ڏاھپ جو ڊِي اين اَي

انساني تاريخ ۾ سياست جي علم تي پھريون ڪتاب جيڪو لکيو ويو ھُئو اھو ڪنھن يوناني يا وديسي ڏاھي نہ پر ھتان جي ئي تھذيب جي ”ڪوٽليي چاڻڪيي“ جو لکيل ”ارٿ شاستر“ آھي، جيڪو ھن حضرت عيسیٰ عليہ السلام کان لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو سال اڳ لکيو ھُئو. هن ڪتاب ۾ چاڻڪيي رياست جي گڏيل نظام هلائڻ جا طور طريقا سهڻي نموني سان لکيا آھن. ياد رھي تہ ھي اھو ئي دؤر ھئو جنھن ۾ يوناني فلسفين جي گهڻائي دليل بازي ڪندي ڀريل ڪچهرين ۾ عام ماڻهن کي وائڙو ڪرڻ ۾ ماھر ھوندي ھئي. يوناني مُناظر، ڪچهرين جا ڪوڏيا، واتوڙا ۽ صبح شام اٿينز جي گهٽين ۽ گهاٽن ۾ ڪانڀ ڪڍي علمي بحث مباحثا ڪندا ھئا. جڏھن تہ ھيڏي پاڻ واري پاسي تنھن دؤر ۾ چندر گپت موريا جي بادشاهيءَ جو دؤر ھئو، جنھن جو خاص وزير ۽ ”ارٿ شاستر“ ڪتاب جو ليکڪ اھو ڪوٽليو چاڻڪيو پنھنجي ڏاھپ سان اھڙا تہ گفتا ڏيندو ھئو جيڪي تاريخ جي پنن تي اڄ بہ چٽيل آھن. ھن جو ڏاھپ جي باري ۾ ڪافي گفتا اھڙا آھي جيڪي مٿي ۾ واڄٽن جيان وڄي اٿندا آھن جن ۾ ھڪ اھو ھئو تہ: ”ڏاھپ اھڙي ڪلا جو نالو آھي جنھن ۾ ھڪ ڏاھو ڪو علمي خيال عام ماڻهن جي سوچ آڌار ترجمو ڪري کين اھڙي نموني سان ٻڌائي سگهي جو ٻڌندڙ ان ڳالهہ کي پنھنجو سمجهي ڪري ان تي ھلي پوي.“ ھُن اھو پڻ اڳتي ھلي لکيو تہ: ”عالم اھو ناھي جيڪو لفظن سان لٺ ٺاھي ٻين مٿان وسائي پر عالم اھو ئي سڏائي سگهي ٿو جيڪو پنھنجي گيان کي وڌ کان وڌ آسان ڪري ٻڌائي جو ھڪ سادي دماغ رکندڙ کي پڻ اھا پرک پئجي وڃي تہ ”درحقيقت“ آھي ڇا؟“ ھڪ ھنڌ تہ چاڻڪيي صفا سادي نموني سان علم جي اھڙي وصف ٻڌائي ڇڏي جو مان ان جھڙي آسان وصف اڃا تائين ڪٿي ناھي پڙهي، جنھن ۾ ھن چيو: ”علم لفظن جي گهڻائي نہ پر سمجهہ جو نالو آھي.“
ٻئي پاسي وري اٺين صديءَ ۾ مديني مان علم ۽ دانش جي ھڪ آواز اڀريو جنھن ان دؤر جي عرب دنيا ۾ اھڙو تہ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو جو عربستان کان سواءِ ڀرپاسي واري ملڪن جي تدريسي مدرسن ۾ بہ اھا ڊگري ڪافي سمجهڻ لڳي تہ ”ڦلاڻو عالم حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جن جي صحبت ۾ رھيو آھي.“ وقت جي ان ڇھين امام جڏھن دماغ جا بخيا کوليندڙ ھي گفتو بيان ڪيو تہ: ”انسان جي عظمت ان جي سمجهہ واري قوت ۾ لڪيل آھي ۽ ياد رکو، جيڪڏھن اوھان پنھنجي دشمن کي بہ سمجهي ويئو تہ پڪ سمجهو اوھان ان کي معاف ڪري ڇڏيندئو!“ ڪمال آھي! يعني جڏھن اوھان ڳالهاوَن کان تمام گهڻو پري، لفظن جي شور کان وٿيرڪا ٿي جڏھن اندر جي اُھاءَ سان سمجهڻ شروع ڪريو ٿا تہ اوھان کي سڌ پوي ٿي، ڄاڻ ملي ٿي، پنھنجي احساسن کي جڏھن ٻين جي احساسن سان ڳنڍيو ٿا تڏھن ڪَل پوي ٿي جنھن سبب اوھان جي وجود ۾ ڏاھپ جا سلا نسرڻ لڳن ٿا.
