اٽي ڏڪر، تيليگو ۽ ڪرڪيٽ

اٽي ڏڪر کيڏڻ مھل جيڪو رانديگر تيڪبو ھئو اھو لاپ ۾ اڇليل اٽيءَ کي واپس گِلَ ڏانھن چست ڪري اڇليندو ھئو. جيڪڏھن سندس اڇليل اٽي گل تي رکيل ڏڪر کي لڳي وئي تہ معنا راند وئي، پر جيڪڏھن صفا ڀر ۾ اچي ڪري تہ ان جڳهہ جتي اھا اٽي ڪري، ۽ گِل جي وچ ۾ ڏڪر سان مفاصلو ڳڻيو ويندو ھئو.
ھاڻي جيئن ڪپڙو گز سان ماپبو آھي ائين ڏڪر سان مفاصلو ماپڻ مھل جيڪي اٽي ڏڪر ۾ ايڪا ھوندا ھئا اھي ھيئن ھئا:

  1. اڪٽ
  2. ٻڪٽ
  3. لان
  4. مُونُ
  5. نار
  6. آر
  7. ويئي
  8. جڳو

ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ سوين سالن کان اھا اٽي ڏڪر واري راند ۾ اھي ڳڻپ جا انگ ڪيڏانھن کان آيا!
اتي ھڪ ٻہ ٽي چار پنج وغيرہ ڇونہ استعمال ٿيا؟
ھاڻي اچو تہ ٿورو سوچيون تہ ھن قسم جي ڳڻپ دنيا جي ٻي ڪھڙي ٻوليءَ ۾ آھي؟
تہ سائين منھنجا، ھڪڙي ٻولي آھي تيلگو، جنھن ۾ پھريان انگ ھيئن ڳڻبا آھن:
”اوڪٽ، ريندو، مونڊو، نالگو، ائيدو، آر، اڊو“.
ابا ڪا سمڪ پئي؟ ٻوليون ڪيئن ٿيون ھيٺان ھيٺان گهمن ڦرن ۽ ڏين وٺن.. ڪا خبر نہ ٿي پوي!
ھا ھڪ اھم ڳالهہ: ان اٽي ڏڪر کيڏڻ جو جنھن دوست کي اتفاق ٿيو ھجي تہ ٿورو اٽي ڏڪر جي ڊَڊَ ۽ تِيڪ قسم واري اٽي ڏڪر جي تاڃي پيٽي ۽ ڪرڪيٽ جي سرشتي ۾ ھڪجھڙائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري تہ خبر پئجي ويندس تہ خيال بہ ڪيئن ٿا گهمن ڦرن!
ھا ھڪ ٻي ڳالهہ تہ ڪرڪيٽ ۾ اڪٽ ٻڪٽ تہ نہ پر وڪٽ لفظ ضرور استعمال ٿيندو آھي. خير اھا تہ ٿي اٽي ڏڪر جي ڳڻپ پر وري اڄڪلهہ جي ڪرڪيٽ جي ھڪ لفظ وڪيٽ تي ديد ڪجي تہ عجيب دنيا آھي. وڪيٽ جنھن جو مان ھيٺ ھڪ تاڃي پيٽو ٺاھي رھيو آھيان.
وڪٽ، وڪجا يا وخجا، وک جا، وک
ڪرڪيٽ راند ۾ اهي جيڪي ٽي ڪِلا هوندا آهن انهن کي هو وڪيٽ سڏين.
حيران ٿيم، جڏهن انهن وڪيٽن جي بڻيادي ٻوليءَ جي ڪڍ لڳم تہ خبر پئي اهو قديم نارسڪ جي لفظ وڪجا يا وخجا مان نڪتو آهي، جنھن جي معنا آهي اڳتي چرڻ، وڌڻ.
ياد رهي تہ وڪيٽ جي معياري ڊيگهہ لڳ ڀڳ 28 انچ ٿيندي آهي.
هاڻي اچو تہ هڪ عام ۽ معياري ورانگهہ جي ڊيگهہ ڪيتري ٿيندي آهي؟
تہ دوستو اها 30 انچ ٿئي ٿي. بھرحال پاڻ ٿا اچون واپس لفظ وڪيٽ تي. سو اهو لفظ وخجا يا وڪجا (پراڻي نارسڪ) مان نڪتو آهي. هاڻي اچو سنڌي ٻوليءَ ۾! پاڻ وٽ هڪ لفظ آهي ”وک“ معنا؟ پنڌ هلڻ جو پھريون انساني ماپو. وک جيڪا لڳ ڀڳ 30 انچن جي ٿئي. هاڻي مان ابتو لفظن جي هڪجھڙائي ٿو کڻان… ڏسو ڪيڏو مزيدار سفر آهي.
وک
وک جو يا وک جا
وڪجا يا وخجا
وڪيٽ.