ھي عبادتون آھن يا نمائشي تماشا

مذهب، انساني تاريخ جو سڀ کان پراڻو اندروني سچائيءَ کي حاصل ڪرڻ جو هڪ اھم رستو رهيو آهي. اهو انسان جي اندر جي ڳولا لاءِ ھڪ باطني دڳ ڳولي ٿو، جنھن ۾ پاڻ سان گڏ، ڪائنات سان، ۽ ڪنھن اعليٰ قوت سان رشتو ڳنڍڻ جي جدوجھد ھڪ ازلي ۽ پوتر مقصد انسان سمجهيو آھي. پر اڄ جي دنيا ۾، جتي هر شئي کي ڏيکاءَ، شو بازي ۽ وکربازيءَ جي شڪل ڏني وئي آهي تہ مذهبي رسمون بہ ان واپار جي دنيا جو حصو بڻجي چڪيون آهن. ھيءَ دنيا جيڪا اڳتي وڌڻ جو ساھس ڏئي سندي پاڻ کي جديديت جو نالو ٿي ڏئي پر حقيقت ۾ اها پنھنجي اصليت کان پري نڪري چڪي آهي. اڄ مذهبي جو ڏيکاءُ اصل روحانيت تي غالب اچي ويو آهي. ان کي ڏسڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو تہ اسان هاڻ مذهب جي نہ پر ان جي هڪ مصنوعي، مجازي ۽ ظاھري ۽ دولابي نسخي سان تعلق رکي رهيا آهيون.
ھي ائين سمجهو تہ جڏهن ڪو ماڻهو عبادت دوران سيلفي وٺي ٿو، يا حج تي وڃڻ کان اڳ مخصوص لباس ۽ وڏي ڌڄ سان پاڻ کي فوٽوگرافيءَ لاءِ تيار ڪري ٿو تہ اتي اهو سوال دماغ ۾ اٿي ٿو تہ ڇا خدا سان ملاقات جو وقت بہ هاڻ سوشل ميڊيا لاءِ شوٽنگ جو وقت بڻجي چڪو آهي؟ دعا، جيڪا اڳ دل ئي دل ۾ گهري ويندي هئي، هاڻ اھا انسٽاگرامي ريل جيان بڻجي چڪي آهي. نفل، جيڪي رات جي خاموشين ۾ بي نيازي سان ادا ڪيا ويندا هئا، هاڻ فخر سان وڊيو ڪلپ بڻجي فالوئرز لاءِ پيش ڪيا وڃن ٿا. اصل جذبو، اصل ارادو، ۽ اصليت جي جهلڪ هاڻ فقط تصويرن جي فلٽرز ۾ رهجي وئي آهي.
اڄ جو ماڻهو، جيڪو پاڻ سان ٻہ پل بہ اڪيلو نہ ٿو رهي سگهي، سو روحانيت جھڙي لطيف احساس جو مطلب بہ گوگل سرچ سان سمجهڻ چاهي ٿو. هو جيڪي اڳي امن آشتي، يا شانتي جو احساس مراقبي مان حاصل ڪندا هئا، اڄ ان کي يوٽيوب وڊيوز مان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عبادت، جيڪا ان لاءِ هئي تہ انسان پنھنجي اندر جهاتي پائي، هاڻ اها عوام لاءِ ڏيکاءُ جو ذريعو بڻجي چڪي آهي. ماڻهن لاءِ ضروري ٿي پيو آهي تہ سندس ايمان نظر اچي تہ مان ڪيڏو ايماندار آھيان. دوستو! ٺيڪ ھي رويو جديد دور جي ”رُڃاري ڏيک“ جو ڀيانڪ روپ ٿي ويو آھي.
اوھان پاڻ ئي ڏسو تہ ھي ملا مولوي ٽائيپ ان مصنوعي دنيا جو حصو بڻجي ويا آهن. هاڻ سندن لھجو، لباس، انداز ۽ گفتگو بہ ان حساب سان تيار ڪيو وڃي ٿو ته ان مان ”اثر“ ڪيئن پيدا ڪجي يعني سچائيءَ سان وڃي نہ وڃي پر ان جو اظھار ڌماڪيدار نموني سان ڪيئن ڪجي! ھنن جي خطبن مان هاڻي خدا جي ڳالهہ گهٽ ۽ فالوئرز کي متوجھ ڪرڻ لاءِ ڏنل جملن جو زور وڌيڪ هوندو آهي. سندن تصويرون، نالا ۽ شخصيتون ھاڻي مارڪيٽ ۾ هڪ برانڊ بڻجي چڪيون آهن. مذهبي تبليغ هاڻ ”سوشل ميڊيائي مواد“ بڻجي ويو آهي، جيڪو مارڪيٽ جي ڊيمانڊ تي هلي ٿو.