ڪي ٽي صديون پوءِ ايران جي شھر نيشاپور واري مشھور ”نظاميہ مدرسي“ مان ڊگري وٺي پنھنجي دؤر جو مفڪر ۽ تصوف ۾ نالو ڪمائيندڙ امام غزالي پڻ ھن مھل ذھن ۾ اچي ٿو جڏھن ھو پنھنجي تعليمي ڊگري وٺي ڳوٺ واپس اچي رھيو ھئو جو رستي ۾ ڌاڙيلن ان قافلي کي لٽي ڇڏيو جنھن ۾ ھو شامل ھئو. ڪاروان ۾ جنھن وٽ جيڪا دولت ھئي سا لٽجي وئي، غزاليءَ جي دولت بس ھڪ پيتي ئي تہ ھئي جنھن ۾ ھٿ سان لکيل ڪتاب ڀريا پيا ھئا، جيڪي ھن پنھنجي استادن پاران مليل علمي گفتن تي لکيا ھئا، سي بہ لٽجي ويا. قافلي جا مسافر تہ اڳتي وڌي ويا، پر غزالي سڀ ڪجهہ لٽجي وڃڻ ڪري اتي ئي ويھي رھيو. ڏک پيڙا ۽ ڪروڌ سان ڀرجي ھن فيصلو ڪيو تہ ڌاڙيلن جو پيرو کڻجي، کين منٿ ميڙ ڪري ڪتاب واپس ڪرائجن، سو ھو ڌاڙيلن پويان پيرا کڻندو اڳتي وڌيو. نيٺ شام ڌاران ھُو ڌاڙيلن جي مڪان تائين پھچي ويو. ڦورن سندس ماجرا ٻڌي ۽ پنھنجي سردار سامهون آڻي بيھاريو تہ ھن ايلاز منٿن ۾ کيس ٻڌايو تہ: ”ٻيلي ھي ڪو مڏي مال ملڪيت يا سون وغيرہ نہ پر منھنجا لکيل ڪتاب آھن، جن جو اوھان وٽ ڪو ملهہ نہ مقابلو، نہ ئي وري اھي ڪتاب ڪي وکر جيان آھن جن کي وڪڻي اوھان دولت حاصل ڪري سگهو، اوھان ڌاڙيل آھيو جن وٽ ھي بس رديءَ جا ڪاڳر ئي ٿي سگهن ٿا، ھا پر مون لاءِ ھي ڪتاب املهہ آھن، ڇوتہ مان سالن جا سال نور نچوئي ھي اقتباس لکيا آھن، سو خدارا ھي مون کي موٽائي ڏيو.“ سردار پڇيس تہ ”ان جو مطلب تون عالم آھين، ڪو دولتمند واپاري ناھين، سو خير آھي، علم تہ تنھنجي دل ۾ ئي ھوندو، سو تون کي ھاڻي ڪتابن جي ڪھڙي گهرج؟“ تنھن تي غزاليءَ روئندي وراڻيس: ”نہ قبلا ائين ناھي، مان ان علم آڌار ئي تہ سکي سگهيو آھيان، جيڪو انهن ڪتابن ۾ لکيل آھي، بغير ڪتابن جي مان ڇا جو عالم؟“ اھي جملا ٻڌي سردار کان وڏا ٽھڪ نڪري ويا، ھو کلندي کلندي کيرو ٿي ويو ۽ چيائينس: ”اي غزالي! معنا تون ھاڻي ڪتابن کان سواءِ اھو ساڳيو ڀينگيو ٿي وئين جيڪو اڳ ھئين! ۽ ھا ٻڌ! ھاڻي ھي ڪتاب مون وٽ آھن، يعني ھاڻي مان عالم آھيان نہ وري تون!