪستان وارو، اتي ”ٻيٽ“ جو وجود ئي ناھي. ظاھر آھي سمنڊ تہ اتي آھي ئي نہ، تہ پوءِ ٻيٽ ڪٿان ايندو؟ انڪري ھاڻي جڏھن پنجاب ۾ ”ٻيٽ“ جو ٻول استعمال ۾ ايندو تہ اتي جنھن ڌاري ٻوليءَ مان لفظ آيو تہ اھو ٻول ساڳيو ئي ورجايو ويندو. سو پنجابي ٻوليءَ ۾ جتي جتي اھو لفظ ڪتب ايندو تہ اتي اتي ”جزيرو“ ئي استعمال ٿيندو. ڇوتہ پنجاپي ٻوليءَ ۾ اھو لفظ اردوءَ معرفت آيو.
ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ پاڻي پيئڻ جو ٿانءُ، جيڪو اوھان موجودہ حالت ۾ گلاس جي شڪل ۾ ڏسو ٿا اھو ٿانءُ اڳ ۾ اسان وٽ ڪتب نہ ايندو ھئو، ھا پر وٽو، ڪٽورو، جمن، پيالو، کونجو، ٺوٺيو، کُمرو، کُپو، ڪُپو وغيرہ. ياد رھي تہ مختلف پرڳڻن ۾ اھي نالا شڪليون مٽيندا رھندا ھئا. پر اوھان پاڻ انهن اسمن کي چتائي ڏسندئو تہ انهن ۾ پڻ مخصوص شڪليون نظر اينديون. جيئن گورن وٽ شراب جا انيڪ قسم ٿين، وسڪي، شيري، وائين، بيئر، برانڊي وغيرہ، تيئن وري انهن قسم جي شرابن کي پيئڻ جا جيڪي گلاس ٿين تن جا بہ الڳ الڳ نالا ٿيندا آھن جيئن سنفر (sniffer)، راڪس (rocks)، ڪاڪٽيل گلاس (cocktail glass)، نِڪ (nick)، نارو (narrow)، فلوٽ (flute) وغيرہ. ائين ئي اسان وٽ پيئن جي ٿانون کي جدا جدا نالن سان پاڻ سڏيندا ھئاسين، جيئن شراب پيئڻ لاءِ کُمرو عام ھئو. لطيف سائينءَ وٽو ۽ پيالو عام طور استعمال ڪيو آھي. جيئن سر بلاول ۾ چيو اٿائون:
”جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ،
جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ،
نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ کُهيَنِ کي.“
ھاڻي مٿي ٻہ ٻول آھن: ”وٽِي ۽ پيالو“. پاڻ اڄ بہ اوائلي جُڳن کان آباد درگاھون، مئخانا ۽ واھڻ وستيون گهمنداسين تہ اتي ويٺل ماڻهو جيڪي جديد دنيا سان گڏ نہ ٿا ھلن (تن کي ڀلي اوھان ڪھڙا بہ نالا ڏيو، موالي يا مجاور پر)، انهن وٽ مٿان ٻول عام طور ڪتب اچن ٿا.
اسان وٽ انگريزن گلاس آندو. شيشي جو ٺھيل، چمڪيلو، وري ڌوتل پوتل ھجي تہ جھڙو آئينو! ويجهو ڪري پنھنجو مُنھن ڏسجيس، جَل جيان چمڪندو، جهِرمِر ڪندو، پوندڙ روشنيءَ جا جهلڪا ڏيندو.
