سنڌي الفابيٽ؛ ڪجهہ حقيقتون

اڳين ڀيري مان سنڌي ٻوليءَ تي ڳالھايو ھئو، تہ اھا ڪيئن فطري ٻولي آھي ۽ ان ۾ ڪيترو دم آھي. اميد رکي ھئم تہ منھنجي اھا لکڻي اوھان سڀني کي سوچڻ جا ڪجھ نوان دڳ ڏيڻ ۾ ڪجھ نہ ڪجھ مددگار ثابت ٿي ھوندي.
مان اھو بہ پئي ڏٺو تہ اڪثر نوجوان دوستن منھنجي لکڻيءَ کي نہ صرف ونڊيو پر پسند بہ ڪيو. اوھان جا لک قرب. سو اڄ پاڻ سنڌي الفابيٽ تي ٿا ڳالھايون.
پھريون تہ اھا ڳالھ سمجهي ڇڏيو تہ ڪا بہ الفابيٽ اصل ۾ ”ٻولي“ ناھي ھوندي. اھو ضرور آھي تہ ھر الفابيٽ ڪنھن ٻوليءَ کي ظاھر ڪندي آھي، پر اھو ضروري ناھي تہ ھر ٻوليءَ کي سندي الفابيٽ ھجي.
ان ڳالھ کي اوھان ائين سمجهو تہ ھن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ڇھ ھزار ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون جن مان ڪي ٽي ھزار اٺ سئو ڇاھٺ ٻولين وٽ سندي الفابيٽ آھي. معنا اڍائي ھزار کان مٿي وري اھڙيون بہ ٻوليون آھن جن وٽ سندي الفابيٽ ناھي، اھي ڳالھايون تہ وڃن ٿيون پر لکي نہ ٿيون سگھجن. پر اھا ڳالھ ذھن ۾ رکجو تہ الفابيٽ ٻوليءَ جي آوازن جي ترجماني ڪندي آھي. معنا الفابيٽ ٻوليءَ جي آوازن ۽ سُرن کي اچارڻ ھو ھڪ اھم طريقو ٿيندو آھي.
اڇا ھتي وري ھڪ ٻي بہ اھم ڳالھ سمجهو. ھي جيڪي الفابيٽ پيو مان چوان تہ اھا ساڳي ”الف بي تي“ اٿوَ. ھاڻي جيڪي 3866 ٻوليون الفابيٽ ۾ اچن ٿيون تہ انھن الفابيٽن جون مخصوص لپيون ٿين ٿيون. لپي! معنا لکڻيءَ جو سرشتو، لکڻيءَ جو نمونو، اظھار جي شڪل، ڏيک، چوڻي وغيرہ… ھي جيڪي ڳوٺن ۾ جاين ڀتين کي ليپو ڏنو ويندو آھي جنھن سان ڀتيون نيون سيون ٿي وينديون آھن، انھن تي چٽسالي ڪئي ويندي آھي، پراڻن مندرن مسيتن تي جيڪا ليپي سان راڳا ڏنا ويندا ھئا انھن کي قديمي سنڌي ٻوليءَ ۾ ليپو، ليپ، لپڻ سڏبو ھئو. مون کي يقين آھي تہ انگريزي ٻوليءَ ۾ جيڪو لفظ چپن (Lip / lips) لاءِ استعمال ٿئي ٿو اھو ھتان ئي ويو آھي. ڇوتہ چپ اصل ۾ لب آھن. اسان جي شاعريءَ ۾ لب عام استعمال ٿئي ٿو. اھو چپ يا لب ساڳيو ئي انگريزيءَ وارو لپ آھي، مطلب اظھار، چوڻ، ٻڌائڻ، ڏيک ڏيڻ وغيرہ…
سو الفابيٽ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪي وڏيون لپيون يارنھن کن ٿينديون جن جي سرشتي تي ٿوري مٽاسٽا ڪري ٻوليون پنھنجي جدا الفابيٽ ترتيب ڏينديون آھن.
