اڄ جي ھن ڪارپوريٽي دنيا ۾، جڏهن هر طرف سمارٽ فونن جو راڄ آهي، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽيءَ جي ڏنل انگن اکرن سان لڳي ائين ٿو جو اسان جي گهرن ۾ ايتريون کٽون ناھن ھونديون جيترا موبائل فون اسان جي گهرن ۾ استعمال ٿين ٿا، جتي اسان جا ننڍڙا ٻار انهن رنگين اسڪرينن ۽ وڊيو گيمن جي دنيا ۾ گم ٿيندا پيا وڃن. حالت اھا وڃي بيٺي آھي جو صبح جو ناشتو ڪرڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين، ٻارن جو سڄو ڏينھن موبائيل، ٽيبليٽ يا ڊجيٽل راندين جي اسڪرينن سان گذري ٿو. پر سوال اهو آهي تہ ڇا اهي برقي مشينون اسان جي ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون يا انهن کي رھندو کھندو موڳو مٽر ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽائين ٿيون؟ ۽ جيڪڏهن اسان پنھنجي ٻارن کي سندن مِٽن سجائڻ ۽ فرائشن تي اھي موبائل وٺي ڏئي بہ ڇڏيون، تہ ڇا اهو صحيح عمل آهي؟ اچو ته هن اھم موضوع تي ٿورو سوچيون ۽ ڏسون تہ ٻارن جي نفسيات جي روشنيءَ ۾ انهن جي تخليقي صلاحيتن کي ڪيئن بھتر بڻائي سگهجي ٿو.
ڏٺو وڃي تہ انهن وڊيو راندين ۽ موبائلن ۾ ٻارن لاءِ مزو تہ وڏو اچي ٿو، پر غور ڪجي تہ اھي شيون اسان جي ٻارن جي سوچڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي محدود بہ ڪري ڇڏين ٿيون. جڏهن ٻار سڄو ڏينھن اسڪرين تي رانديون کيڏندا آهن، تہ انهن جو دماغ صرف انهن موبائلن جي اندر تيار ڪيل مواد کي ئي استعمال ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو، ڪن تخليقي سرگرمين يا نين شين جوڙڻ ۾ نہ! مثال طور، جيڪڏهن ٻار هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهاڪ بڻجي دشمنن کي شڪست ڏئي ٿو، تہ هو رڳو گيم جي ٺاهيندڙ جي تخيل ۾ هلندو آهي، ھُو پنھنجي تخيل کي استعمال نہ ٿو ڪري. اهڙي طرح، موبائلن تي گهڻو وقت گذارڻ سان ٻارن ۾ صبر، تخليق ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ گهٽجي وڃي ٿي.
سائنسدانن ۽ نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ٻارن جو دماغ ننڍي عمر ۾ هڪ خالي سليٽ وانگر هوندو آهي، جيڪو تجربن ۽ تخليقي سرگرمين سان ڀرجي ٿو. جيڪڏهن اسان ان کي صرف موبائل جي اسڪرينن جي حوالي ڪري ڇڏيون، تہ گهڻو ڪري انهن جي سوچڻ جي صلاحيت هڪ دائري ۾ بند ٿي وڃي ٿي.
اسان اھو بہ ڏسون ٿا تہ اسان جي سماج ۾ گهڻا مائر پيئر پنهنجي ٻارن کي خوش ڏسڻ چاهيندا آهن. جڏهن سندن ٻار نئين فون يا برقي رانديڪي لاءِ ضد ڪندا آھن، تہ اھي سوچيندا آهن تہ “ٺيڪ آهي، کين ڏئي ٿا ڇڏيون، خوش تہ رهندا!” پر ڇا اهو ڪم فائديمند آهي؟ جيڪڏهن اسان ٻارن کي هر شيءِ فوري طور تي ڏئي ڇڏيون، تہ انهن ۾ صبر ۽ محنت جي عادت نہ ختم ٿي ويندي آھي. ٻارن جي اندر تخليقي صلاحيتون تڏهن وڌي وينديون آهن، جڏهن کين ڪنھن شيءِ لاءِ سوچڻو پوي، ڪوشش ڪرڻي پوي ۽ پنهنجي ذهن کي استعمال ڪرڻو پوي. جڏھن تہ اسان جي مٿين روش يعني موبائلن جي تڪڙي پھچ ۽ فرمائشن جي تڪڙي پورڻتا ۽ انهن جي عارضي مزي جي عادت کين ڪاھل بڻائي ڇڏيندي آھي.
