ارڙهين صديءَ جي وچين ڏھاڪي ۾ دنيا تي راڄ ڪندڙ انگريزي ٻوليءَ جي پھرين ڊڪشنري، ڪلاسڪيل دور جي بھترين ٻوليدان سيموئيل جانسن پاران ترتيب ڏني وئي ھئي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ھزار انگريزي ٻوليءَ ۾ عام رائج لفظن کي داخل ڪيو ويو ھئو. ان ڊڪشنريءَ جي ترتيب ۾ اڄڪلهہ اسان جي سوشل ميڊيائي جھان ۾ عام جام استعمال ٿيندڙ لفظ ”نائيس“ جون معنائون جيڪي سيمويئل جانسن لکيون ھُيون اھي ڪجهہ ھن ريت آھن: پارکو، ڏاھو، تڪڙو ڌڪ کائيندڙ (ترڪڻو)، تڪڙو سنڀلجي ويندڙ، سلجهيل وغيرہ. اڄڪلهہ عام طور تي پاڻ ھن لفظ کي عمدو، ڀلو مَنُ ملوڪ طور سوشل ميڊيا ۾ يارن دوستن جي تصويرن تي لکندا رھندا آھيون. ھاڻي ھن ڪل يُڳ ۾ پاڻ ان کي عمدي صفت طور استعمال تہ ڪيون ٿا پر انگريزي ٻوليءَ جي ”ڌاتِ“ ٻولن تي ڪم ڪندڙ اداري ”ھارپر ڊگلس“ ۾ ان ”نائيس“ ٻول جي پاڙ ۽ تبديل ٿيندڙ ان جي معنائن بابت لکيو آھي تہ: اصل ۾ ھي ٻول ھزارين سال اڳ لاطيني ۽ ان کي وري يونانين پاران مليو جيڪو اصل ۾ ”انڊو“ خاندن جي ٻن ٻولن جو ميلاپ آھي جنھن ۾ ھڪ آھي ”نِہ “ (ne-) يعني کانسواءِ يا انڪاري ڪيفيت ڏيکاريندڙ ٻول ۽ ٻيو آھي ”سئہ“ (-scei) يعني ڄاڻ، خبر، فھم وغيرہ، جن ٻن ٻولن کي انڊو ٻوليءَ ۾ ”اڻڄاڻ، بيخبر، ڄٽ“ وغيرہ کي سڏيو ويندو ھئو. ٺيڪ اھائي صفت انگريزي ٻوليءَ ۾ تيرھين صديءَ جي سماجن ۾ عام ھوندي ھئي، جنھن ۾ جيڪو ڄٽ يا اڍنگو ھوندو ھئو ان کي اوائلي انگريز ”نائيس“ ڪري سڏيندا ھئا. جيڪا صفت چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ ۾ بلڪل ابت ٿي عمدگيءَ طرف وئي جنھن تبديليءَ ۾ سڄو ھٿ ماين جو ھئو جن ”ڄٽن ۽ بي سمجهہ چرين“ کي الائي ڪھڙيءَ مام ۾ ”سڌريل“، اڃا بہ گهڻي ڀلي تصور سان سڏيو. جيڪو سورهينءَ صديءَ تائين ٽن سئو سالن جو سفر ڪري ”ڄٽ“ مان ”ڄاڻُو ۽ عُمدو“ ٿي ويو.