موجودھ سنڌي ٻوليءَ جي لپي عربي سرشتي تي اڻويھين صديءَ جي گورن ترتيب ڏياري، جنھن لاءِ ھنن ان وقت اھو طئي ڪري چيو تہ ”ابتدائي بنيادن تي ھي الفابيٽ عام ڪجي ٿي، اميد تہ ايندڙ ٻوليدان، ان تي تحقيقون ڪري ان کي نئون سنئون ڪندا.“ 1874ع ۾ پھرين سرڪاري طور تي ھڪ پٽيءَ کي ظاھر ڪري ان ۾ سنڌي آوازن جا مثال ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي پڪي الفابيٽ رائج ڪئي وئي. اھو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن، وري نہ سرڪاري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ تي سرڪاري سطح تي نئين سري سان جائزو ورتو ويو. ھا باقي انفرادي طور تي ڪافي ماڻھن ڪوششون ڪيون، ڪن الفابيٽ جي ترتيب مٽي تہ ڪن وري اکرن تي تجربا ڪيا. ڪي ماڻھو سرڪاري ڪرسين تي ويٺل ھجڻ جي ڪري ھيروز ٿي ويا تہ ڪي وري ان سرڪاري ڪرسين تي ويٺلن جي ڪري زيروز ٿي ويا. پر ان ڳالھ کان انڪار ناھي تہ سنڌي ٻوليءَ جي عربي بنيادن تي ترتيب ڏنل الفابيٽ ۾ ”مھا چڪون“ رھجي ويون، جيڪي اڃا تائين رھيل آھن. جن ۾ ڪجھ خاص ھن طرح سان آھن:

  1. سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ جنمن کان جيڪي آواز ڪڍندا آھن انھن ۾ مخرجي آواز ھو ناھن اچاريندا، سو سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ڪافي اکر ساڳي اچارن وارا اچي ويا. جن جي ڪابہ ضرورت نہ ھئي. مثال س، ص، ث يا ذ، ز، ض ۽ ض وغيرہ
  2. ڳرن آوازن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ نقطن جي ڀرمار لڳي وئي، حد اھا جو ٽن نقطن کان ڪم ٽپائي چار نقطا بہ متعارف ڪرايا ويا، جيڪي ڪنھن بہ طرح سان لکڻ واري لاءِ ڏکيائي ئي ٿي پيا. اھو ئي سبب آھي جو اسان ٻہ نقطا ملائي لڪير کي ٿورو موڙو ڏئي ٻہ نقطا ڪري پيش ڪندا آھيون.
  3. جڏھن ڀ، ٿ، ٺ، جھڙن ٻن آوازن جي ميلاپ وارا اکر نقطن ۾ جدا ڪيا ويا تہ ساڳي ٽولي جي ٻن اکرن جھ ۽ گھ ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھئو جو انھن کي اضافي ھ ھڻڻي پئي!
  4. جيئن اردوءَ ۾ نون غنو (گهُڻو) ں ۽ وڏي ے شامل ڪري ڪيڏي نہ سولائي ڪئي وئي، ائين سنڌي ٻوليءَ جي انھن اھم آوازن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ اھي اکر ڇونہ شامل ڪيا ويا؟
  5. جڏھن عربيءَ جي اکرن جو سالم آواز سڀني عربي سرشتي تي ساڳيو آھي، جيئن ب کي يربي، فارسي، اردو، پختون، سنڌي، پنجابي وغيرھ ۾ ب جي ساڳي آوازن سان سڏيو ويندو آھي تہ پوءِ عربيءَ جي ک جيڪا ٻين سڀني ٻولين ۾ ”ڪاف“ جو آواز ظاھر ڪندي آھي ان کي سنڌيءَ ڳري آواز (جيڪو ڪ ۽ ھ جو ميلاپ ٿئي ٿو) ک کٽ سان ڇو رکيو ويو؟

مٿين اھم ڳالھين جي اڻاٺ ۽ مسئلن جي ڪري ٿيو ڇا تہ سنڌي ٻوليءَ جي عربي سرشتي واري الفابيٽ ۾ ھڪ وڏو مونجهارو پيدا ٿي ويو جيڪو تمام گهٽ ماڻھن کي خبر آھي. يعني ھيءَ واحد اھا الفابيٽ ثابت ٿي جيڪا الفابيٽي اکر گهڻا رکي پر ٻوليءَ جا آواز (Phonemes) گهٽ ھجن! سولي نموني سان سمجهو تہ انگريزي ٻوليءَ جا ڪل اکر آھن 26 پر انگريزيءَ ٻوليءَ جا آواز 44 آھن.
