سنڌي ٻوليءَ ۾ ھن آواز واري اکر جو گهڻو تڻو تعلق پيار پريت سان گڏ ڌرتيءَ سان آھي. پ سان ٻين اکرن جيان اڪيچار جيڪي لفظ نڪرن ٿا تن ۾ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل الائجي ڪيترا لفظ ان سان کي نڪرن ٿا. مثال پ سان پڊ، پد، پٿ، پڙ، پٽ، پڌر، پٿر، پوک، پاڻي وغيرہ.
پاڻ صرف انساني ويھڪ ۽ رھڻي ڪھڻيءَ واري لفظ ”پڙ“ جو ئي ھتي اڀياس ڪريون ٿا. ھي لفظ اوائل ۾ ”پنڊ“ اچاريو ويندو ھئو، جيڪو پوءِ سولي آواز ۾ پھريون پڊ ٿيو جتان وري اڃا سولو ٿي پڙ بڻجي وڃي ٿو. ياد رھي تہ اھو پنڊ اڄ بہ سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل مٿين علائقن ۾ جيئن جو تيئن اچاريو وڃي ٿو جنھن کي ھو ڳوٺ، وستي واھڻ ڪري ڪوٺين ٿا. پر ھتي اھو پنڊ وري پڙ ٿي وڃي ٿو جنھن جي مانا آھي ” گول ٿَلهو ميدان، وڏو ميدان. گولائي ۾ زمين جو ٽُڪر جو ملاکڙي، تماشي، راندين وغيرہ ۾ استعمال ٿئي.“ ھي ساڳيو پڙ آھي جنھن جي ھڪ معنا ڏھين محرم جي ڏينھن ماتم واري جڳھ کي بہ سڏيو ويو. ھي ساڳيو پڙ آھي جنھن کي لشڪرن، مال مسافرين جي منزل طور ”پڙاءُ“ ڪري سڏيو ويو، معنا ڪو اھڙو مٿاھيون کليل ميدان جتي ڪجهہ پھر رھي سگهجي تہ مال متاع بہ ٻڌي سگهجي.
ھاڻي اھو پڙ ئي آھي جو جڏھن صفا ڀرجي وڃي ٿو تہ اسان جي ٻوليءَ ان کي ”پُر“ ڪري ڇڏيو. جنھن جو مطلب ھاڻي ھتي آبادي ڀريل تريل آھي ۽ سدائين لاءِ آباد ٿي ان کليل ميدان کي ڀري ڇڏيو. پاڻ وٽ ان ”پُر“ کي ڀريل، ٽٻٽار طور بہ عام طور تي سڏبو آھي. گلاس ڀرجي وڃي تہ سڏبو پُر ٿي ويو آھي. سو وري مٿاھين کليل ميدانن ۾ انساني آبادي ڪڏھن سدائين لاءِ رھڻ لڳي تہ اھي ميدان ڀرجي ويا، ھاڻي ان وسندي، ماڳ مڪان کي آباد ڪندڙن جي نالي يا وري ڪنھن ٻي صفت سان گڏ پويان ”پُر“ ملائي ان وسنديءَ جو سڃاڻپي نالو رکيو ويو. جيئن پاڻ وٽ ”خيرپور، نصرپور وغيرہ جھڙا شھر ٿين. مزيدار ڳالهہ اھا آھي تہ ھزارين سالن کان تھذيبي سفر ۾ ان لفظ ڇڙو ھتي ئي جڳھ نہ ورتي پر اوڀارين ملڪن ۾ بہ نالو ڪمايو جيئن ڪولالامپور، سنگاپور وغيرہ.
ھن لفظ ھزارين سال اڳ اولهائين ماڳن طرف واپارين ھٿان رخ ڪيو تہ يونانين وري ان کي ”پر يا شھري حساب سان پور“ کي ”پولس“ (polis) ڪري پنھنجو ڪيو. ھاڻي جڏھن اھو پور لفظ يونان ۾ ويو تڏھن ھنن ھن لفظ کي جيڪو پنھنجو ڪري ڇڏيو ان مان ھنن ڪمال جا لفظ وري ٻيا بہ ٺاھيا. جيئن ان آباديءَ (شھر) جي نظام کي قانوني طور سڌو ڪري ھلائجي سو انهن نظام کي جاري رکڻ واري کاتي کي ”پوليس“ ڪري ڇڏيو.
نظام جي مٿاھين مامرن کي بھتر ھلائڻ لاءِ جيڪو وڏو ادارو ٺاھيو ويو ان جو نالو ھنن پاليٽڪس (Politics) رکيو. ائين ترقي ڪندي ڪندي اھو پاڻ وارو پڙ، پر، پور وڃي ايڏين نين شڪلين ۾ ظاھر ٿيو جو ھاڻي پاڻ کي بہ ڪا سمڪ ڪانہ ٿي پوي تہ اھو پاليسيون ٺاھيندڙ لفظ قديم ايامن کان پاڻ جو ئي لفظ ھجي.
ڪھڙي خبر تہ پاڻ واري موھن جي دڙي جي اصل نالي پويان بہ پنڊ، پڊ، پڙ، يا پور ھجي! ڇا ٿو چئي سگهجي!