اوھان انگريزيءَ ٻولي جي ھن لفظ جي مٿين سفر ۾ ٿورو صدين کان ھتي ڪتب ايندڙ اھي ٻولن کي ضرور ذھن ۾ والارجو جن کي اسان سنڌي ٻوليءَ”نِسُئي يا نِسئو“ ڪري سڏيندا رھيا آھيون يعني بيعقلو، ڄٽ، بدافعالو وغيرہ ۽ انهن ٻولن جي ضد طور اسان وٽ ”سسئي“ نالو عام آھي جنھن جي ٺيٺ معنا آھي: ”سُٻل، ٻُڌل يعني نيڪ نام، ڄاڻ واري، سمجهو“ وغيرہ سو ھزارين سالن کان مُني دنيا تي راڄ ڪندڙ اھو ٻول جيڪو گذريل ھزار سالن ۾ پنھنجي معنا بدلائي اَڄاڻ مان سُڄاڻ ۽ بدافعالي مان نيڪ نام طور تبديل ٿي ويو، بلڪل ائين جيئن سنڌيءَ جي پھرين لغت لکندڙ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ سن ارڙھن سئو اڻونجاھ ۾ ”اجرڪ“ لاءِ لکيو: ”رنگين چادر يا شال جو هڪ اھڙو قسم جيڪو مسلمان مٿي يا ڪلهن تي پائيندا آھن.“ ھتي اوھان ڀُلجي ڪري بہ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ لاءِ ڪو اھو نہ سمجهجو تہ اجرڪ جي مطلب ۾ ھن صاحب پنھنجي انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙن يا ھتي ڊڪشنري پڙهندڙن کي درحقيقت اھو ٻڌايو آھي تہ ھي رنگين ڦلڙين وارو ڪپڙو رڳو مسلمان ئي پائيندا آھن، پر اھا شئي بہ پنھنجي دماغ ۾ رکجو تہ تن ڏينھن ۾ اجرڪ کي رڳو مسلمان ئي پائيندا ھئا. اھو ئي سبب آھي جو ڪيپٽين جارج اسٽيڪ صاحب پنھنجي مشيرن، صلاحڪارن ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي ڏسيل وضاحت کي جمع ڪندي مٿيان لفظ لکيا ھوندا. مزي جي ڳالهہ تہ اھو مطلب اڃا ڪو ايڏو وڏو ڇرڪائيندڙ ناھي پر ڪيپٽين صاحب جڏھن سنڌي ٻول ”بگاڙڻ“ جو مطلب لکڻ وقت جڏھن لکيو ھئائين تہ: ”خراب ڪرڻ، برباد ڪرڻ، تباھ ڪرڻ. مسلمان ٿيڻ جو سبب بڻجڻ وغيرہ“. ھن تشريح پڙهڻ کان پوءِ مون کي سئو جو سئو سيڪڙو پڪ ٿي وئي ھئي تہ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ جا مکيہ صلاحڪار ان وقت صرف سنڌي ھندو ڀائر ئي ھئا، ڇوتہ ڪو مسلمان گهٽ ۾ گهٽ مٿين معنا ان مفھوم ۾ نہ ٿو وٺي سگهي تہ ”مسلمان ٿيڻ جو سبب بنجڻ“ معنا بگارڻ!
ھاڻي ٿيندو ڇا آھي جو انساني سماج تبديلين جي اڻ کٽ سلسلي مان گذرندو رھي ٿو، جيئن ڪپڙن جو ڍنگ، سليقو، فيشن مٽبو رھي ٿو، جيئن انساني زندگيءَ ۾ جدت ايندي رھي ٿي، اٿڻي ويھڻيءَ جا سمورا ڪاروھنوار تبديل ٿيندا رھن ٿا، بلڪل ائين جيئن گذريل صديءَ جي وچين ڏھاڪي کان اڳ ھر مير، پير، ڪمي ڪاسبي نيز ڪير بہ ڪھڙي بہ پيشي سان ڳنڍيل ڇونہ ھجي پر جيڪڏھن ان جو مٿو اگهاڙو ھوندو