فرد يا ادارا، اھم ڪير؟

جنھن سماج ۾ اسان رھون ٿا اتي گهڻو ڪري اھو سوال فڪري سوچيندڙن جي ذھنن ۾ ايندو آھي تہ فرد اھم ٿيندا آھن يا ادارا؟ ڇوتہ عام طور تي اسان اھو ڏسي رھيا آھيون تہ ناڪارہ ٿيل ھڪ اداري ۾ جيڪڏھن جو ڀلو آدرشي ۽ اجتماعي سوچيندڙ فرد سربراھ طور ايندو آھي تہ ڪجهہ ئي وقت ۾ اھو ڪريل ادارو سماج کي ڏيندي مٿي چڙهڻ شروع ڪندو آھي، جڏھن تہ ھڪ بھترين قائم ٿيل اداري ۾ جيڪڏھن ڪو عام رواجي آفيسر مزاج يا مستقبل بين نظر نہ رکندڙ سربراھ ٿي اچي تہ ڪجهہ ئي مھينن ۾ اھو ادارو ويھڻ لڳندو آھي. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي گهڻن ئي ادارن جي ھن وقت اھا ئي صورتحال آھي، جتي جنھن مقصد لاءِ ادارو جوڙيو ويو ھئو تہ اھو مقصد ھاڻي ختم ٿي اتي ويٺل ملازمن جا ذاتي ڪم اھم ٿي ويا آھن. سربراھ اجتماعي منافعي کي پٺتي ڪري بس ذاتي منافع ۾ رڌل وڌيڪ لڳندا آھن. ٺيڪ اتي اھو سوال وڌيڪ کُلي اڀري ٿو تہ فرد اھم ٿيندا آھن يا ادارا؟
سچ اھو آھي تہ فردن ۽ ادارن جي اهميت بابت اھو سوال هڪ اهڙو فڪري ۽ عملي موضوع آهي، جنھن تي نہ صرف پوري دنيا جا ڏاھا بحث ڪندا رهيا آهن، ڇوتہ هر باشعور سماج جي ترقي يا زوال جو دارومدار بہ ان ڳالهہ تي رهيو آهي تہ انهن ٻنهي مان ڪنھن کي اهميت ڏني وڃي. غور سان ڏسجي تہ ھڪ فرد تبديليءَ جي شروعات ڪندو آهي، جڏهن تہ ادارو وري ان تبديليءَ کي دائمي شڪل ڏيندي ھڪ اصول جي ھڪ لڪير قائم ڪندو آھي. ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپو ايڏو تہ ڏکيو آهي، جو ڪنھن بہ ھڪ کي ٻئي تي فوقيت ڏيڻ جو فيصلو هڪ طرفو نہ ٿو ٿي سگهي.
فرد تاريخ جا محرڪ هوندا آهن. وڏا وڏا انقلاب، فڪري تحريڪون، سجاڳيءَ جا عمل، ۽ سياسي جدوجھدون گهڻو ڪري ڪنھن هڪ يا ڪجهہ فردن جي فڪر، جذبي، ۽ عزم سان جنم وٺنديون آهن. اهي فرد، پنھنجي دور جي رواجن، ظلمن، ڏاڍين ڌرين پاران مڪروھ خاموشيءَ يا بيحسيءَ جي خلاف آواز اٿاريندا آهن. سندن سوچ عام ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو مينار بڻجي ويندي آھي. اهڙا مثال دنيا ۾ ھر قوم، زبانن، يا خطن جي فرق کان بغير هر دور ۾ ملندا رھن ٿا. سندن صلاحيتون صرف انهن جي داخلي بصيرت ۽ شعور تائين ئي محدود نہ هونديون آهن پر سماج ۾ اڀرندڙ سوالن، ڏکن ۽ اميدن سان ڳنڍيل هونديون آهن. تاريخ شاھد آھي تہ اھڙن فردن کي تاريخي مقام حاصل ٿيندو آهي، جيڪو ٻين لاءِ پوءِ ھڪ رستو بڻجي ويندو آهي.
پر اڳواڻ فردن جي ڪاميابين، ۽ پيدا ٿيندڙ اثرن ۽ فڪرن جي تسلسل لاءِ ادارن جي موجودگي ۽ مضبوطيءَ جي اهميت کان ڪوبہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي. غور ڪري ڏسبو تہ فرد عارضي ھڪ تبديلي آڻي سگهي ٿو تہ اتي ادارو وري ان تبديليءَ کي قانون، رواج ۽ ھڪ منظم نظام جي شڪل ڏئي ٿو. فرد جي فڪر، سوچ، لوچ کي تاريخ جي ورقن تائين محدود رکڻ بدران ادارو ان کي آئيندي ۾ ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. ادارا سائنسي فڪرن کي منظم ۽ لاڳيتو متحرڪ شڪل ڏيئي ھڪ نظام سازي ڪندا آھن. پر جڏهن ادارا ڪمزور ٿين ٿا، تہ فردن جون محنتون بہ بي اثر ٿيڻ لڳنديون آھن. ان وقت هڪ سٺو استاد بہ تباھ ٿيندڙ ھڪ تعليمي نظام ۾ پنھنجي عقل ۽ دانش جي مدد سان ان کي گهڻي دير تائين نہ ٿو بچائي سگهي، هڪ ايماندار جج بہ ڪرپٽ عدالتي نظام ۾ پنھنجو اثر وڃائي ويھندو.
