عزتون ڏيو، ججمينٽل نہ ٿيو، نھٺائي ئي اسان کي دڳ لائيندي

ھي منھنجو پٽ آھي. نالو اٿس ”جئَي“، ادا جن وري اسڪول ۾ سندس نالو ”جئي علي“ لکرايو آھي. بھرحال، جڏھن ڄائو ھئو تہ ھو ڄائي ڄم (ETV) جي بيماري پاڻ سان گڏ کنيون آيو ھئو، جنھن جي ڪري سندس ٻئي پير ۽ ھڪ اک جو تارو ڦريل ھئو. ڪراچيءَ ۾ سندس پھريون آپريشن تڏھن ٿيو جڏھن سندس عمر ڪل ست مھينا ھئي ۽ آپريشن کان پوءِ پورو سال سندس ٻئي پير پلاسٽر سان ٻڌل رهيا، وري ان کان پوءِ لوھي بوٽ ۾ ڇھ مھينا رهڻ کان پوءِ سندس پير پنجانوي سيڪڙو سڌا ٿي ويا. عمر جي چوٿين سال دوائن ۽ ھڪ ننڍڙي سرجريءَ سان ھن جي اک جو تارو بہ لڳ ڀڳ مٿين ريٽ جيترو سڌو ٿي ويو. ھن آپريشن کان پوءِ مونکي ڊاڪٽرن اھا خبر ٻڌائي تہ اوھان جي ننڍڙي کي ھڪ ذھني معذوري بہ آھي جنھن کي ڊسليڪسيا سڏيو وڃي ٿو، معنا ھي عام ڪمن ڪارين ۾ ۽ پڙهڻ ۾ ھيٺ مٿي ٿيندو. جيڪا عمر جي پندرهين سال کان پوءِ ڪافي قدر ختم ٿي ويندي.
خير، سو اسڪول داخل ڪرڻ مھل مان ماسترياڻين کي چيو تہ بابا، جئي پڙهي ٿو يا نہ ٿو پڙهي، جڏو آ يا ھوشيار آ، خدا جي واسطي کيس مارڪٽ نہ ڪجو، ھي منھنجو پٽ آھي، ھن جي ھوشيار نہ ٿيڻ تي نقصان يا فائدو منھنجو ئي آھي، مان ڪڏھن بہ اوھان جي پڙهائڻ تي چيچ نہ کڻندم سو خدارا کيس بس اکر شناسي ڏيو، ماڻهپو سمجهايوس، ۽ بس!
ان ڳالهہ کي ڪافي سال ٿي ويا آھن. جئي سٺو نہ ٿو پڙهي، ان جي ڊڪٽيٽيشن بہ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪا ڀلوڙ ناھي، پر انهن تعليمي ڳالهين کي پرتي ڪري ڏسجي تہ جئي ڪمال جو ماڻهو آھي.
اوطاق تي مهمان مڙهو ايندو تہ انھن کي پيرن تي ھٿ رکي ملندو، ڳالهيون وڏن ماڻهن واريون ڪندو، ڪا ڳالهہ غلط سلط ڏسندو تہ بيپرواھ ٿي ان کي فضيلت سان ٽوڪيندو، اوطاق تي آيل گهورڙين کي ماني کارائيندو، کين چانھن پيئاريندو، گهران مليل خرچيءَ کي اسڪول جي ٻين ٻارن ۾ ورهائيندو وغيرہ وغيرہ.
ڳوٺ ۾ ماتم ٿئي يا مجلس، وعظ ٿئي يا خيرات، جئي ھر جڳھ تي وڃي مذھبي آدابن واريون ريتون ضرور ادا ڪري.
جئي اھو سڀ ڪجهہ شايد بابا ۽ ادا وڏي کان سکندو پيو اچي، ڇوتہ اوطاق تي ھر روز صبح جو ٻہ ماڻهو ضرور ايندا آھن، ھڪڙو تہ تر جو ھڪ بيحال سيد نوجوان آھي، جيڪو ڪندو تہ الائي ڇا آھي پر صبح نيرن اسان وٽ اچي ڪندو آھي، جنھن سان ادا وارا سڀ جو سڀ جهڪي ملندا آھن، ٻيو وري ھڪ ٻروچ آھي، جيڪو رهندو تہ الائي ڪٿي آھي، پر ڪاٺيون ڪليون ڪٺي ڪندو ڪچڙي منجهند جو اوطاق تي ايندو آھي جنھن کي ادا وارا ماني کارائيندا آھن.
اسان جي تر ۾ جيڪي بہ سيد رهن اھي ڇٺي ڇماھيءَ جيڪڏھن اوطاق تي اچن تہ اسان سڀ کين ڀاڪر سان آڌرڀاءُ تہ ڪندا ئي آھيون پر ان کان اڳ جهڪي انھن سان ملڻ سدائين شيوو رهيو آھي!