ھئو تہ ان کي سماج جي اخلاقي قدرن ۾ چڱيءَ اک سان نہ ڏٺو ويندو ھوندو ھئو. انڪري اوھان برصغير اندر انگريز راڄ جي دؤر ۾ جيڪا بہ تصوير ڏسندئو تہ ان ۾ سڀني جا مٿا ڍڪيل ملندا ھئا. پٽڪو يا ٽوپي، خالي ڪپڙو ئي مٿي تي رکيل ملندو ھئو پر مٿي اگهاڙو ڪوبہ نہ، پر پنجاھ سال ڇا گذريا، ھاڻي نوانوي سيڪڙو کان بہ مٿي ماڻهو مٿي اگهاڙا ملن ٿا. ھاڻي اھو تصور جنھن ۾ مٿي اگهاڙو ڪو عزتدار ناھي ھوندو تبديل ٿي عزتن جا پئمانا بلڪل تبديل ٿي ويا آھن، سو اھي ساڳيون تبديليون ٻولين ۾ پڻ اينديون آھن. اھو طئي ناھي تہ ڪنھن ٻوليءَ ۾ ڪو لفظ انتھائي فضلت ڀريو ۽ اتم ھجي پر سماجي تبديلين ۾ ان اتم ترين لفظ سان لاڳاپيل فردن جي تبديل ٿيندڙ ڪرتوتن جي ڪري انهن سان ڳنڍيل لفظ پڻ پنھنجو تصور تبديل ڪري ڇڏيندا آھن. ڀلا ڇا اوھان کي خبر آھي تہ سوين سال اڳ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪُنواري ڇوڪريءَ کي ”ڪَڃا“ پُڪاريو ويندو ھئو، جيڪو ٻول وري سنسڪرت ۽ ھنديءَ ۾ ”ڃ“ واري اچار نہ ھئڻ ڪري ”ڪَنِيا“ طور اڄ تائين پڪاريو ويندو آھي. ھاڻي سوچيو اڄ اسان ”حرامي ٻار“ يا ”ناجائز ٻار“ ڪنھن کي سڏيندا آھيون؟ جيڪو سماج جي مقرر ڪيل قائدن ۽ قانونن آڌار بغير پيءُ جي ڪنھن ڪُنواريءَ يعني ڪڃا جي پيٽ مان ڄمي. ھاڻي دماغ ۾ ھڪ تصور ويھاريو تہ ھڪ ڪڃا اُھائي ٿيندي جنھن جو وھانءُ نہ ٿيل ھجي سڌو مطلب جنھن کي قانوني وَرُ نہ ھجي. جيئن ئي ھڪ ڪڃا وَرَ واري ٿيندي تہ اھا ڪڃا نہ رھندي پر پھريون ڪُنوارِ ۽ پوءِ ٻار ڄمڻ کان پوءِ ماءُ ٿي ويندي. (ياد رھي تہ اڄ سوڌو ڀارت لڏي ويندڙ سنڌي ھندو وھانوَ کان پوءِ پرڻيل ڇوڪريءَ کي تيستائين گهر ۾ ڪنوار ئي سڏيندا آھن جيستائين کيس ٻار نہ ٿو ٿئي، ڀلي پوڙهي پڻ ٿي وڃي.) سو اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪنواريءَ ڇوڪري ھئي اصل ۾ ”ڪڃا“، ھاڻي سوچيو وھانوَ کان سواءِ جيڪڏھن اھا ڪڃا ڪنھن جڳھ تي جسماني لاڳاپو قائم ڪري ٿي ۽ کيس ٻار ٿي پوي تہ جڏھن اسان وٽ عربي يا فارسيءَ جو اثر نہ ھئو تڏھن ان ٻار کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇا سڏيو ويندو ھئو؟ شايد اوھان سوچي سگهو پر اھو ٻار جيڪڏھن ڇوڪرو ھوندئو ھئو تڏھن کيس ”ڪڃر“ ۽ ڇوڪري ھوندي ھئي تہ ”ڪڃري“ سڏي ويندي ھئي. ايترو ئي نہ پر ان ٻار کي، پوءِ اھو ڇوڪرو ھجي يا ڇوڪري پنھنجي چڱي راڄوڻي، مُکي، راجا يا مھاراجا وغيرہ جي گهر رکيو ويندو ھئو. جتي اھي نپجي وڏا ٿيندا ھئا.
