رُڃارو ڏيک ۽ سنڌي سماج: حقيقت کان وڌيڪ حقيقي مونجهارو

اڄ پوري دنيا ۾ ھڪ فلمي ٽائيپ چوٻول آھي جنھن کي سئنيمائن جي دنيا ۾ ھائپر ريئلٽي چون ٿا، جنھن ۾ جيڪو اسان اسڪرين تي ڏسندا آھيون اھو اصل ۾ ھوندو ناھي، پر ڪمپيوٽر جي مدد سان گرافڪس جي جوڙجڪ ٿيل ھوندي آھي. ساڳي ئي نموني سان زندگيءَ جي وري ٻين مڪتبن ۾ پوري سموري دنيا ۾ ھڪ اصطلاح استعمال ٿئي ٿو ”ھائپر ريئلٽي“ جنھن کي پاڻ ھتي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ نالو ڏيون ٿا رُڃارو ڏيک! اھو هڪ اهڙو تصور آهي، جيڪو جديد دور ۾ سماج جي هر شعبي ۾ گهڙي ويو آهي. فرانسيسي فلسفي جين بودريار (Jean Baudrillard) جي نظريي مطابق، رُڃارو ڏيک اها حالت آهي، جتي حقيقت ۽ خيال جي وچ ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ هڪ اهڙي دنيا ٺھي ٿي، جيڪا سچ کان بہ وڌيڪ “حقيقي” نظر اچي ٿي، پر اصل ۾ اها بس هڪ جڙتو تصوير ھوندي آهي. پاڻ واري سماج ۾ پڻ اهو رُڃارو ڏيک پنھنجا پير پختا ڪري چڪو آهي، ۽ اهو سياست، معيشت، مارڪيٽ، تعليم کان ويندي پنھنجيزندگين جي ھر مڪتب ۾ بہ پنھنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي.
پاڻ وڏو مثال ھتي سياست ۾ رُڃاري ڏيک جو کڻون تہ صفا سادن ٻولن ۾ اھو چونداسين تہ جيڪو نظر اچي ٿو، سو اصل ۾ ناهي! ڇوتہ سنڌي سماج ۾ سياست رُڃاري ڏيک جو وڏي ۾ وڏو ميدان بڻجي چڪو آهي. سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين پاران سوشل ميڊيا، تقريرن، ۽ ميڊيا جي ذريعي اهڙيون تصويرون پيش ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي عوام کي صفا اصل سچ لڳن ٿيون، پر اصل ۾ اهي ڇڙو جڙتو لقاءُ ھوندو آھي. مثال طور، چونڊن ۾ واعدا ڪيا وڃن ٿا تہ “هر گهر ۾ روزگار، هر هٿ ۾ خوشحالي”، پر جڏهن اقتدار ملي ٿو ته اها حقيقت غائب ٿي وڃي ٿي. عوام کي رنگين تصويرن ۽ جذبن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو، ۽ اصل مسئلن جھڙوڪ غربت، بدامني، ۽ بنيادي سھولتن جي اڻاٺ، پسمنظر ۾ هليون وڃن ٿيون. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۽ تصويرون، جيڪي ترقيءَ ۽ خوشحالي جا خواب ڏيکارين ٿيون، گهڻو ڪري حقيقت کان پري هجن ٿيون. هيءُ رُڃارو ڏيک آهي، جتي جيڪو ٻڌايو وڃي ٿو، سو اصل ۾ ناهي، ۽ جيڪو اصل ۾ آهي، سو عوام تائين پھچي ئي نٿو.
وري مارڪيٽ تي اک رکجي ٿي تہ اتي رڃارو سچ ضرورت کان وڌيڪ خواب پيدا ڪري ٿو. اوھان پاڻ ڏسو تہ پنھنجي سماج ۾ مارڪيٽ ئي رُڃاري ڏيک جو وڏو مرڪز ملندو آهي. اشتھارن جي دنيا ۾ شيون ۽ خدمتون اهڙي نموني پيش ڪيون وڃن ٿيون، جو اهي اصل ضرورتن کان وڌيڪ اهم ۽ لاجواب نظر اچن ٿيون. مثال طور، هڪ عام صابڻ کي اهڙو پيش ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ تہ ان جي استعمال سان زندگيءَ جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ بہ عالمي برانڊز جا رنگين اشتھار ماڻهن کي اهو يقين ڏيارين ٿا تہ انهن جي ٺاھيل شين کان سواءِ زندگي اڻپوري آهي. هيءَ روش مارڪيٽ جي رُڃاري ڏيک جي بدترين مثال آهي، جيڪا ماڻهن کي حقيقت کان پري رکي کين هڪ جڙتو خوابن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي.
آن لائن مارڪيٽنگ ۾ تہ هيءَ روش وڌيڪ ڀيانڪ روپ ۾ آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي “نام نھاد اسٽارز” ۽ “وائرل” وڊيوز جي ذريعي شين کي اهڙي نموني پيش ڪن ٿا، جو ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۾ نوجوان طبقو خاص طور تي هن سرابي روپ جو شڪار آهي، جيڪي پنھنجي محدود وسيلن ۾ بہ اهڙين شين تي خرچ ڪن ٿا، جيڪي سندن حقيقي ضرورتن سان بلڪل بہ نہ ٿيون ٺھڪن.
رُڃاري ڏيک سنڌي سماج جي ثقافت ۽ سماجي قدرن تي بہ گھرا اثر ڇڏيا آهن. روايتي طور تي سنڌي سماج ۾ سادگي ۽ سچائيءَ کي اهميت ڏني ويندي هئي، پر اڄڪلهہ ميڊيا ۽ سوشل پليٽ فارمن جي ذريعي هڪ اهڙي تصوير پيش ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ماڻهن کي پنھنجي اصليت کان پري ڪري ڇڏي ٿي. نوجوان طبقو پنھنجي ثقافتي ۽ سماجي قدرن کي ڇڏي، هڪ عالمي ۽ بي بقا زندگيءَ جي روش ڏانھن ڇڪجي رهيو آهي. شادين ۽ سماجي گڏجاڻين ۾ بہ رُڃاري ڏيک جو اثر چٽو نظر ايندو آهي، جتي ماڻهو پنھنجي حقيقي معاشي حالت کي لڪائي، هڪ مصنوعي ۽ شاندار تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ان کانسواءِ، ان نام نھاد رُڃاري ڏيک ماڻهن ۾ ذهني دٻاءُ ۽ مايوسي کي بہ وڌايو آهي. جڏهن ماڻهو پاڻ کي ميڊيا ۾ پيش ڪيل “مثالي زندگيءَ” سان ڀيٽ ڪندا آهن تہ هو پنھنجي حقيقي زندگيءَ ۾ ٻُساڻ جو شڪار ٿي ويندا آهن. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ بہ هيءَ روش وڌي رهي آهي، جتي ماڻهو پنھنجي سادي زندگيءَ کي گهٽ ۽ ميڊيا جي چمڪندڙ دنيا کي وڌيڪ اهم سمجهڻ لڳا آهن.
ھيءَ ھڪ خراب شڪل آھي انڪري رُڃاري ڏيک جي هن مونجهاري مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اسان پنھنجي سماج ۾ شعور ۽ تنقيدي سوچ کي ھٿي ڏيون. هيٺ ڪجهہ ممڪن حل پيش ڪجن ٿا:

