مون کي ھڪ اھا شئي اندر ۾ جام ڪُکندي آھي تہ ڪراچي ٽي وي سينٽر تان تہ ضياءَ دور ۾ ٻہ ڊراما نشر ٿيا ھئا جن ۾ سنڌي قدرن جون ڌڄيون اڏاريون ويون، جن ۾ وڏيري جي روپ کي زليل ترين ڪري پيش ڪيو ويو. انهن ڊرامن ۾ سنڌين کي ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ ڄٽائپ جي انت تي بيٺل ھجن. بلڪل مڃيم. پر يار… اھو ساڳيو ئي دور نہ ھئو جتي امجد اسلام امجد لاھور ٽي وي سينٽر سان ”وارث“ ڊرامو پيش ڪري چوڌري حشمت جي روپ ۾ پنجابين جا ڏرا لاھي ٿو ڇڏي؟ ان ڊرامي ۾ پنجابي سماج ۾ عورت جون پوتيون لاٿيون ويون. ٽڪي جي انا تي چوڌريءَ ھڻي خاندانن جا ترا ڪڍي ڇڏيا! وري ساڳي ئي وقت يونس بٽ انڌيرا اجالا پيش ڪري جنھن ريت پنجابي سماج جي ڳوڙهي ڏوھن کي پيش ڪيو، ڳوٺاڻي سماج جي چوڌرين ۽ شھري سماج جي نو دولتين کي زليل ڪيو تہ انهن جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟ ڇا اھو ساڳيو دور نہ ھئو جنھن ۾ عاشر عظيم ”ڌُوان“ ڊرامو پيش ڪري بلوچستان جي فيوڊل سماج جي ماءُ ڀيڻ ھڪ ڪري ۽ شھري سماج جي ھيروگيري پيش ڪري ٿو؟ ڇا ان ڊرامي ۾ اھو ناھي ڏيکاريو ويو ھئو تہ بلوچستان جا سردار سمگلنگ ۾ اڳرا آھن ۽ سماجي طور زليل ترين ڏوھاري آھن؟ ڇا اھو ساڳيو دور نہ ھئو جنھن ۾ ڊاڪٽر ڊينس آئزڪ پشاور ٽي ويءَ تي شايد انا ڊرامو پيش ڪيو ھئو جنھن ۾ پختوني جرگن کي قبيح طور پيش ڪيو ويو ھئو، جتي ”سردار خان“ وتندو ھئو ماڻهو مارائيندو!
سوال اھو آھي تہ ضياءَ جي دور ۾ شيروانيءَ کي معتبر پيش ڪري مقامي لباسن کي جنھن نموني سان بيعزت ڪيو ويندو ھئو تہ اتي رڳو ھڪ ئي قوم يعني اسان سنڌين ۾ ئي اھا ثقافتي لعن طعن ڇو ڳائي ٿي وڃي؟
سوال اھو بہ آھي تہ ڇا پنجاب جو ”چوڌري“ گنگا مان وھتل آھي يا زم زم مان؟ بلوچستان جو ”سردار“ چوٿين آسمان تان لٿل آھي ڇا؟ پختونن جا ”خان“ يروشلم جا مقدس آھن، جو اھي پنھنجي نالي اڳيان اھي لقب يعني چوڌري، سردار يا خان ھڻي سماج ۾ عزتون پيا ٿا حاصل ڪن؟ بس زليل ترين آھي تہ سنڌي لقب ”وڏيرو“! ڀلا اھو ڇو؟ باقي ٽن صوبن جي مٿين لقبن اتي پنھنجي قومن جا وڏا قلعا آباد ڪيا آھن ۽ ھتي سنڌ جي ھن لقب سنڌين کي برباديءَ طرف موڪلڻ جو اقامو کنيو آھي؟ ائين؟
مان اھو بہ مڃان ٿو تہ اسان وٽ وڏيرا ڪي ايترا معتبر بہ ناھن، پر مان ثقافتي جارحيت جي پس منظر ۾ پيو ڳالهايان. ھا ڇا اسان وٽ وڏيرا واقعي ائين ھئا؟
اڄ بہ سٺ کان اڳ جا ٺھيل اسڪول ڏسو، اوھان روينيو رڪارڊ ڏسو تہ اسڪولن لاءِ اھي زمينون ڪنھن ڏنيون ھيون؟ ڇا اسان جي وڏيري سنڌ جي ثقافتي روايتن کي زندہ رکڻ ۾ ڪردار ناھي نڀايو؟
(ھتي ھيءَ بہ ڳالهہ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہ ھتي اڄ جو نام نھاد وڏيرو بہ ڪو خانداني وڏيرو ناھي، پر اھو جيڪو ايس ايڇ او، چورن، ڌاڙيلن ۽ مٿين جي پشت پناھين ۾ جيڪو ھاڻي ٺاھيو ويو آھي ان جي ڳالهہ ٿي ھلي) پر يار اھو ساڳيو پسمنظر پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ناھي ڇا؟
اسان گهڻو اڳ ڪري چڪا ھئاسين تہ اسان سان گهڻو ڪجهہ ٿي رھيو آھي، اسان جي اڪانامي کاڌي پئي وڃي، اسان مٿان ظلم ٿي رھيا آھن، پر ساڻ ساڻ اسان سان ثقافتي جارحيت پڻ ٿي رھي آھي. جنھن ۾ ڪڏھن اجرڪ، تہ ڪڏھن ٽوپي، ڪڏھن ڳوٺاڻي ماحول کي ڄٽن جو ماحول تہ ڪڏھن پنھنجي جي ھٿاران ٿڪون لعنتون لڳرايون پيون وڃن. (وڏو ظلم اھو آھي تہ ان ماجرا جي اسان جي پنھنجن کي ئي خبر ناھي تہ اسان ھيءَ جيڪا لعن طعن ڪري رھيا آھيون، سان اسان کان ڪرائي پئي وڃي) خدا پاڪ کين ساڃاھ ڏيندو.




