اِنڊِيگو، اِنڊ گو… اصل آھي ”سنڌ جو“

اھو ائين ئي آھي جيئن پاڻ وٽ ڪافي ٻول اھڙا ٿين جن پويان ”جِي“ يا ”ڪِي“ حالت اضافت طور ڪتب اچن، جيئن ”مُنھنجِي“ يعني ”مُون واري“، يا جيئن ”شاھ جِي“ يعني شاھ واري، ساڳيءَ رِيت ”سيٺارجا“ يعني سيٺارن جا، وغيرہ. اسان جي ٻوليءَ ۾ اھو ضرور ناھي تہ ھر ھنڌ حالت اضافت جا ٻول ”جِي، جو يا جا“ ھجن پر ”ڪِي، ڪو يا ڪا“ پڻ ٿئي. جيئن ”گهوٽِڪِي“ يعني ”گهوٽن جِي“، ”ڍاٽڪِي“ يعني ڍَاٽ جِي يا واري.
گذريل پوسٽ ۾ ھڪ ڳالهہ رکي ھئين سين تہ پوري دنيا جي ٻولين ۾ ڪي آواز ھڪٻئي سان اٽبا مٽبا رھندا آھن، جيئن ”ج“ جو آواز ”گ“ ۾ ادلبو بدلبو آھي. انڪري ئي انگريزي اکر ”G“ ٻنهي آوازن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ عام جام ڪتب اچي. جيئن ”goat“ (گوٽ) تہ وري ”germ“ (جرم)، فارسيءَ ۾ وري جيئن ”جيلاني“ يا ”گيلاني“ ڳالهہ مڙيوئي ساڳي ٿئي.
ھاڻي مٿيان قانون سمجهڻ بعد ڳالهہ گهڻو سولي ٿي وئي ھوندي انڪري مُدي تي اچون ٿا. سو خبرون مڙيوئي خير! ھڪ انگريزيءَ جو لفظ آھي ”اِنڊِيگو“ (Indigo) جنھن جو مطلب اھو ساڳيو ئي جيڪو پاڻ وٽ ”نِيرُ“ رنگ آھي. ھاڻي ٿيو ھئو تہ اھو نِير پاڻ وٽ جهجهي مقدار ۾ ٿيندو ھئو، ايترو جو آڳاٽا سنڌي ان نِير کي ڏيساور طور ٻاھرين مُلڪن ۾ وڪڻي ناڻو ڪمائيندا ھئا.
ھاڻي جتي جتي اھو نير ويو تہ اتي اتي نالو ڇا ٿيس؟ ڇوتہ اھو سنڌ مان ويو انڪري ان کي ”سنڌ جو“ سڏيو ويو. ڏسو ھِتي:
https://www.etymonline.com/word/indigo#etymonline_v_6387
سنڌ، اھا پاڻ واري ئي سنڌ، جنھن کي يوناني ”اِنڊ“ سڏيندا ھئا. جنھن ڪري يورپي ملڪن ۾ نير رنگ جو نالو ٿيو ”انڊ گو“ يعني ”سنڌ گو“ صفا پاڻ جيان ”سنڌ جو“!
اسان گهڻو ڪري اھو سوچيندا آھيون تہ جيڪڏھن يوناني سنڌ جو نالو ”اِنڊ“ ۾ تبديل نہ ڪن ھا تہ اڄ ان نالي پويان الائي ڪيترا اسم ڪجهہ ھِن ريت ھجن ھا:
سنڌونيشيا، سنڊيانا، ويسٽ سِنڊيز، سنڊيانا جونز وغيرہ