(پاڻ گلاس جي شان ۾ شاعرن جيان جيڪا ساراھ ڪئي تن ھڙني ٻولن ۾ چتائي ڏسندئو تہ اوھان کي انگريزي ٻول ”گلاس“ جا پيرا ملي ويندا.) ھاڻي اچو تہ ان لفظ گلاس جو گورن کان ئي پڇون ٿا تہ: ”ٻيلي اھو لفظ اوھان جي ٻوليءَ ۾ ڪٿان ۽ ڪيئن پيو؟“ ان سوال جي جواب ھٿ ڪرڻ لاءِ اوھان کي مشھور ڊڪشنري ”ھارپر اينڊ ڊگلس“ جي ويب سائيٽ تي وڃي ان ٻول جو ٻج ڏسڻو پوندو:
https://www.etymonline.com/search?q=Glass
اوھان ڏسندا تہ اتي گورن چٽي نموني سان چيو آھي تہ ڇوتہ اھو جهرمر جيان چمڪي تجلا پيو ڏئي ان ڪري ھزارين ورھيہ اڳ اسان وٽ اھو ٻول پروٽو انڊو (سنڌُو) ٻوليءَ جي ٻول ”جهِل“ مان آيو. اھا ”جهِل“ ھجي يا ”گهِل“ ڳالهہ مڙيوئي ساڳي ٿيندي آھي. اھا ساڳي جهرمر، جهل مل، جهِيل، جهِل آھي جيڪا پاڻيءَ وارو جَر يا جل ۾ پڻ ملندي آھي. (متان سوچيو اٿوَ تہ ”ج“ ۽ ”گ“ جو آواز جدا جدا آھي سو ڪاٿي جهِل ۽ ڪاٿي گهِل؟ تہ سائين پري نہ وڃو، ھتي ئي اوھان جيلاني ۽ گيلاني ٻول سمجهو تہ ڪل پئجي ويندي). سو ابا! جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آھن تہ: ”مرشد! پنھنجو ئي مال پيو کائِين!“ تيئن اھو لفظ گلاس پڻ اوھان جو ئي اوائلي ٻول آھي جنھن کي گورن ٿورو مٽي سٽي پنھنجو ڪري ڇڏيو.
۽ ڇڙو اھو گلاس ئي ڇو؟ پراچين انڊسٽريون جيڪي اوائلي تھذيبن ۾ ھونديون ھيون تن ۾ ٿانوَ ٿپا ٺاھڻ لاءِ جيڪي ڪنڀر ھوندا ھئا اھي ساڳيا ھتي موھن جي دڙي ۾ بہ ھئا. ياد رھي تہ آڳاٽي ايامن ۾ مٽيءَ جي ان قسم کي جيڪا تلائن ۽ پاڻيءَ جي گذرگاھن جي ترن ۾ ھجي تنھن کي ”ڪُنڀ“ سڏيو ويندو ھئو، ڇوتہ اھا مٽي چيڪي ۽ ڳُنڍ واري ھوندي ھئي انڪري ان ڪُنڀ مان ٿانوَ ٿِپا ٺاھيا ويندا ھئا. ان ڪُنڀ مان ٿانوَ ٺاھيندڙ کي وري ڪُنڀر يا ڪنڀار وغيرہ سڏيو ويندو ھئو. ان ڪُنڀر جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ ٿانءُ ٺاھيو تنھن کي ھن سندي نالي سان ئي سڏيو يعني ڪنڀو، جيڪو اڳتي ھلي اچارڻ ۾ سولو ٿيندو ڪُڀو ۽ ۽ بعد ۾ ڪُپو ٿيو. (اھو نج منھنجو خيال آھي) ڇوتہ ڊاڪٽر مائيڪل ڊي وان وارا چون ٿا تہ اھو نان انڊو لفظ ڪُپو آھي. (مان انڪري ئي تہ چوان ٿو تہ بابا اھو ڪنڀو، ڪڀو ۽ ڪپو ئي آھي). خير سو اھو ڪُپي مان ترقي ڪندو گورن ھتي ”ڪَپ“ (cup) جي لفظ سان متعارف ڪرايو. اھا ٻي ڳالهہ آھي تہ اسان ان ڪپ کي سنڌيائي ڪري ”ڪوپ“ سڏيو سين. سو اھو ٻول ڪُڀو، ڪُپو، ڪَپ ۽ تان جو ڪوپُ ٿي ويو، جنھن ۾ اسان چانھن پاڻي پيئندا آھيون.
ھلو! پاڻ جنھن کي ڪُنڀر سڏيون ان ڌنڌي واري کي وري يورپي ماڻهو سڏين ”پاٽر“ (Potter). گورا چون تہ اڻڄاتل ذريعي منجهان سوين سال اڳ ”پاٽ“ (pot) لفظ ڊچ ۽ جرمن مان آيو جنھن جو مطلب آھي ھڪ وڏو مٽيءَ جو ٿان، جنھن جو ترو تراکڙو ھجي. (ڏسو ھيٺ)
https://www.etymonline.com/word/pot#etymonline_v_18558
سو ھُنن ان پاٽ جيڪا مٽيءَ مان ٺھيل ھئي تنھن جھڙن ٿانون ٺاھيندڙ کي سڏيو پاٽر.