يقين ڪريو تہ منھنجي ھوندي، منھنجي سڀني آيل مهمان دوستن کي جڏھن جئي پيرن تي ھٿ رکي ملندو آھي تہ اھي دوست بہ حيران ٿي ويندا آھن ۽ اڻ سڌيءَ طرح سان کيس جهليندا آھن تہ جئي بابا ائين ناھي ڪبو! ۽ مان جئي کي ائين ملندو ڏسي سچ ۾ خوشي محسوس ڪندو آھيان. خبر ناھي ڇو!
ھڪ ڀيري اوطاق تي شايد پيارو دوست فريد ابڙو آيل ھئو الائي ڪو ٻيو دوست! جئي ائين جهڪي پيرن تي ھٿ رکي مليس. تہ منھنجي پري جي ھڪ چاچي کيس ٽوڪيو! تنھن تي جئي ھڪ پل رکي، کيس چتائي ڏسندي وراڻيو: ”چاچا سائين او صاحب! مان پيرن تي ھٿ رکي ملان ٿو تہ اھا منھنجي بيعزتي ناھي، باقي مھمان جو مان وڌي ٿو، سو جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو تہ ان ۾ اوھان کي ڪھڙي تڪليف پھتي؟ ٻڌايو؟“
محفل ۾ سڀ چپ ٿي ويا. اسان ھڪٻئي جو منھن ڏسڻ ۾ لڳي وياسين. جئي آھستگيءَ سان منھنجي ڀر ۾ آيو ۽ مان کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو. شڪر جو شام واري سرمئي اوندھ ڦھلجڻ لڳي ھئي، جنھن ۾ منھنجي اکين جا ڳوڙها ٻين جي نظر تي نہ چڙهي سگهيا.
ھتي ھاڻي اھو ضروري ٿي پيو آھي تہ مان اوھان کي ھڪ اضافي ڳالهہ بہ ٻڌايان تہ مان 2009 کان سوشل ميڊيا تي موجود رهندي ھي منھنجي پھرين پوسٽ ھوندي جنھن ۾ مان صفا گهر جي ڪا ذاتي ڳالهہ اوھان سڄڻن سان ونڊي ھوندي. مناسب ڄاتم انڪري ونڊيم. اصل ۾ ان جو سبب ھي آھي تہ:
دوستو! عقل جي جنھن اونداھي دور مان اسان گذري رهيا آھيون، جنھن ۾ ايتري تہ پستگي، ايتري تہ زلالت وڌي وئي آھي جو اسان ھاڻي ھر لقاءَ، ھر ڳالهہ ۾ فيصلا صادر ڪرڻ لڳا آھيون. اسين ايترا تہ ججمينٽل ٿي ويا آھيون ھن دور ۾ ڪو ماڻهو ڪنھن کي عزت ڏئي ٿو، جهڪي ملي ٿو، پير ڇھي ملي ٿو تہ اسان پھريون تہ ان کي خوشامد سمجهون ٿا يا وري غلامي، پر ان وڙ پويان جيڪو صدين جو اسان جي جيوت جو سبب آھي جيڪو مان ڏيڻ اسان مرڪ آھي اھو ڪوبہ نہ ٿو سمجهي!
اسان ھي ڪھڙي دور ۾ گهمندا ٿا وتون جتي عزت ڏيڻ، جهڪي ملڻ يا وري ڪنھن کي مڪمل مان مريادا ڏيڻ لاءِ پيرن تي ھٿ رکي ملڻ کي غلامي، خوشامدڙيائپ، غليظ ۽ ڪڌي حرڪت سمجهي پنھنجي پاڻ کي وڏو روشن خيال سمجهڻ لڳا آھيون؟ روشن خيالي جيڪڏھن اھا آھي تہ لطيف جو نوانوي سيڪڙو پيغام تہ اسان کي ان جو ئي عڪس ملي ٿو؛ پوءِ؟ ھي مائيءَ ڀاڳيءَ وارو ڪلام سمن سائين تنھنجي گولي غلام تنھنجي در جي، اھڙن ڪلامن جي ليکڪن کي وڏن ڪمال جي تصوف جي امان جي قبرن کي ڊاھيون ڇونہ ٿا؟ ڳالهہ ساڳي تہ آھي، جيڪا داعش وارا ڪري رهيا ھئا؛ ساڳي روش اسان واري بہ تہ آھي نہ!