ھنن تشريحن ۽ سماجي تصورن تي جوزف برلينڊ جو ڪتاب ”ڪنجر سوشل آرگنائيزيشن“ يا فلپ ڪارل جو ڪتاب ”دي سائڪولاجي آف نوماڊس“ پڙهڻ جوڳا ڪتاب آھن جن ۾ اھا ڳالهہ طئي آھي تہ اھي ڪڃر يا ڪڃريون جڏھن راجا مھاراجا جي گهرن ۾ خدمتن لاءِ آندا ويندا ھئا تڏھن ھڪ خاص رسم ادا ڪري سندن ڪنن کي ابتيون واليون پارائي کين ڪنچڪي يا ڪنچڪول نالو ڏني ويندو ھئو. پوءِ زماني جي ستمگيرين ۽ ڪجهہ سندن ڪرتوتن جن ۾ اھي حويلين اندر رھندڙ ڪمارين جا ٻاھر ويٺل سندن عاشقن جا خط پٽ آڻڻ ۾ لڳي ويا. کين سزائون مليون، محلن مان نڪتا ۽ پوري ڏکڻ ايشيا جي وسندين ۾ ھي رولاڪ ۽ لاڏُو قبيلي طور اڀريا. اڄ بہ واگها ڀرسان پنجاب ۾ سندن ڳوٺ موجود آھن. اسان وٽ گنگا رام سمراٽ صاحب پنھنجي ڪتاب ”اسان کي متان وساريو“ ۾ پڻ ڪڃر ٻول جي اپت بابت ذڪر ڪيو آھي. خير اھو تہ ٿيو سماج ۾ رائج ٿيل ھڪ ڪريل تصور جي ڳالهہ، پر ڇا خيال آھي پنھنجي ٻوليءَ جي ٻن اھم ٻولن ”ڀوتار“ ۽ ”وڏيري“ جي باري ۾، جيڪي ٻول پوري شاھ جي رسالي ۾ اوھان انتھائي معتبر تصور کڻيو ملن ٿا. جيئن ”ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.“ تہ وڏيري بابت لطيف ٿو چئي: ”وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾.“ جامع سنڌي لغات ۾ ڀوتار يا ڀُتار لاءِ لکيل آھي: ”ڪنهن قوم يا قبيلي جي سردار، وڏيري يا سکر ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ خطاب، آقا، سائين، مالڪ، پٽيل، وڏيرو، آبرودار، عزت وارو، معزز، مانوارو“ ۽ وڏيري جي تشريح ٿيل آھي: ”بزرگ، مسلمانن ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس. قوم جو وڏو. زميندار لاءِ عزت جو لفظ. پريو مڙس، مُکي، سکر ماڻهو، چوڌري، پٽيل، سردار، مهندار، پيشوا، پرڌان.“
آھي ڪو اندازو؟ تہ ھي ٻول ڇا ھُئا ۽ اڄ انهن کي اسان ”ڀوتار ماءِ فُٽ“ جو سلوگن ڏئي سندن اصلوڪن تصورن جو قيمو مخدوم طالب المولیٰ چواڻي ”تُون ڇا ھُئين، ڇا مان، ڇا ٿي وئين؟“ جيان ٺاھي ڇڏيو آھي. اڄ اھي ٻول ڪچي گار جيئن سڃاتا وڃن ٿا، جن ٻولن کي سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ادب ۾ شامل پير صدر الدين ۽ رُڪن دين پنھنجي گِڻاڻن ۾ ”مولا يا الله“ سان ڀيٽيندا ھئا. پر ائين ئي ٿيندو آھي، جيئن چوڏھين صديءَ “۾ انگريزن ”نسئي“ يعني بيسناختي لفظ کي نائيس يعني عمدو ڪري ڇڏيو، جيئن اڻويھين صديءَ ۾ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ بگارڻ لفظ جي معنا ۾ ”مسلمان ٿيڻ“ لکيو، جيئن صديون پڄاڻان ڪڃر مان ڪنچڪول جيڪو مذھبي طور تي ڀلو نالو ڏنو ويو ھئو، سو ڪارج تبديل ٿيڻ ڪري گار بڻجي ويو، تيئن ئي ڀوتار يا وڏيرو پڻ اچي ويا آھن، ڀلي مان ڪيترو بہ ھن عمل کي رد ڪريان پر ڇا منھنجي خيالن سان ڪو جڳت جو ڪاروبار مٽبو ڇا؟ پر اصل سوال اھو آھي تہ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ لغتن جي جدت ڪاڳري آڌار ڪڏھن ٿيندي جيڪا موجودہ دؤر جي نين معنائن سان نوان ٻول ترتيب ۾ رکي جنھن سان مستقبل جا ٻوليدان اھو سمجهي سگهندا تہ ڪھڙو لفظ ڪھڙي دؤر ۾ ڪھڙي معنا رکندو ھئو! ڇا اسان ٻوليءَ جي حال جي تاريخ نہ ٿا ترتيب ڏئي سگهئون؟