“ سردار جي ٽھڪن تي ٻيا لٽيرا بہ شامل ٿي ويا ۽ غزالي ان ڀيانڪ قسم جي سچ تي ٻڌل ٽوڪ جي ڪري زمين ۾ ڄڻ پُوربو پئي ويو. ھن محسوس ڪيو تہ پوري زندگيءَ ۾ ھن جي کل ائين ڪنھن نہ لاٿي ھوندي جيئن ڌاڙيلن جي سردار ڇڙي ھڪ جملي ۾ لاھي ڇڏي ھئس. ھن سمجهي ورتو تہ مان واقعي بہ مورک آھيان، جنھن ھينئر تائين ڪتابن ۾ علم پئي تلاش ڪيو ۽ انهن کي ئي علم جو خزانو پئي ڀانيو ۽ ائين ھُو جهڪيل ڪنڌ سان واپس موٽڻ لڳو. سردار کيس ڪتاب واپس ڪرڻ لاءِ روڪيو پر غزاليءَ اٽلندو سردار جا پير ڇُهيا ۽ چيائينس: ”نہ استاد محترم! اوھان منھنجي پوري زندگيءَ جو ڪمايل ڄاڻ ھڪ ئي جملي ۾ تھس نھس ڪري ڇڏي، مان واقعي بہ ڪجهہ ناھيان، نہ عالم نہ ئي وري سچو طالب علم، پر اڄ اوھان مون کي ڏاھپ جو اھو ڏس ڏنو آھي جيڪو مان پوري ڄمار وساري نہ سگهندم تہ علم اھو آھي جيڪو اوھان جي دل ۾ والارجي وڃي، جيڪو سمجهہ ۾ اچي وڃي، جيڪو لفظن ۽ اکرن جو محتاج نہ ھجي پر اھو جيڪو سنئون سڌو دل سان لڳي وڃي.“
ائين ئي ڏاھپ جو ڏس سورهين صديءَ ۾ سک ازم جو پايو وجهندڙ گرو نانڪ جي ”جپجي صاحب“ ۾ لکيل ھڪ ڊگهي ڪوتا ۾ پڻ مليو. پاڻ ھتي بس ان جون ٻہ اڍائي سٽون رکنداسين تہ: ”اھرڻي مڪت، ويد ھٿيار. جنڪو ندر، ڪرم تنڪار .“ يعني ”ديماڪ سنداڻ جيان آھي ۽ علم اھو ھٿوڙو آھي جيڪو ڌماڪي جيان ان تي اچي ڪري ٿو ۽ جن کي اھا ڳالهہ سمجهہ ۾ اچي وئي پڪ سمجهو تن مٿان ٻاجهہ ئي ٻاجهہ وسندي رھي ٿي.“
تاريخ ۾ لکيل جن جن ڪردارن جو ذڪر پاڻ مٿي ڪيوسين تن تي سوين پي ايڇ ڊيون ٿيون ۽ ٿي رھيون آھن، جن ۾ لکين لفظن تي مشتمل ڪئي تحقيقون لکيون پيون وڃن. تحقيقون، جن جي ڪاڳرن کي ڪٻٽن جي اونداھي خانن ۾ اڏوھي تہ کائي رھي آھي، پر کين حال جي شعور ۾ ھضم نہ ٿو پيو ڪيو وڃي. ھتي جهجهي مقدار ۾ پي ايڇ ڊيون ٿين تہ ٿيون پر اھو بہ سچ آھي تہ گهڻو ڪري اھي لفظن جي کوکن ۾ بند پرايون چوسيل ڳنڍيرين جيان ئي ٿينديون آھن جن کي ٻيھر چوسيو پيو وڃي ۽ اڃا وڏو ماتم اھو آھي تہ انهن کي ”سمجهہ“ جو نالو ڏنو پيو وڃي! ڪير ٿو ڄاڻي تہ سالن جا سال مڪتبن جا ڌڪا کائيندي ڪاڳر جو ھڪ پنو جيڪڏھن ڊگريءَ جي نالي تي ملي بہ ٿو تہ اھو ”سمجهہ“ جي سند نہ ٿيندو آھي نہ ئي وري اھو اھڙي ضمانت ڏئي سگهندو آھي تہ ڊگري ملندڙ کي ايتري بہ سمجهہ عطا ٿي ويندي جو جيڪا ڳالهہ ھُو ڪندو سا واقعي بہ ٻڌڻ واري جي ديماڪ تائين ان جي سمجهہ آڌار جيئن جو تيئن پھچي وڃي!