عربي ٻوليءَ جا اکر آھن 28 تہ آواز اٿس 34، فارسي ٻوليءَ 28، ۽ آواز اٿس 32. اھڙي نموني سان مان تصويرن ۾ دنيا جي مھا ٻولين جا چارٽ رکيا آھن جيڪي يونيڪوڊ وارن مختلف ٻولين جي ابتدائي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ رکيا آھن، انھن چارٽن ۾ اوھان سمجهي سگهو ٿا تہ انھن ٻولين جي الفابيٽ جا اکر اچارڻ وارن آوازن کان ھميشھ گهٽ ٿيندا آھن.
خيرن سان پنھنجي سنڌي ٻولي واحد ٻولي ھوندي جنھن کي الفابيٽ ۾ اکر ملن ٿا 52 پر آواز ڪي ھوندس چاليھن يا ٻائيتاليھ! ھاڻي اندازو ڪريو تہ اصل مسئلو ڪيڏو اھم آھي. اسان جا ٻار ڪچي پھرين ڪلاس ۾ ئي پنھنجو مٿو انھن اجاين اکرن کي ياد ڪرڻ، انھن کي اچارڻ ۾ جام مارون کائي ڪجھ سيڪڙو تہ اسڪولن مان ڀڄي جان ڇڏائين ٿا. پر اڃا بہ مزي جي ڳالھ تہ ڪجھ ٻوليدان اڃا بہ چون ٿا تہ ڪافي اکر کٽل آھن.. معنا اڃا بہ سندن پيٽ ناھي ڀريو!
ھاڻي ان پاسي جيڪڏھن اڙيو ٿڙيو اسان پارو خردماغو جيڪڏھن ڌيان ڇڪائي ٿو ان مٿان تبرن جو زپڪو پيو آھي، جھڙوڪ قومي غدار، ٻوليءَ جو دشمن وغيرھ وغيرھ… ڇوتہ سالن کان اسان جي نرگسيت جي متاثر ليڊرن، ٻوليدانن سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي حضرت جبرائيل پاران موڪليل آيتون سمجهي ڇڏي تبليغ جو ڪئي آھي. سو خبردار جو ڪو الفابيٽ سان ھٿ چراند جي ڳالھ ڪري! ماري رکوس ان قومي غدار ۽ سنڌي عظيم ٻوليءَ جي دشمن کي.
پر ياد رکو اي دوستو!
سنڌي ٻوليءَ جي موجودہ الفابيٽ ھاڻي ٺھي، شاھ جي شاعريءَ کان بہ ڪافي پوءِ، جنھن شاعريءَ جي آوازن جا گوڏا پير ٽوڙي مروڙي پوءِ جي ٺھيل الفابيٽ ۾ گهاڙي ائين ڪيو ويو جو وڃي ٿيا خير! مان سمجهان ٿو تہ شاہ جي ڪلام کي ماڻھو انڪري بہ گهٽ ٿا سمجهن جو شاعريءَ جو آوازن کي نئين ٺھيل الفابيٽ ۾ سوڙھو ڪيو ويو!
بھرحال، ٿيڻ ائين کپندو آھي جو الفابيٽ تي سرڪاري سطح تي وڏو ورڪشاپ ڪرايو وڃي، جنھن ۾ سائنسي بنيادن تي ٻن قسمن جو الفابيٽون ترتيب ڏنيون وڃن.

  1. عربي اسڪرپٽ: جنھن جي مڪمل طور تي نئين ترتيب ڏني وڃي، جنھن ۾ آوازن جي حساب سان اکر رکيا وڃن، وسرڳي اکرن جو جدا گروپ ٺاھي انھن ۾ اضافي ھ وجهي بلڪل ائين ڪيو وڃي جيئن اردوءَ ۾ آھي. چئن نقطن مان جان ڇڏائي وڃي.
