ھاڻي اوھان ھن مثال سان سمجهو تہ سنڌ جو ھڪ ليکڪ، جنھن جا پندرنھن ويھ کن ڪتاب ڇپيل آھن، اھو جرمنيءَ وڃي ٿو ۽ اتي تعارف ڪرائڻ مھل چوي ٿو تہ مان ھيترا ڪتاب لکيا آھن تہ اتي ويٺل جيڪي حاضرين آھن اھي دنيا جھان جي معياري ڪتابن واري لسٽن ۾ کيس تلاش ڪن ٿا. پر افسوس جو ھن جو نہ تہ ڪٿي نالو لکيل آھي نہ ئي وري سندس ڪتاب جو ڪو عنوان!
پر جيڪڏھن ھن جو ڪتاب (ISBN) تي نمبر لڳل آھي تہ اھي جرمنيءَ ۾ ويٺل حاضرين بس ٿوري تفصيل ڏيڻ سان تصديق ڪري وٺن ٿا تہ ھائو ٻيلي… ھمراھ واقعي بہ ليکڪ آھي.
سڄي دنيا جا ليکڪ پنھنجا پنھنجا ڪتاب ھن عالمگير نمبرنگ جي ذريعي ڳاڻائين ٿا. اسان اھو ڏٺو آھي تہ پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اردوءُ کان پوءِ جهجهي مقدار ۾ ڪتاب ڇپجن ٿا، پر افسوس جو اھي بين الاقوامي نمبرن ۾ داخل ئي ڪونہ ٿيل آھن. وري ٻيو فائدو: جيڪڏھن اوھان ليکڪ آھيو ۽ ڪن ڪتابن جا خالق بہ ۽ ڀلي ڳالهہ تہ اوھان جو ڪتاب آءِ ايس بي اين تي بہ چڙهيل آھي تہ پڪ سمجهو، اوھان جي ڪتاب مان ڪو ادبي چور ڪاپي بہ نہ ڪري سگهندو. جيڪڏھن ڪو ڪندو تہ اوھان کي پورو پورو حق آھي تہ آءِ ايس بي اين جي ڪري ان مٿان پنھنجو حق ڄمايو؛ پر جيڪڏھن اوھان جو ڪتابن عالمي لسٽ ۾ لڳل ئي ناھي تہ اوھان ڪوبہ حق نہ ٿا رکو! ڇوتہ ان جو مثال ٻاھر ائين ئي ٿيندو تہ چوريءَ جو پسٽول چوري ٿي وڃي تہ ڇا جي ايف آءِ آر!
ٻيو وڏو فائدو اھو ٿئي تہ اوهان جو ۽ اوهان جي ڪتاب جو حوالو دنيا ۾ ڪتابن جي دبنگ ڪيٽالاگ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جتي وري اوهان عالمگير سطح جا ليکڪ بہ سمجهيا وڃو ٿا.
ڪافي دوستن کي اھا بہ سڌ ناھي تہ آءِ ايس بي اين ۾ ڪتاب ڪيئن رجسٽر ڪجي. ڪجهہ دوستن کي اھا بہ غلطفھمي ھوندي آھي تہ ان ۾ ھزارين رپين جي فيس لڳندي آھي.
سو ھتي اوهان سڀني دوستن کي ٻڌايو پيو وڃجي تہ آءِ ايس بي اين (ISBN) ۾ ڪتاب يا پبلشرن کي رجسٽر ڪرڻ جي ڪابہ فيس ناھي ھوندي. اھا مفت ۾ ٿي ويندي آھي. اسان جڏهن وڪيپيڊيا تي اديبن ڏاھن ليکڪن جي ڪتابن جو ذڪر ڪيون ٿا تہ اھي پڇن ٿا تہ انهن جي ڪتابن جو آءِ ايس بي اين ڇا آھي؟ ۽ اسان موڳا ٿيا کين جھڙوڪ اھو عذر ڏيون ٿا تہ بابا غريب ماڻهو آھن سو ڇڏيو ان نمبر کي! ۽ اھي وري اسان جي بھترين ڪتابن کي ائين ٿا سمجھن جيئن ميلن تي پنجين ڇھين رپين ۾ ملندڙ جادوئي نسخن وارا ڪتاب يا لطيفن جا ڪتابڙا…… (حقيقت ۾ غريبائپ جو مسئلو ڪونهي پر عقل مت جي سڃائپ ڀيانڪ حدن تائين وڌي وئي آھي.) سو دوستو ھن نمبر کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اوهان کي لنڊن يا امريڪا سان رابطي ڪرڻ جي ڪابہ ضرورت ناھي پر ھتي پاڪستان ۾ ھي نمبر طئي ڪرڻ لاءِ ايجنسي اڳ ئي موجود آھي جيڪا آھي ”نيشنل لائبريري آف پاڪستان، اسلام آباد“ جنهن سان اوهان رابطو ڪندا.
