سنڌي ٻوليءَ ۾ سڱابندين جا نالا جيڪي اسان کي ڪارپس ۽ دوبدو ڳالهين ٻولين مان مليا آھن تن جو ھاڻي انگ بيٺو آھي 81 تي. (پنج نالا گذريل ھفتي اندر واڌارو مليا، ۽ ڪالهہ کان وري اڃا وڌيا آھن) جن ۾ ڪجهہ مزيدار انگ اکر پڻ مليا آھن جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.
ڪُل 81 نالن مان جن کي ڇڙو عورت ئي پڪاري اھي 19 آھن جن ۾: ڏيرُ، ڏيرياڻي، ڏيروٽُ، ڏيروٽِ، ڏيروٽِياڻي، ڏيروٽِياڻو، نِڻانَ، نِيڻوٽُ، نيڻوٽِياڻِي، نيڻوٽِ، نيڻوٽِياڻو، ڄيٺُ، ڄيٺِياڻِي، ڄيٺوٽُ، ڄيٺوٽِ، ڄيٺوٽِياڻِي، ڄيٺوٽِياڻو، سوڪڻ ۽ مڙس. جڏھن تہ جن کي مرد پڪاري سي ڪل 4 آھن جيئن: سالو، سالِي، سنڍُو ۽ زال.
(ھنن انگن مان لڳي ائين ٿو تہ اوائلي دورن ۾ سڱابندين جي نالن جو ٺاھيندڙ ۽ گهڻو سڏيندڙبہ گهڻو ڪري مايُون ئي ھُيون جيئن نسلي ۽ معاشي ماھر چون ٿا تہ مردن کي مھذب عورتن ئي ڪيو ۽ ھا انسان جي سرشت جو پھريون ڌنڌو يعني ڪڙمت ايجاد ڪندڙ بہ اھي عورتون ئي ھُيون. انهن ثابتين ۾ ملي ٿو تہ ھي جيڪي سڱاوتين جا نالا پڻ آھن سي بہ مايُن جا ئي ٺھيل آھن)
خير، اھي گهڻا ڦاٽ جيڪي اينٿروپولاجيءَ ۽ سوشل سائنسز جا ماھر ھوندا اھي ئي ڪري سگهن ٿا، اسان ڇڙو ھتي ٻوليءَ جي گهڙت ۽ ڪارج آڌار ڪجهہ خيال ئي ونڊي سگهون ٿا. سو ڳالهہ ھلي پئي سڱابندين جي نالن جي، سو ھي آھي اھا لسٽ:
تڙڏاڏو، تڙڏاڏِي، پڙڏاڏو، پڙڏاڏِي، ڏاڏو، ڏاڏِي، تڙنانو، تڙنانِي، پڙنانو، پڙنانِي، نانو، نانِي، پِيءُ، ماءُ، چاچو، چاچِي، سئوٽُ، سئوٽِ، مامو، مامِي، ماروٽُ، ماروٽِ، ماسِي، ماسڙ، ماساتُ، ماساتِ، پُڦِي، پُڦڙُ، پڦاٽُ، پڦاٽِ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڀيڻيويو، ڀاڄائي، ڀائٽيو، ڀائٽيي، ڀاڻيجو، ڀاڻيجي، پُٽُ، ڌِيءُ، نُنھُن، نِياڻو، سالو، سالِي، ڏيرُ، ڏيرياڻي، ڏيروٽُ، ڏيروٽِ، ڏيروٽياڻي، ڏيروٽياڻو، نِڻانَ، نِيڻوٽُ، نيڻوٽِياڻِي، نيڻوٽِ، نيڻوٽِياڻو، ڄيٺُ، ڄيٺِياڻِي، ڄيٺوٽُ، ڄيٺوٽِ، ڄيٺوٽِياڻِي، ڄيٺوٽِياڻو، سَسُ، سَھرو، پوٽو، پوٽِي، پڙپوٽو، پڙپوٽِي، تڙپوٽو، تڙپوٽِي، ڏوھٽو، ڏوھٽِي، پڙڏوھٽو، پڙڏوھٽِي، تڙڏوھٽو، تڙڏوھٽِي، سوڪڻِ، سنڍُو، زال، مڙس، سنٻنڌي، سنٻنڌياڻِي.
(آخري نوٽ: مٿين نالن ۾ گهڻ معنائين (Hypernyms) کي شامل ناھي ڪيو ويو، جيئن پيڪا، ميڪا، ساھرا، سيڻ وغيرہ پر جيڪڏھن اھي شامل ڪبا تہ تُز بيھڪ مرندي پر نالا اڪيچار ٿي ويندا. ٻي ڳالهہ ھن لسٽ ۾ مختلف پرڳڻن ۾ سڏجندڙ ٻيا نالا جيڪي ھڪ ئي سڱ جا ھجن جيئن نياڻو يا ناٺي، سوڪڻ يا پھاڄ يا وري ساھيڙي وغيرہ پڻ شامل ناھن. ان ھوندي بہ جيڪڏھن ڪٿي ڪو نالو ملندو ھجي تہ مھرباني ڪري ونڊ ضرور ڪندا ڇوتہ سڱاوتين جي نالن جو ڊيٽابيس جڙي رھيو آھي. ڪوشش ڪجو تہ نالا لقب نہ ھجن پر تُز نالا ھجن. جيئن مٿي ذڪر ٿيو ساھرا يا سيڻ. سيڻ ٻول گڏيل معنا وارو لفظ آھي، جيئن ”ديسي سيڻَ ڪجن پرديسي ڪھڙا پرين“ وغيرہ.