  1. تعليمي ادارن ۾ ميڊيا لٽريسي (Media Literacy) کي شامل ڪيو وڃي، تہ جيئن ماڻهو، خاص طور تي نوجوان، ميڊيا ۽ مارڪيٽ جي جوڙيل تصويرن کي تنقيدي نظر سان بہ ڏسي سگهن.
  2. سنڌي سماج ۾ پنھنجي ثقافتي ۽ سماجي قدرن کي اُڀارڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ فنڪارن کي پليٽ فارم مهيا ڪيا وڃن، تہ جيئن ماڻهو پنھنجي اصليت سان ڳنڍيل رهي سگهن.
  3. ماڻهن کي سوشل ميڊيا تي پيش ڪيل مواد کي بغير تصديق جي قبول ڪرڻ بدران، ان جي حقيقت کي جانچڻ جي عادت پنھنجائڻ گهرجي.
  4. رُڃاري ڏيک جي ڪري پيدا ٿيندڙ ذهني دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ سماج ۾ ذهني صحت بابت شعور پکيڙڻ ۽ صلاح مشوري جا مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن.

سچ تہ ھي آھي تہ ان رُڃارو ڏيک سنڌي سماج ۾ هڪ اهڙو مانڌاڻ وجهي ڇڏيو آھي جيڪو اسان جي سياست، معيشت، ۽ ثقافت کي ميساري رهيو آهي. جيستائين اسان هن جُڙتو حقيقت جي ڄار مان نڪري، پنھنجي اصليت ۽ حقيقت پسنديءَ ڏانھن نہ موٽنداسين، تيستائين اسان جي سماجي ۽ انفرادي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون ئي رڪاوٽون رهنديون. ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنھنجي سوچ کي کليل ۽ تنقيدي بڻايون، ۽ انهن تصوراتي دنيا کان پري رهون، جيڪي اسان کي حقيقت جي بدران بس ھڪ ڇسي ۽ عارضي چمڪندڙ خواب ۾ گمراھ ڪن ٿيون.