ڇا ائين ناھي تہ ھن پوسٽ ماڊرنزم جي دؤر ۾ گهڻو ڪري لفظن کي ڪوڪا ٺاھي ٻين جي نرڙن تي ٺوڪيا پيا وڃن؟ ڪنھن ويھڪ ۾ جڏھن ڪنھن خاص موضوع تي ڳالهايو وڃي ٿو تڏھن ڇا اھو خيال ڪيو ويندو آھي تہ ھي جيڪو ڪجهہ ڳالهايو پيو وڃي واقعي اھو سامهون واري جي ذھني پھچ آڌار تي ئي ڳالهايو پيو وڃي؟ اھا روش ڏسي محسوس اھو ڪيو ويو آھي تہ پاڻ وٽ ٺيٺ اسڪالري ڪانفرنسن ۾ جيڪڏھن مانيءَ جي مزماني ۽ راڳ جي راحت ڪڍي ڇڏجي تہ ڪيترا ماڻهو اسان جي عالمن ۽ دانشورن جي علمي فيض مان پنھنجي اڃ اجهائڻ ايندا؟ مغرب جي علمي ڪانفرنسن ۾ ائين ٿيندو آھي جو پئسا ڏئي ويھي سگهبو آھي جتي تحقيقي ۽ صنعتي ادارن جا ماڻهو اڳ ئي نشستون بڪ ڪري ڇڏيندا آھن، پر پاڻ وٽ؟ ان سوال جو جواب اوھان سڀني کي ڀلي ڀت خبر آھي.
ان ھوندي بہ افسوس ٿيندو جو پاڻ وٽ وري بہ لوڪ کي ئي مياري سمجهيو وڃي ٿو پر لطيف جي سِٽ ”اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين!“ جي ارڳ کي نہ ٿو پيو سمجهيو وڃي! ڇو جو ھاڻي ھرڪو پنھنجي داوَن ۾ دِيد رکڻ بجاءِ ٻين کي تَڪي رھيو آھي. پڙهي ھرڪو پر ڪڙهي ڪو ڪو ٿو، تعليم ضرور پرائي وڃي ٿي پر علم کان ڪوھين ڏور! ڊگريون ضرور ورتيون پيون وڃن پر اھي ”ڊِگرون“، ھٺ ۽ وڏائيءَ جون سَندُن جيان آھن، هر هنڌ جناب موسيٰ جي عاقبت جي گهرج تہ ضرور آهي پر فرعون جي عياشيءَ سان گڏ، سقراط جو پيروڪار سڀڪو سڏائڻ ۾ لڳو پيو آھي پر اٿينز واري پروھتن جي ڊڪٽيٽرشپ سميت! سچ اھو آھي تہ ھاڻي گهڻائي ڏاھپ کان گهڻو پري اکرن ۽ لفظن جي کوکن ۾ باندي ۽ سمجهہ کان يتيم ٿي وئي آھي. ھاڻي ھرڪو لفظن تي ٿو ڳالهائي، بحث جنھن ڳالهہ تي ٿيندو آھي تڏھن ان ڳالهہ کان وڌيڪ اٿاريل اجاين سوالن تي ڳالهايو ويندو آھي. سوال، جيڪي خالي کوکن جيان لفظن تي ٻڌل ھوندا آھن، جن ۾ سمجهہ ھوندي ئي ناھي! ھاڻي ھتي ھرڪو لفظن جي شور ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. وفا ناٿن شاھي چواڻي: ”لفظن ايڏو شور مچايو، چُپ ٿي وئي ويچاري معنا!“ معنا، جنھن ۾ حقيقت جو جوھر ٿيندو آھي، معنا جيڪا سمجهہ عطا ڪندي آھي، ”سمجهہ“ جيڪا ئي اصل ۾ ”ڏاھپ“ جو ”ڊِي اينِ اَي“ ھوندو آھي.