لفظ بصر جي لکت ۾ ”س“ جي جڳھ تي ”ص“ ڇو آيو؟

اھو سوال الائي مسلسل منھنجي اندر ۾ ھُرندو آھي تہ اسان وٽ زرعي سماج ۾ اوائلي پوک وَسل، وَسر، بَسرَ جيڪو ھاڻي لکت ۾ ”بصر“ پيو لکجي، تنھن ۾ ”ص“ ڪٿان آيو ۽ اھو انت ۾ آھي ڇا؟

عربي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد ٻولن تي ڪم ڪندڙ جن بہ شيخن ڪم ڪيو آھي سي سڀ اھو پڪي نموني سان چون ٿا تہ عربي ٻول ”بصل“ جيڪو قرآن پاڪ جي سورت مبارڪ البقرہ جي آيت نمبر 61 ۾ ”وَبَصَلِھَا“ جي شڪل ۾ پڻ آيل آھي سو اھو ٻول اصل ۾ سنڌي ٻول آھي جنھن کي اڄ اسان سڀ ”بصر“ نالي سان سڏيون ٿا. اھو بصر جنھن کي سرائڪيءَ ۾ ”وسل“ سڏين تہ وري جڻونجي پاسي مون کي ”وسر“ جي اچار سان پڻ مليو.

ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ جڏھن اھو ٻول آھي ئي ھتان جو تہ پوءِ ان جي موجود لکت ۾ ”ص“ اکر ڪيئن مڙهجي ويو! جڏھن تہ اھو ھجڻ ”بسر“ ئي گهرجي ھا!

(اھڙي قسم جو ھڪ تمام وڏو بحث صبح، صابڻ ۽ صاف جھڙن ٻولن تي پڻ ٿيڻ گهرجي تہ جڏھن اھي ساڳيا ٻول عربيءَ جا اڌاريل طور اسان وٽ مشھور آھن جڏھن تہ اسان وٽ ھزارين سالن کان ترتيب آڌار ”شُڀُ، ساڀياڻو، ۽ ساڀُ جا ٻول موجود آھن جيڪي معنا جي حساب سان ئي نہ پر تصور جي حساب سان پڻ اسان وٽ اڳواٽ موجود آھن! سي ڪيئن عربيءَ مان اسان وٽ آيا؟ ھي تمام وڏو مونجهارو آھي جنھن کي اسان جا لغتدان ماھر اڃا تائين بس ھڪ ڇسو دليل ڏئي جوابيندا آھن تہ ”صبحاڻي“ ۽ ”سُڀاڻي“ جدا جدا ٻول آھن سو بس ڇڏي ڏيو انهن کي! خير پاڻ ان تي ٻيھر ڳالهائينداسين. )

سو پاڻ پيا ڳالهايُون ”بسر“ جي ”ص“ تي جيڪو ھروڀرو اسان جي لکتن ۾ ٽُنبجي ويو آھي. منھنجي خيال ۾ اھو ”ص“ ھڪ وڏي چُڪ آھي جيڪا صدين کان اسان کان ٿيندي ٿيندي ھاڻي رواجي ٿي وئي آھي ايتري قدر جو ڪنھن بہ ان تي ڌيان ناھي ڏنو!

ھاڻي اچو تہ ان ٻول جي تصور کي ڏسون تہ اھو آھي ڇا؟

بسر، يا وسر يا وري وسل جي پويان ھڪ تصور موجود آھي لباس جو، ڪپڙي جو يعني ڍڪ جو. اھو ساڳيو ئي تصور پاڻ کي ”وستر“ ۾ بہ ملندو، تہ ”ويس“ ۾ پڻ ملي ٿو. يعني ڍڪ، تھ، لباس، لبادو وغيرہ.

ھاڻي ٿورو ان بسر سڳوري جي جسماني بيھڪ کي ڏسو؟ ملي ڇا ٿو؟ تھ اندر تھ، لباس ھڪ لاھيوس تہ ٻيو ملندو، ھڪ ويس لاھيوس تہ اندر وري ٻيو وستر ملندو. وستر معنا ڍڪ، ھي ڍڪ مٿان ڍڪ آھي. انڪري ھزارين سال اڳ ھتان جي ماڻهن ھن جو نالو ويسيل ڪري سڏيو ھوندو، جيڪو صدين جي رڳڙڻ سان ھاڻي وسل، وسر، يا وري بسر ٿيو آھي جنھن کي اوھان ”بصر“ ڪري لکو ٿا.

(پڇاڙڪو وڌاءُ: سنڌي ٻوليءَ ۾ ”و“ جو واڄو ”ب“ جي واڄي ۾ ادل بدل ٿيندو رھندو آھي جيئن واڻي باڻي، وستي بستي، واس باس وغيرہ)