سجاوتو، اڌ مٿي جو سور، يعني مائگرين طبي سائنس لاءِ وڏو ڳجهہ

اڌ مٿي جو سور، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ”سِجَاوَتو“ بہ سڏجي ٿو، جنھن کي اردوءَ ۾ ”دردِ شقيقه“ تہ وري انگريزيءَ ۾ مائگرين چئي سڏيندا آهن.

بنيادي طور تي هي زنانو مرض جيڪو عورتن کي ماهواري جي يا اميد جي ٿيڻ سان پھريان چار مھينا ڪافي تنگ ڪندو اٿن، اهو اڪثر ڪجهہ حساس مردن کي بہ ٿيندو آهي جيڪو جيڪڏهن ٻالڪپڻي واري دور کان شروع هجي تہ نڀاڳو وڃي پنجاھ سالن کان پوءِ ڪو ڇڏي تہ ڇڏي نہ تہ پيو ڀوڳبو آهي.

اڌ مٿي جي سور جي هڪ آخري حد هوندي آهي جنھن کي طبي سائنس ۾ ”ڪلاسيڪل مائگرين“ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي.

ان ڪلاسيڪل مائگرين ۾ مريض جي ڏسڻ جي قوت بہ متاثر ٿي ويندي آهي ۽ عارضي طور تي انڌو بہ ٿي ويندو آهي. آوازن کان وحشت ٿيندي اٿس، روشني ڏٺي نہ وڻيس، بس بند ڪمرو هجي. اهو ڪلاسيڪل سور اڄ تائين تمام ميڊيڪل سائنس لاءِ خود مٿي جو سور ثابت ٿيل آهي ڇوتہ ان جو ڪو بہ پڪو پختو علاج هن مھل تائين هٿ ناهي اچي سگهيو. بس عارضي طور تي ڪجهہ دوا درمل ڪري ان درد جي شدت مان جان ڇڏائبي آهي.

هن سور جي پويان ڪھڙا سبب آهن، آخر اچانڪ دماغ جي سنهين تنتن مان رت ۽ گلوڪوز جو سراسري وهڪرو ڇو متاثر ٿيندو آهي؟ ڪا خبر ناهي.

باقي ڪجهہ عجيب ڳالهيون سامهون آيون آهن جيڪي مان هتي اوهان سان ونڊيان پيو.

  1. هي سور پنھنجي وت ۾ رڳو گهڻو حساس ۽ ذھين ماڻهن کي ٿيندو آهي.
  2. هي سور عدم تشدد طرف مائل ماڻهن کي جلدي اثر ڪندو آهي.
  3. شاعر، تخليقڪار ۽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل ماڻهو هن سور جا اول نمبر جا پسنديدہ ماڻهو ٿين ٿا.
  4. هي سور ماڻهن مان سوشل ٿيڻ جو خبط ڪڍي ڇڏي ٿو.
  5. هي واحد سور آهي جنھن جي ڪري انسان جي سڄي تنتي سرشتي جو سڄو ڪار وهنوار ويھجي ويندو آهي.

خبر ناهي تہ هن سور جي پويان ڪھڙي مام لڪي پئي آهي؟ اڃان ميڊيڪل سائنس وارا تہ اٺ پيرو ٺاهيو ويٺا آهن، پر مونکي پڪ اٿم تہ هڪ ڏينھن ضرور اها ڳجهارت ڀڄندي.