طريقو:
- سڀ کان پھريون رجسٽريشن فارم ڊائون لوڊ ڪري ان کي ڀريو. ڀرڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (آءِ ايس بي اين) نيشنل لائبريري آف پاڪستان، ڪانشٽيٽيوشنل اوينيو اسلام آباد ڏانھن پوسٽ ذريعي موڪليو. (فارم جي لنڪ آھي: http://www.nlp.gov.pk/downloads/ISBN_Form.pdf جواب ۾ ھو اوهان کي پوسٽ ذريعي ليٽر ۽ اوهان جي پبليڪيشن واري اداري جو منفرد ڪوڊ موڪليندا. (هاڻي اوهان جو پبليڪيشن وارو ادارو آءِ ايس بي اين ۾ رجسٽر ٿي ويو.
- ھاڻي اوهان جڏهن بہ ڪو ڪتاب ڇپيندا تہ ان لاءِ اوهان کي ھيئن ڪرڻو پوندو جو: جيڪڏهن ڪتاب اڳ ۾ شايع ٿيل آھي ۽ اھو ٻيهر شايع ڪريو ٿا تہ اوهان آءِ ايس بي اين جو فارم نمبر 1 ڊائون لوڊ ڪري اھو کين واپس پوسٽ ذريعي موڪليو.فارم جي لنڪ http://www.nlp.gov.pk/downloads/uform1.pdf ان جي جواب ۾ ھو اوهان کي ان مخصوص ڪتاب جو آءِ ايس بي اين نمبر الاٽ ڪري پوسٽ ذريعي آگاھ ڪندا.
- جيڪڏهن ڪتاب نئون نڪورو آھي تہ مٿين نموني وانگر ئي ھاڻي اوهان فارم نمبر 2 استعمال ڪندا. فارم جي لنڪ ھي آھي: http://www.nlp.gov.pk/downloads/uform2.pdf جلد ئي اھي اوهان کي نئين ڪتاب جو آءِ ايس بي اين نمبر پوسٽ ذريعي موڪلي ڇڏيندا، جيڪو اوهان ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي بار ڪوڊ ذريعي شايع ڪري ڇڏيو.
- ھاڻي آخري ڪم: اوهان جو ڪتاب جڏهن ڇپجي وڃي تہ پنج ڪتابن جون ڪاپيون مٿين اداري ڏانھن موڪليو تہ جيئن اھي ان ڪتاب جا تفصيل سڄي دنيا جي ڊيٽابيس ۾ داخل ڪري سگهن.
ياد رهي تہ ھي سڄو سلسلو مفت ۾ ٿيندو آھي، اوهان ڀلي ھڪ ڪتاب ڇپيو يا ھزارين، آءِ ايس بي اين جي ڪابہ فيس ناھي ٿيندي.
آءِ ايس بي اين نمبر لڳڻ سان اوهان جي اداري، ڇپيل ڪتاب جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نيٽ ذريعي نہ صرف ان جي بنيادي ڄاڻ ملي ويندي آھي پر ان سان گڏ اوهان پوري دنيا ۾ سنڌي ڪتابن جو انگ بہ وڌائي سگهو ٿا.
مهرباني ڪري ھيءَ ڄاڻ سڀني پبلشرن ۽ ليکڪن تائين پھچايو تہ جيئن سنڌي ڪتابن جي دنيا ۾ ناماچاري ٿي سگهي.




