ٻنڌڻ وارو ٻنڌ، جيڪو ٿيندو ٻَڌ پوءِ بند ۽ پوءِ ڏسو ھن لفظ جو سفر

پاڻ چوندا آھيون: ”ابا مال ٻڌي ڇڏيئي؟“
”درياھ جي بند سان ماڻهو ڏٺاسين!“
”ڀائو! واھ جو ھمراھن جي ٻڌي آھي!“
”ابا! پاڻي ٻڌي ڇڏيئي؟“
۽ ھن قسم جي جملن سان پنھنجي ٻولي ڀري پئي آھي. جنھن ۾ ”ٻڌ“ لفظ واري پاڙ ٿيندي آھي سُڪ ڪري ٻَڌڻ. ٻَڌيءَ جو به اھو ئي تصور آھي ته وکرجڻ يا ٽٽڻ يا ھڪ ھڪ ٿي ورھائجڻ کان بچي ھڪ ئي لڙيءَ ۾ ٻڌجي وڃجي. جيئن عشق محبت ۾ چيو ويو: ”ٻڌل آھيان ٻول ٻول، پنھنجي محبوب سان!“
يورپي ٻوليدان جناب ڪالورٽ واٽڪنز پنھنجي لغت آمريڪن ھيريٽيج لغت ۾ لکي ٿو ته ھي بڻيادي لفظ ” bhendh“ جي شڪل ۾ ڇھ ھزار سال اڳ آيو، جنھن جو انڊڪ تصور اھو ئي ٻڌڻ وارو ھئو ۽ ھتي يوناني، لاطيني ۽ اوائلي جرمن ٻولين ۾ ٿورو گهڻو شڪل مٽيندي جيڪي مک ٽي اھم تصور ٺاھيائين اھي ھن ريت آھن:

  1. Band صفا سُڪ ڪري ڳھ ڳٺا، وار، يا ڪي به قيمتي شيون ڪنھن نوڙيءَ، ڪپڙي ٽڪري يا ربن سان ٻڌڻ. (اھو ساڳيو پاڻ وارو ٻڌڻ)
  2. Band ڪن به ماڻھن جي ڪاروباري ٻڌي ڪري ھڪ جٿو ٺاھڻ به ساڳي زمري ۾ اچي ٿو. موسيقيءَ سان لاڳاپيل فنڪارن جو پاڻ رلجي ملجي ٻڌي ڪري ھڪ ٻنڌ ٺاھڻ (پاڻ واري لفظ ٻڌيءَ جي ئي شڪل)
  3. Band درياھن، واھن تي وڏا وڏا بند ٻڌڻ، تمام وڏي تصور ۾ وڏين ڪمپنين جي وچ ۾ ڪيل معاھدن جو وري مٿاھون بند ٻڌڻ ته جيئن معيشت جو توازن برقرار رھي. اتان ئي وري انگريزيءَ جو bond نڪتو جيڪو معيشت کي شڪل مٽي عام ماڻھن کي ھڪ قطار ۾ ڪرڻ جيان آھي. (اوھان چتائي ڏسو ته اتي به پاڻ وارو ساڳيو ٻنڌ لفظ ذھن ۾ ايندو)

مٿين زبردست لفظن جي تصورن کان جدا ان ٻنڌ يا بند جيڪي ٻيا لفظ گورن جي ٻولين ۾ ڀريا انھن ۾ bend; bind; bindle; bond; bund; bundle; ribbon; woodbine اچي وڃن.
بڻيادي ڳالهہ آھي ته ھن ڌرتيءَ تي ھزارين سالن کان ماڻهو پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ئي ناھن ڪندا آيا، پر انهن مٽين مائٽين کان سواءِ ڪاروباري ڏيڻي وٺڻيءَ ۾ ٻولين جو زبردست اچڻ وڃڻ رھيو آھي. پاڻ واري سنڌي ٻولي ھزارين سالن کان موھن جي دڙي واري شھر جيان قد بت ھڏ ڪاٺ ۾ لڳي ائين ٿو ته وڏو دم رکيون پوري دنيا کي وڏو خزانو ڏيندي رھي آھي.