اهو سمجهڻ ضروري آهي تہ فرد ادارن کي جنم ڏين ٿا ۽ ادارا فردن کي تحفظ، سڃاڻپ، ۽ ترقيءَ جا موقعا ڏيندا آھن. انهن ٻنهي جو تعلق هڪ ٻئي کان الڳ نہ آهي، پر هڪٻئي سان ڳنڍيل ئي رھندو آهي. جيڪڏهن فرد بيدار، ايماندار ۽ آدرشي ٿيندا آھن، تہ اهي ادارن کي بہ سڌاري سگهن ٿا. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن ادارا شفاف، موثر، ۽ عوام دوست هجن، تہ اهي فردن جي اندر اعتماد، صلاحيتن، ۽ سندن خوابن کي اُجاگر ڪري سگهن ٿا. جڏھن اھا صورتحال پيدا ٿيندي آھي تڏھن ئي سماج ترقي ڪري ٿو، فڪر وڌي ٿو، ۽ قوم پنھنجو مستقبل سنواري ٿي.
سنڌ جي ھاڻوڪي صورتحال کي ڏسجي تہ معلوم ٿئي ٿو تہ اسان وٽ آدرشي فرد تہ ڪو ورلي اڀري ٿو مٿان وري اڇا وڌيڪ ظلم تہ اسان جا ادارا ڪمزور، سياسي طور تي مفلوج، يا ذاتي مفادن جي ور چڙهيل ملن ٿا. نتيجي طور، فردن جي اندروني تبديلي بہ ڪجهہ ڏينھن، مھينن يا سالن جي حد تائين ئي محدود رهي ٿي. ڪا نئين تحريڪ، ڪو نئون خيال، يا سچائيءَ سان ڀريل ڪا جدوجھد ڪجهہ وقت لاءِ تہ عوام جو ڌيان ڇڪائي ٿي، پر پوءِ بي اثر ٿي وڃي ٿي. ان جو سبب صرف اهو آهي تہ اسان وٽ اهڙا ادارا موجود ئي نہ آهن، جيڪي انهن تحريڪن، خيالن، يا جدوجھدن کي منظم انداز ۾ محفوظ ڪندي کين اڀاريندي ۽ لاڳيتي تحريڪ ۾ منتقل ڪري سگهن.
فرد اڪيلي سر وڏا خواب ڏسي سگهن ٿا، پر انهن ڪي تعبير لاءِ کين هڪ مضبوط اڏاوت جي ضرورت ضرور پوي ٿي، جيڪا جوڙجڪ صرف ادارا ئي مھيا ڪري سگهن ٿا. ان ڪري فردن کي ادارن تي سوار ٿيڻ گهرجي نہ وري ادارن کي فردن مٿان مسلط ڪرڻ گهرجي. سماج ان وقت ئي ترقي ڪندو آهي، جڏهن ادارا فردن جي آزادي، فڪر، ۽ صلاحيتن کي مانُ ڏين ۽ فرد وري ادارن جي تنظيمڪاريءَ، انهن جي بھتريءَ لاءِ بڻايل قانونن ۽ نظامن کي اھم سمجهي پنھنجو پاڻ ھڪ نظم ضبط سان ادارن جي بھتريءَ لاءِ سيڙائين، نہ وري سندي ئي ذات لاءِ سوچينِ.
ھي توازن، جيڪو فرد ۽ ادارن جي وچ ۾ هجڻ گهرجي، درحقيقت هڪ اهڙو سماجي معاهدو ھوندو آهي جيڪو جيڪڏهن صحيح طريقي سان نڀايو وڃي تڏھن ئي قومون دنيا جي ٻين ترقي ڪيل قومن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي اڳتي وڌي سگهن ٿيون، اجتماعي فڪر محفوظ ٿي سگهي ٿو سماج کي نئون بڻو ڪرڻ لاءِ ھاڪاري تبديليون دائمي بڻجي سگهن ٿيون. بس اھو سمجهڻ گهرجي تہ، نہ فرد اداري کان بالاتر آهن، نہ وري ادارا فردن کان بي نياز ٿي ڪم ڪري سگهن ٿا. ياد رکڻ گهرجي تہ ٻنهي جي گڏيل قوت ئي قومن کي زوال مان بچائي ترقي ڏانھن وٺي وڃي ٿي.