کجي، اردوءَ ۾ کجور ۽ انگريزيءَ ۾ Date Palm ۽ وري جنھن کي نباتاتي ٻوليءَ ۾ Phoenix dactylifera سڏجي ٿو سا دنيا جي انهن خوشنصيب ميون مان ھڪ آھي جنھن جون لاتعداد جنسون ٿين ٿيون. تاريخدان ٻڌائن ٿا تہ ھي وڻ لڳ ڀڳ ست ھزار سال پراڻي جنسن مان ھڪ آھي جيڪو آڳوٽي عربستان مان ٿيندو سنڌ ۾ ٺيڪ ٺاڪ نموني سان عزت وٺي رهيو آھي. ڪي تاريخدان وري اھو بہ چون ٿا تہ کجي سنڌ مان عربستان ۾ وئي جنھن کي سميرين وڃي اتي پوکيو. (وڌيڪ رب کي خبر)
خير سو جيئن مان مٿي لکيو تہ کجي جنھن جون ھيئنر تائين نباتاتي ماھر ايڪھٺ کن جنسون لڀي سگهيا آھن جيڪي شايد ئي ڪنھن ٻي ميوي ۾ ھجن. مزي جي ڳالهہ آھي تہ ھر جنس پنھنجي پنھنجي ذائقي ۾ منفرد ۽ عاليشان آھي.
پر جيڪڏهن اسان کجيءَ جي وڻ تي ئي ڳالهايون تہ منھنجا دوستو ھي واحد وڻ آھي جنھن جو ڪو بہ عضوو ڪنھن ڪم ۾ اچڻ کان سواءِ اجايو نہ ٿو وڃي.
مثال، ھن جي پاڙن جي تاندورن مان نوڙيون ٺاھيون وينديون آھن تہ ھن جا ڇوڏا وري ساڙڻ جي ڪتب ايندا آھن. کاٻر مان وري مُيُون ۽ ويھڪيون ٺاھيون وينديون آھن تہ ھن جي ڊگهي ٿُڙ مان وري ڪامون ٺاھي گهرن جي ڇتين کي مضبوط ڪيو ويندو آھي. ھن جي ڇڙهين مان ڪنڌيون، جيڪي لوڙهن وارو ڪم ڏينديون آھن، تہ انهن جي پنن مان انيڪ شيون جيئن تڏا تنوريون، پنڊيون وغيرہ ٺاھيون وينديون آھن. ڪوئر وارين ڪنوالين ڇڙهين مان وري نازڪ ترين مصلا، ٽوپيون، مانيءَ دانيون، ڇٻا وغيرہ عام جام ٺاھبا آھن. نئين ڦٽندڙ ڳر بي انتھا سواد واري ھوندي آھي جنھن کي ڳوٺن جا البيلا نينگر ڪٽي کائيندا آھن، تہ وري ڪيترائي ماڻهو ڪاروباري حساب سان شھرن ۾ اچي انهن کي کائڻ لاءِ کپائيندا بہ آھن. کجيءَ جا گوشا جڏهن کارڪن کان آجا ڪبا آھن تہ انهن مان ٻہاريون ٺاھبيون آھن يا وري ٻارڻ جي ڪم اچي ويندا آھن.
خير ھي تہ ٿي سندس جسماني ساخت جنھن جو ھڪ بہ ڪو ڦرهو بيڪار ناھي ھوندو، پر ياد رهي تہ ھن جي ڳر مان ”تاڙي“ شراب پڻ نڪرندو آھي جنهن جو ذائقو ڪسيلو پر وڻندڙ ھوندو آھي. پيئڻ سان ماڻهوءَ جا چوڏهن طبق روشن ٿي وڃن.
ھي مارچ مھيني جي شروعات ۾ ٻوڪجي نرجي ٿي، جنھن کان پوءِ ڏيڍ ئي مھينو ڪونہ ٿو گذري جو سندس پھرين شڪل يعني ”ڦُٽ“ واري ٿئي ٿي جيڪو جام کاڌو ويندو آھي. ھي ڦٽ پاڻمرادو کجيءَ جي گوشن مان ڇڻي پوندو آھي جيڪو پاڻيءَ جي گهڻائپ جي ڪري ۽ ڪمهلي سرديءَ جي سٽ نہ سھي ھيٺ ڪري ٿو. پر کائڻ ۾ واھ جو مزيدار ٿيندو آھي. اڃان ڪجهہ ئي عرصو ڪونہ گذرندو آھي جو خبر پوندي آھي تہ سائين ”ڏوڪن“ جي مند اچي وئي. ۽ مارڪيٽ ۾ کجيءَ جا ڏوڪا وڪامجڻ لڳندا آھن. ھيڏانهن ڏوڪا پيا وڪامندا تہ ٻئي پاسي وري فصلي کجين جي ڏوڪن ۾ لوڻ جي ھڪ ترڪيب ڪري مٽيءَ جي مٽڪن ۾ چار پھر رکي ”لوڻاٺيل ڪتل“ مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. اڃان ڏوڪا پيا ھلندا ئي جو مٿان وري اصيل جي ڏنگن جو وارو اچي ويندو.