مقدس ماڳن جو حال بہ مٿين صورتحال کان مختلف ناهي. مسجدون، گرجا، گردوارا، مندر ۽ زيارت گاهون هاڻي روحانيت کان وڌيڪ سياحت ۽ واپار جا مرڪز ٿي ويا آهن. جتي اڳي انسان روح کي آرام ڏيڻ ايندو هو، اتي هاڻ هو سيلفي وٺي پنھنجي ايمان جو ثبوت ڏيکارڻ ۾ لڳو پيو آھي. مذهبي لوڪل برانڊ، روحاني تحفا، ۽ اشتھاري بورڊ، انهن سڀني جي موجودگي اصل مقصد کي گم ڪري ڇڏيو آهي. اهي ماڳ هاڻ ”روحاني تجربن“ جا فلم اسٽوڊيو بڻجي ويا آهن.
ان رُڃاري ڏيک جي سڀ کان خطرناڪ ڳالهہ اها آهي تہ اها ماڻهوءَ کي اصل مان پري ڌِڪي ھڪ اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي جتي هو سوچڻ بہ وساري ويھي ٿو تہ سچ ڪٿي آهي. جڏهن مصنوعيت ھر ھر ورجائي ويندي آهي تہ اها ئي سچ لڳڻ لڳي ٿي ۽ انسان اها چڪاچوند واري تصوير ئي اصل سمجهي ويھي ٿو. سچ بہ تہ ھي پاڻ سان ڌوڪو آهي، پر ڏک جھڙي ڳالهہ اها آهي تہ ماڻهو انهيءَ ڌوڪي ۾ خوش آهن ڇو تہ ھي ڏاڍو پر آسائش آهي، پرسڪون لڳي ٿو، ۽ انسانن کي وڻي ٿو.
مذھب، جنھن کي سچ، صداقت، عاجزي ۽ اخلاص جو رستو هجڻ کپي پر اڄ اھو ماڻهن جي نفسياتي آسائشن، سوشل سڃاڻپ، ۽ گروهي تفريح جو ذريعو بڻجي ويو آهي. اها تبديلي صرف فردي سطح تي نہ پر اجتماعي سطح تي بہ چٽي نموني سان ظاھر آهي. هتي خدا جي تلاش کان وڌيڪ خداجي مبلغن جي نمائش ھلي رھي آھي. هتي صبر جي تربيت کان وڌيڪ جلد فالوئرز جي وڌئون واڌ آهي.
پر جيڪو مُونن ۾ ھڻي جيئن لطيف سائين چيو ”مُنھن مُونا طورسينا“ جيان سندي اندر ۾ ڏسي ٿو اھو سمجهي ٿو تہ هتي اڃا بہ واپسيءَ جا رستا بند نہ ٿيا آهن. سچائي اڃا بہ روح جي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪي ويٺي آهي. جيڪڏهن انسان پنھنجي اندر جي خاموشيءَ ڏانھن واپس موٽي، پنھنجي عبادت کي رڳو پاڻ ۽ پنھنجي رب جي وچ ۾ رکي، پنھنجي اعمال کي سوشل ميڊيائي چڪاچوند بجاءِ پنھنجي انتھائي اندر پاسي موڪلي جيئن لطيف چيو ھئو ”نائي نيڻ نھار تہ تو ۾ ديرو دوست جو“ تہ هو ان رُڃاري ڏيکاءَ واري مذهبي رياءَ مان نڪري اصلي روحانيت ڏانھن موٽي سگهي ٿو.
سچ اھو آھي تہ خدا اسان جي مصنوعي ۽ رِياءَ وارين رڙين نہ پر دل جي اندرين سڏ جو جواب ڏيندو آهي. ھُن جا راز سوشل ميڊيائي وڊيوز ۾ نہ پر خاموشيءَ ۾ لڪيل آهن. ٿورڙو دل تي ھٿ رکي ڏسو ۽ سمجهو ڇو نہ ٿا تہ جيڪڏهن دنيا ۾ هي سليڪان واري اسڪرين اچانڪ بند بہ ٿي وڃي، تڏهن بہ دل اندر نميل سجدي ۾ خدا موجود رهندو ۽ اھو ئي تہ رھندو! ياد رکي ڇڏيو تہ حقيقي ايمان واھ واھ جي دادن کان آزاد هوندو آهي، ۽ ان کي سوشل ميڊيائي ڪنھن “لائڪ” يا “شيئر” جي يا يا سماجي داد جي ضرورت ناهي ھوندي.
اهو ئي مذهب جو اصل جمال آهي، روپ آھي، جيڪو ڪنھن نقلي منظر جو محتاج ناهي. ان کي سمجهڻ، قبولڻ، ۽ جيون ۾ ڳُتڻ جي ضرورت آهي، نہ وري ڏيکاءَ جي!