دوستو! ٺيڪ ھتي اسان روئڻ روئندا آھيون تہ سنڌي ٻوليءَ جي نج اوائلي ٻولن جي ڦھلاءَ ۽ کين اجاڳر ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪھڙا ادارا آھن جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پوري دنيا کي ٻڌائين تہ مٿين لفظ ”پاٽ“ سميت انيڪ ٻول ھزارين سالن کان اسان جي ٻوليءَ جا آھن. (ڏک ۽ پيڙا سان چوڻو پوي ٿو تہ ھي اوائلي ٻول پڻ جديد ڪارپوريٽ مارڪيٽ ۽ عالمگيريت جي ڪري دم ٽوڙي رھيا آھن، پر اوھان اڄ بہ ڳوٺن ۾ وڃي اسان جي وڏڙن يا وڏڙين کان پڇندئو تہ اھي ٻڌائيندا تہ اھا مٽيءَ جي ٺھيل پاٽ گهرن ۾ موجود آھي جنھن ۾ اٽو ڳوھيو ويندو آھي.)
ائين ئي وري ھڪ ٻيو ٻول پڻ آھي. جيڪو آھي ”ٽِڀو“. پاڻ عام طور چوندا آھيون تہ: ”ڦلاڻي تہ ٽِڀو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو“. سو اھو ٽڀو سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي ڇا؟ ان جو جواب ڊاڪٽر بلوچ جامع سنڌي لغات ۾ معنا ڪري ٿو ٻڌائي: ”ننڍو ٺڪر جو لوٽو يا ڪِنگَرُ. کُمرو ، ڪُپو. باسڻ.“ سو ان ٽڀي جديد دور جي انگريزيءَ ۾ ”ٽب“ (tub) جي شڪل ڪيئن ٺاھي اھو ننڍي مان وڏو ڪيئن ٿيو، جيڪو انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اسان وٽ اھو ”ٽب“ وري ڪيئن ”ٽَپ“ ٿيو، منھنجي خيال ۾ اوھان پاڻ سمجهي سگهو ٿا. ساڳي نموني سان وري پاڻ وارو ٻول ”مَڳو“ ڏسو جيڪو ھزارين سالن ۽ ڪوھن جي وٿيءَ تي يورپي رستا وٺندو لاطينيءَ مان ٿيندو انگريزن وٽ اڄ ”مگ“ (Mug) جي شڪل وٺي پوري دنيا ۾ ورجايو پيو وڃي. (ھن ٻول لاءِ بہ گورا اٺ پيرو ٺاھيون ويٺا آحن تہ خبر نہ ٿي پوي تہ ھي ٻول ھتي ڪيئن آيو آھي، پر کين خبر ھجي تہ ھي سنڌي ٻول مڳو آھي) ھيٺ لنڪ ڏسو:
https://www.etymonline.com/search?q=Mug
ھا مٿين ڳالهين دوران وچ ۾ ھڪ ٻول آيو ”باسَڻ“ جنھن جي معنا آھي “ٿانءُ“. ھاڻي ھتي ھڪ انگريزيءَ جو لفظ آھي ”ويسل“ (vessel). گورا اڄ تائين ڦاٿا پيا آھن تہ اھو لفظ آيو ڪٿان؟ کين ڪو کُر پير ڪونہ ٿو ملي. ڇوتہ ان ٻول جو ڪو اچار سنسڪرت ۾ پڻ نہ ٿو ملي. پر ھتي پاڻ اھو خيال ضرور ڏينداسين تہ ان انگريزي لفظ ”ويسل“ جو ڌات ٻول سنڌي ٻول ”باسڻ“ ئي لڳي ٿو. جيڪو وارثي نہ ھجڻ ڪري اسان وٽ ئي ڦاٿو پيو آھي، فاٿو ڇا، ھاڻي تہ جھڙوڪ اسان ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻولن جي ڌات، ڪارج آڌار ڏسجي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ٻولن کي سائنسي بڻيادن تي پوري دنيا آڏو بيھاري ثابت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪم جي ضرورت آھي جيڪو اسان وٽ سياسي يتيميءَ، ۽ ذاتي ھٺ ڌرمين جي ڪري اڃا تائين ڪُنواري جو ڪُنوارو ئي رھيو پيو آھي.




