فطرت جي هن ڪارخاني ۾ اسان انسان شعور ڇا حاصل ڪيوسين، ڄڻ تہ ڀولي کي چاقو هٿ ۾ اچي ويو… هاڻي هو وتي ٿو پنھنجي ئي حياتياتي جد امجد، سوٽاڻ ماساتن کي ختم ڪندو!
پڇوس تہ بابا ڇا ٿو ڪرين تہ جواب ڇا ڏيندو: ”ان ۾ ثواب آهي… اهو اسان جو شڪار آهي…. ان سان اسان جي زندگي محفوظ ٿي ويندي وغيرہ وغيرہ.“
اڙي بابا ائين ناهي…. ڀلا ڪنھن جيت جانور پکي پکڻ کي مارڻ ۾ ثواب هجي تہ ان کي ٺاهڻ وارو گناه ڪنھن ڪيو هئو؟
اهو جيڪڏهن اوهان جو شڪار آهي تہ پوءِ اوهان کي ڪير ٿو شڪار ڪري؟
منھنجا سنڌي سٻاجهڙئو سوچي ڇڏيو تہ هي سنسار هڪ زبردست توازن تي قائم آهي…. ان جي ذري ذري ۾ ڪيميا آهي، ان ۾ سڀ ساه کڻندڙ ساهوارا، وڻ ٽڻ، جيت جيتامڙا، جانور، پکي پکڻ سڀ جو سڀ سڄي حياتياتي سلسلي کي زنجير جي ڪڙين جيان ٿيا پيا آهن… جيڪڏهن ڪا بہ ڪڙي ختم ٿيندي تہ پڪ سمجهو، حياتيءَ جو سلسو ڊهي ويندو.
ڇا اوهان ناهي ڇاتو تہ:
اوهان نانگ بلائون ماريندا تہ ڪوئا اوهان جي فصلن کي تباه ڪري ڇڏيندا!
اوهان ڏينڀون يا ماکيءَ کي لاهي پاهي ختم ڪندا تہ اوهان جي فصلن کي بيماريون تباه ڪري ڇڏينديون.
اوهان هروڀرو ”ڪارپوريٽ مارڪيٽ“ جي حرامخور اشتھاربازيءَ ۽ ٽيڪر بازيءَ جي ڪري فصلن ۾ زهريلي دوائون تہ هاريو ٿا، پر اوهان وٽ هاڻي جهرڪيون، ڳيرا، ڪٻريون، موسڙيون، ڪيتريون بچيون آهن؟
ٿورو غور ڪري ڏسو تہ ڪيتريون ڀنڀوريون بچيون آهن جيڪي مڇرن کي کائينديون آهن؟ ۽ مڇرن جي وڌڻ جي ڪري اوهان لکين ڪروڙين رپيا مليريا تي پيا خرچ ڪيو!
اوهان هتان جي جنگلي جيوت جا وڏا دشمن پاڻ… انهن کي ماري ناڙ ڪرڻ جو سڄو سھرو اوهان جي مٿي ٿي…. ۽ هاڻي جيڪڏهن اوهان کان طاقتور اوهان جو دشمن سامراج جيڪڏهن اوهان جي نسل کي معاشي طور يا جنس ڪشي جي صورت ۾ ختم پيو ڪري تہ هي ڇا جي واويلا آهي؟
فطرت جو انتقام باقي ٻيو ٿيندو ڇاهي؟
ڇا اوهان کان پنھنجي ڏاڏن نانن جا چيل جملا وسري ويا آهن تہ:
”رب رسي، مت کسي، کڻي ڪين هٿيار… ڏسي اهڙو پار جنھن سان جوکو جيءَ کي“
”جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي.“
”اهو ئي لڻو ٿا جيڪو ڪالهہ پوکيو هئو اوهان“
”اوڙو پاڙو خوش، معنا پاڻ الله خوش“
هاڻي وڃي پاڻ حساب لڳايو تہ اسان جو اصل دشمن ڪير آهي؟ ڪو ٻيو يا پاڻ ئي پنھنجي تباهيءَ جا رستا پيا ٺاهيون…. شل رب جو ڏمر اوهان تا هٽي ۽ عقل ڪم ڪري!