  2. اردوءَ جيان نون غني (ں) ۽ وڏي ي (ے) جو اضافو ڪيو وڃي. ان سان گڏ بغير نقطن جي (ی) پھرين آندي وڃي. نقطا صرف وچ ۾ استعمال ٿيندڙ ي ۾ اچن.
  3. ھڪ جھڙن آوازن وارن اکرن کي ختم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ جيڪڏھن دوست وٽ اھو خيال ھجي تہ پوءِ سنڌي ماڻھو قرآن پاڪ ڪيئن پڙھي سگهندا تہ کين اھو ياد ڏياريو وڃي تہ دنيا جھان ۾ جتي جتي بہ مسلمان رھن ٿا اھي قرآن پاڪ پڙھڻ کان پھريون ”معياري قائدو“ پھريون پڙھندا آھن. جنھن ۾ عربي آوازن ۽ اکرن جي مستند ڄاڻ بہ موجود آھي تہ مشقون بہ، سو جيئن روسي، فلپائيني، ڊينش، ازبڪي، آرامي وغيرھ مسلمان قرآن پاڪ پڙھن ٿا جڏھن تہ سندن پنھنجي ٻولين ۾ عربي سرشتا ۽ آواز آھن ئي نہ تہ پوءِ پاڻ کي ڪھڙو تپ ٿو چڙھي!
  4. سنڌي ٻوليءَ جو بلڪل سندو جديد گرامر ترتيب ڏنو وڃي ڇوتہ تمام گهٽ ماڻھن کي خبر آھي تہ اسان جيڪو گرامر پڙھو ٿا اھو اصل ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو گرامر آھي جنھن کي اسان اجرڪ ٽوپي پارائي سنڌي گرامر جو نالو ڏنو آھي. (ان موضوع تي مان جلد لکندم)
  5. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ٽيمن کي ڀرتي ڪري اڳوڻا تمام ڪتاب ڊجيٽائيزڊ ڪيا وڃن. ان بعد اھڙو پروگرام ٺاھيو وڃي جنھن جي ڪري صرف ھڪ بٽڻ دٻائڻ سان لکيل مواد پراڻي سنڌيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي تہ ابت ۾ ٻي بٽڻ دٻائڻ سان جديد لپيءَ ۾ منتقل ٿي وڃي. ان عمل جي ڪري پراڻي الفابيٽ وارا سڀ لکيل ڪتاب نئين سرشتي ۾ بہ پڙھي سگهبا تہ نئين لپيءَ ۾ لکجندڙ ڪتاب بہ پراڻي سرشتي ۾ منتقل ٿيڻ جھڙا ٿي ويندا. معنا سڀ راضي.
  6. حڪومت تعليمي پاليسي جوڙي فوري طور تي پرائمري اسڪولن ۾ جديد سرشتي واري سنڌي ٻولي نافذ ڪرائي، تہ جيئن ويھن سالن ۾ سڄي ٻولي دنيا جي شاھوڪار ٻولين سان ھر طرح جو ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي شان ۽ شوڪت سان ھلي سگھي.
  7. رومن لپي: جتي عربي لپيءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ آھي اتي رومن لپيءَ ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ترتيب ڏني وڃي. سنڌي آوازن سان ٺھڪندڙ آوازي علامتون تيار ڪجن يا يورپي الفابيٽن جن ۾ جرمن ۽ ڊينش اھم آھن انھن جي آوازن کي ظاھر ڪندڙ اکرن کي شامل ڪيو وڃي. انٽرنيٽ تي رومن سنڌيءَ جون سائيٽون جوڙيون وڃن ۽ ڪجھ پبليڪيشن وارا رومن سنڌيءَ ۾ بہ ننڍا ننڍا ڪتاب ڇپائي ظاھر ڪن.

مضمون طويل ٿي ويندو، انڪري فلحال ھن کي اتي ڪريون ٿا بند. ان پڪ ڏيڻ سان تہ ان سان ٻوليءَ کي ڪوبہ نقصان نہ ٿيندو ھا پر ٻوليءَ جي جيڪا ترقي ٿيندي ان جو اوھان تصور نہ ٿا ڪري سگهو.