انڪري پوري دنيا ۾ ھاڻي ان مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪومتون گهڻو ڪجهہ ڪري رھيون آھن. تازو فن لينڊ ۾ ھڪ سروي کان پوءِ جيڪي سفارشون ترتيب ڏنيون ويون انهن جي آڌار ھتي انهن جو وچور پيش ڪجي ٿو تہ جيئن پاڻ اسان جي آئيندي جي معمارن جي تخليقي صلاحيتن کي ڪيئن بھتر بڻائي سگهون ٿا:
- کيڏڻ جو آزاد وقت: ٻارن کي موبائلن جي دنيا کان پري رکي، کين ٿورو آزادي ڏيو تہ هو پنهنجي مرضيءَ سان عام شين سان کيڏن. ان سلسلي ۾ کين مخلتف رنگن واريون پنسلون ۽ پنا ڏنا وڃن، کين مٽيءَ جي ويجهو رکيو وڃي يا سادا رانديڪا کين ڏنا وڃن تہ جيئن اھي ٿوري دير خفا رھڻ کان پوءِ اھي نئين نئين قسم جو سوچون پالي خالي پنن تي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ لڳي ويندا.
- ڪھاڻيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ: ٻارن کي دلچسپ قسم جون ڪھاڻيون ٻڌايو ۽ پوءِ کين چئو تہ هو پنھنجي سوچن آڌار ڪھاڻيون ٺاهين، ان قسم جي چٽاڀيٽيءَ ننڍڙا انعام پڻ رکو. ھي طريقو سندن تخيل کي پرواز ڏيندو.
- فطرت سان لاڳاپو: ٻارن کي پارڪ ۾ يا ٻاهر کيڏڻ لاءِ وٺي وڃو. فطرت ۾ وقت گذارڻ سان انهن جي سوچ ۾ نئين توانائي ايندي.
- سوال پڇڻ جي حوصلا افزائي: ٻارن کان سوال پڇو جھڙوڪ: ”جيڪڏهن تون هڪ پکي هجين تہ ڪيڏانھن اڏرين ها؟“ اهڙي قسم جا سوال انهن جي دماغ کي نئين سوچ لاءِ دروازا کوليندا.
- برقي شين يعني موبائلن جو محدود استعمال: موبائلن کي مڪمل بند نہ ڪريو، پر انهن لاءِ وقت مقرر ڪريو. مثال طور، ڏينھن ۾ هڪ يا ٻہ ڪلاڪ. باقي وقت تخليقي سرگرمين لاءِ استعمال ڪريو.
ان ڳالهہ کان ڪو انڪار ناھي تہ سمارٽ موبائل اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن ۽ انهن کي مڪمل طور تي رد نٿو ڪري سگهجي. پر جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا تہ اسان جا ٻار تخليقي ۽ خودمختيار سوچ رکندڙ بڻجن، تہ کين اسڪرينن کان ٿورو پري رکڻو پوندو. انهن جي هر خواهش کي فوري طور تي پورو ڪرڻ بدران، کين سوچڻ، سمجهڻ ۽ تخليق ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. آخر ۾، ٻارن جو مستقبل انهن جي تخليقي صلاحيتن ۾ لڪل آهي، ۽ اهو اسان جي هٿن ۾ آهي تہ سندن آئيندي کي سنواريون يا محدود ڪريون. ان ڪري اچو تہ ٻارن کي موبائلن جي غلاميءَ بدران تخيل جي پرواز ڏيارڻ سيکاريون!




