يوفوريا جي ڪيفيت

رات کان عجيب حالت آھي. ماءُ سمان سس انتقال ڪري وئي. چون ٿا تہ کيس برين ھيمريج ٿيو. ٻہ ڏينھن اسپتال ۾ ڪوما جي حالت ۾ ھئي. ڊاڪٽر پيا چون تہ جيڪڏھن بچي بہ وئي تہ باقي ڄمار اڌ رنگي ۾ گذاريندي. مان جيئن ئي اھا ڳالهہ ٻڌي تہ دل مان رڙ نڪتي: ”او خدا! پنھنجو ڪريس!“
اڌ وجود کان مڪمل خال ڀلو ٿيندو آھي. ۽ شايد مالڪ منھنجي ٻڌي. ھوءَ ٽيون ڏينھن گذاري وئي. مونکي ادا فون تي چيو: ”جلدي پھچ؛ پڦي گذاري وئي.“
او خدايا! مان نظرن تان ڪري پيم. اھو ڏاڍو خراب ٿيو.. پر ڀلو ٿيو.. ھڪ انسان جو موت…! ڪيئن ڀلو ٿي سگهي ٿو؟ وري جاپانين جي چوڻي ياد اچي وڃي ٿي جنھن ۾ ھُو موت لاءِ چوندا آھن تہ ڦلاڻي جو موت بي انتھا خوبصورت ٿيو!
ٽي ڏينھن پنھنجي ٿڪل وجود کي کڻندو پٿر تي ويٺو رھيم ڪجهہ آئڙي نہ پيو؛ ڪجهہ نہ پيو وڻي. مسلسل بک، مٿان ٿڪ، وري سيءَ سڀ ڪسرون ڪڍي ڇڏيون… ڪالهہ کان سيءَ وارو تپ مزمان ٿي آيو.
سڄو گهر شاھد آ، تہ ڪڏھن ڪلاسيڪي راڳ پيو آلاپيان تہ ڪڏھن صفا چپ ٿي پيو وڃان. ڪنجهہ وڌندي پئي وئي، بروفن جو سيرپ سامهون آيو تہ اڌ ڳڙڪائي ويم.
مون کي پنھنجي پاڻ سان ڳالهائڻ جو مسئلو رھيو آھي پڦيءَ جي مرتيي کان پوءِ تہ اھو وڌي ويو، ايتري تائين جو ھڪ ڀيري ائين لڳو ڄڻ مان گرڊجيف جي محفل ۾ ويٺو آھيان. جتي ھو سيڪس جا ليڪچر ڏيندي ماڻهن کي اڌ شھوتائي اچانڪ چئي ويھندو: ”اوھين ڪيڏا تہ ڪريل آھيو! ھاڻي ان جي سزا اھا آھي ته آشرم لاءِ پئسا ڏيو.“
ڪڏھن تہ وري ھُو چوندو: ”ھر انسان جي اندر ۾ ھڪ مھا قوت موجود ھوندي آھي جيڪا ھو ورلي ڪتب آڻيندو آھي.“
تہ پوءِ مون واري قوت ڪٿي آھي؟
وري دل ۾ آيو تہ عربي ٻوليءَ جا اھي ٽي لفظ ”قوت، وقت ۽ تقو“ ڪيڏا ڪمال جا لفظ آھن! جيئن گوتم وارا شبڌ تہ ستيم شوم سندرم!
ائين سڄي رات اڌ جاڳ ۾ گذاري صبح جو نعرو ھڻي گاڏي ڪڍان ٿو. ساڍا پنج سئو ڪلوميٽر جي ڊرائيو… خبر ئي نہ ٿي پوي ڪيئن گذري وئي… مختيار شاھ جِي شاعري ”ھيءَ حسين زندگي ڪيئن گذري وئي.. خواب ھو يا ھوا.. ڪا خبر ئي نہ پئي!“
رستي ۾ گاڏي بيھاري ٻاھر نڪتم. وڏا ساھ کڻڻ لاءِ… پوءِ سمجهيم تہ منھنجي چيلهہ آھي بہ يا نہ…. سچ ۾ مان بيحسي محسوس ڪئي… نظرن تان ڪريل انسان جيان.. بيحسي…
ڊاڪٽر پرڀوءَ کي فون ڪري چوان ٿو يار طبيعت ۾ مزو ناھي… پيٽ بہ خراب آھي.. سيءُ لڳينم ٿو.. بخار تہ آھي ئي آھي!
ھو دوائون ايس ايم ايس ڪري ٿو.. پر شايد کيس بہ ھورا کورا ٿئي ٿي.. ڊاڪٽرسنيل کي موڪلي ٿو.. سنيل… منھنجو ھم ڪلاسي يار.. ھن ٿرماميٽر وات ۾ وڌو.. نبض جهلي منھنجي منھن کي تڪڻ لڳو…
ڇا ٿيو آ؟ مان پڇيانس ٿو..
ٿرماميٽر ڪڍي پھريون پاڻ ڏسي ٿو.. پوءِ سخت ڪروڌ ۾ مونکي ڏيکاري چوي ٿو.. ”انڌا ھي ڏس… ھڪ سئو ھڪ بخار آ.. ۽ تون ڳوٺ کان ڊرائيونگ ڪئي آ؟“
ھا پر ڇا ٿيو؟ گرڊجيف چوي ٿو تہ ھر انسان جي اندر ۾ ھڪ مھا قوت ھوندي آھي!
ھو منھنجي ڳالهہ کي ڪٽي رڙ ڪري ٿو.. بابھن جي قوت… ٿُڪاڻڪا.. لعنتير… تون کي خبر آ تون خودڪشي ڪرڻ وارو ڪم ڪيو آ…. ھاڻي سمهہ…
”ڄٽ سو ڄٽ.. زليل ڪميڻا…“ ھن جي گارين جو زيپٽ پيو ھلي: ”تون کي خبر آ تون يوفوريا ۾ آھين…. سوئر… جيڪڏھن ڪجهہ بہ ٿي وڃي ھا تہ؟“
گاريون ڏيندو ڊرائيور کي سڏي سوپ وٺي اچڻ جو چوي ٿو.
۽ مان نظرن تان ڪريل…. خودڪشي ڪندڙ… نڪ مھٽيندو ٿو رھان… ھو ھاڻي ويو آھي… سوچيم.. تہ يوفوريا لکي ڇڏيان… ڪھڙي خبر… نظرن تان ڪري ڪري پاتال ۾ نہ ڪري پوان… پر مان ڪھڙي اربع خطا ڪئي؟ ڇو ائين؟
سوال جي تاڃي وچڙي پوي ٿي…
۽ مان پاتال ۾ ڪرندو وڃان ٿو. گرڊجيف مٿي سيڪس تي ليڪچر ڏيندو اچانڪ چوي ٿو.. اوھان ڪيڏا تہ ڪريل ماڻهو آھيو!