ھي ئي اصيل آھي جنھن مان وري ”آڌيا“ (ان جي ڏوڪن کي اڌ ۾ ڪتري اسن تي سڪائڻ کان پوءِ جي جنس) ڇوهارا، تر، مربو، ڪتل، جھڙا مزيدار نمونا ٺاھيا ويندا آھن. ھاڻي تہ مشينن جي ذريعي اھو بہ ممڪن ٿي ويو آھي تہ ان ڪتل مان شربت بہ ٺاھي جوس جيان پي سگهجي ٿو. اس تي سڪل ڪتل مھينن جا مھينا رکي سگهجي ٿي جنھن کي وري کائڻ سان ڪمال جي طاقت ماڻهو وٺي ٿو.
ھاڻي ٿا اچئون کجيءَ جي نر تي. تہ منھنجا دوستو کجيءَ جي نر واري پائوڊر کي جنھن بہ دوست ويجهو ڏٺو آھي يا سنگهيو آھي ان کي ئي خبر ھوندي تہ ھن جي بوءِ ھوبھو مرداڻي منيءَ جيان ٿئي ٿي،
پھريون مونکي بہ اھو مامرو سمجهہ ۾ نہ آيو پوءِ جڏهن منھنجي چاچي کي اولاد نہ ٿيڻ تي کيس ڪنھن طبيب چيو تہ ابا تون ۽ تنھنجي گهرواري کجيءَ جو نر ڪچو کائو. بغير ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ۽ بغير ڪنھن رک رکاءَ جي، ڏسجو تہ جلدي اوهان جي گهر پھريٺو پٽ ڪيئن ٿو ڄمي. ابا الله جو وري اھڙو ڪرم ٿيو جو ھمراھن پورا ٻہ سال مندائتا کجيءَ جو نر کاڌو. تان جو ھڪ ڏينھن مون واري (مرحوم) چاچي (خدا کيس جنت ۾ جايون ڏيندو سان وتي ٻين گهر ڀاتين کان منھن لڪائيندي. تڏهن خبر پئي تہ چاچيءَ پيٽ سان آھي، واھ سائين واھ! ان حڪيم کي مون واري چاچي بوسڪيءَ جو پٽڪو ۽ وڳو ڏئي اچي پاڙي اوڙي وارن نياز جو بندوبست ڪيو.
مصر ۾ وري ان کجيءَ جي ٻُور کي ڪيپسولن ۾ بند ڪري سنڍ ضاعفن کي کارايو ويندو آھي.. ياد رهي تہ رومانيا تائين اھو علاج ڪم جو ھوندو آھي. مون کي جڏهن اھا مائي گوگل اچي وئي تڏهن خبر پئي تہ مار؛ ان کجيءَ جي ٻُور ۾ ماڳھين اھي سڀ جزا ٻيڻا ٽيڻا آھن جيڪي مرد جي منيءَ ۾ ھوندا آھن. سو ابا اھا کجي جنھن کي خيرپور وارا ماڻهو جڳ پال بہ سڏيندا آھن جيڪا ھزارن نہ پر لکين ماڻهن کي روزگار سان بہ لڳائي ٿي سا ائين نہ سمجهجو.
ميان سنڌي خوشنصيب آھيو جو دنيا جو اھو ميوو اوهان وٽ آھي جنھن جو ڪنھن بہ صورت ۾ ڪو ٻيو ميوو مقابلو نہ ٿو ڪري سگهجي.. بس ٿورڙو ان کي ڪاروباري حساب سان ھلايوس ۽ جڳ ناموسي ڪرايوس.. پنھنجا سنڌي واڻيا ان ڳالهہ ۾ صفا چٽ آھن جو ان کي ڇڙو پنھنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن جو مجال آ جو ڪو کجيءَ جو بيکر پاڻمرادو ڀارت ۽ روسي ملڪن سان ان جي جهجهي مقدار ۾ ڏيتي ليتي ڪري… اصل وياجن ۾ ئي ماري وجهنس.