فرق ڪھڙو آھي منھنجا سائين؟
مان زندگيءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان پنج ڀيرا مليم، مون سان گڏ جيڪي بہ دوست ھئا اھي ۽ مان سائينءَ جا پير ڇھي مليا سين. سو؟ ڇا ٿيو؟ اوھان ڄاڻو ٿا تہ ان وقت ڇا مون کي اڄ تائين اھا خوشي رهندي آھي تہ مان سائينءَ جا پير ڇھيا، سو؟ ڪنھن کي ان سان ڇا؟
ٺيڪ ائين جيئن منھنجي لاءِ سائين جي ايم سيد ڇا، پر سڀ پرائمريءَ جا استاد، سڀ وڏا جن سان مان جهڪي ملندو آھيان تہ ائين ٻين جي عزتن جا بہ ڪي معزز ھوندا. ڀلا جيڪڏھن ڪي ماڻهو عزتن سان انهن سان ملن ٿا تہ اسان جي ڪھڙي گندي خالي ٿي؟ ٿيو ڇا؟ ٿي ڇا پيو؟ سنڌ غرق ٿي وئي؟ ھي ٿي ڇا رهيو آھي؟ ھي ڪھڙي قسم جي طالبنائيزيشن اسان ۾ ڪاھي پئي آھي؟
اوھان تاريخ ڪربلا پڙهي آھي؟ اتي ڇا ھئو؟ جڏھن امام حسين عليہ السلام ڏھين محرم جي رات، ابن زياد پاران ايندڙ لشڪر جو ڪمانڊر حر ڳالهين لاءِ اچي ٿو تہ امام حسين جيڪا ھن کي عزت ڏني، اھا ڪو وساري سگهي ٿو؟ اھا عزت ئي ڏيڻي ھئي جنھن سان حر پنھنجي خيالن ۾ مٽا ڪري امام حسين جي لشڪر ۾ داخل ٿئي ٿو. اوھان اڃا نہ ٿا سمجهو تہ دليون ڪيئن جيتبيون آھن؟
جهڪي ملڻ سان يا لعنت ملامت ڪرڻ سان؟
ڀارت ۾ ھر ماڻهو پاڻ وڏي کي، پاڻ کان وڏي مرتبي واري کي پير ڇھي ملي ٿو. اوھان سڀ چئو تہ اھي ڪنا اٻوجهہ ڪافر، ڪمينا. پر اھو ساڳيو ڀارت آھي جيڪو پوري دنيا جي معيشت واري منڊيءَ ۾ ھاڻي پنجين نمبر تي پيو پھچي! ڇا سبب آھي؟
او دوستو خدارا ايڏا ججمينٽل نہ ٿيو. پوري انساني تاريخ ۾ وڏا وڏا جيڪي ظلم ٿيا اٿوَ اھي سڀ ان ججمينٽل ٿيڻ تي ٿيا اٿوَ. خدا جا ٻانهئو! جڏھن خدا اوھان لاءِ ججمينٽل نہ ٿو ٿئي تہ اسان ڪير ٿيندا آھيون؟
مون کي ڪو ٻڌائي تہ ڪو بندو گندو زاني شرابي، پراوا حق کائيندڙ جنھن جي ڪلهن تي اھي ڪرامين ڪاتبين ويٺا سڀ ڪجهہ لکن ٿا پر جيڪڏھن اھو بندو توبنھن ڪندي پويان پير ڪري ٿو تہ اھي ججمينٽل ٿيندڙ ڪرامين ۽ ڪاتبين وارا حساب وڃن ڪاڏي ٿا؟ ٻڙي برابر ٻڙي!
دوستئو، چتائي پنھنجي سماج ۾ ڏسو. اوھان کي ھتي اٿندڙ ويھندڙ سماج ۾ ھر ٻيو ماڻهو اندر ۾ وڏو طالبان، وڏو داعشي وڏو دھشتگرد ملندو. ھو بس موقعي جي تلاش ۾ رهي ٿو.
ھو ان انتظار ۾ رهي ٿو تہ ڪڏھن ڪٿي ڪنھن جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻو آھي! ھو پنھنجي عزت کي وڏو ڪرڻ لاءِ صرف اھو ئي گر ڄاڻي ٿو تہ ٻين کي ڪيئن بيعزتو ڪجي! او منھنجا مانوارا دوستو، ٺيڪ ان دور ۾ اسان جي ايندڙ پود اسان جي روايتن جي ساکي ٿي اچي تہ من ڀرجي اچي ٿو!
ان ڏينھن جنھن ڏينھن مان جئي کي ڀر ۾ ڪري اکيون آليون ٿيندي محسوس ڪيون، ان ڏينھن مون کان ڪنھن دوست پڇيو تہ اوھان جو اکيون ڇو ڀرجي آيون؟
جواب اھو آھي.