افلاطوني عشق کان روبوٽي عشق تائين جو سفر

قديم يوناني فلسفي افلاطون جي فلسفي موجب عشق، روحاني ۽ دلي ڳانڍاپي جو نالو آھي. پيار بابت ان ئي خيال جي ڪري دل ئي دل ۾ پنھنجي محبوب لاءِ ڪڙھڻ کي پوري دنيا ۾”افلاطوني عشق” طور سڏيو ويندو آھي. پر اڄ، جڏھن دنيا مصنوعي ذهانت جي ڪري روبوٽڪس انجنيئرنگ ۽ جينيٽڪس سان ھٿ چراند ڪري انساني نفسيات کي پاڻ سان ملائڻ کانپوءِ دنيا هڪ اهڙي دؤر ۾ داخل ٿي رهي آهي، تڏھن ان پيار محبت جا پڻ نوان مظھر تيار ٿي رھيا آھن، صفا سوليءَ زبان ۾ جيڪڏھن چئون تہ انسان ۽ مشينن جو ميلاپ ٿيڻ پيو وڃي، جنھن ۾ اڳواٽ پروگرامنگ ڪرايل سليڪان جا روبوٽ، جن کي پيار ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو آھي، ھاڻي اھي روبوٽ ماڻهن سان عشق بہ ڪري سگهندا.
اوھان مڃو يا نہ مڃو پر اسان جي ڪلاسيڪي محبتن ۽ وفائن سان ڀريل ھڪ اپسرائي دنيا، جنھن ۾ اسان عشق تي شاعريءَ جا ھزارين ڪتاب لکي، ڪھاڻين ناولن ۽ موسيقيءَ جا لکين شھپارا پيش ڪري محبوب آڏو نڇاور ٿيندا ھئاسين پر هاڻي هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهون، جتي عشق لاءِ ھڪ جيئرو جاڳندو محبوب انسان نہ پر مشيني پڻ ٿي سگهي ٿو، ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ٺاھيل ان مشيني محبوب ۾ “دل” جي جڳھ تي هڪ مائيڪروچِپ لڳل هوندي. جنھن ڳالهہ جو وڏو مثال تازو انگلينڊ ۾ تيار ٿيندڙ اهڙو مرد روبوٽ آھي جيڪو شڪسپيئر جا عشقيہ ڊائلاگ جذباتي انداز ۾ ڳالهائي ٿو، ان جي آواز ۾ مٺاڻ پاڻ پنھنجي مرضيءَ موجب سيٽ بہ ڪري سگهون ٿا ۽ جيڪو پنھنجي مالڪ جي جذبن موجب گانا پڻ ڳائي سگهي ٿو. ھي ڪيڏو تہ عجيب لقاءُ ھوندو جو سليڪان جھڙي رٻڙ اندر مصنوعي ھڏيون لڳل ھوبھو انسانن جيان ھلندڙ ڦرندڙ روبوٽ پنھنجي مالڪ جو محافظ بہ ھُجي! ھتي اوھان ياد ڪريو ميٽرڪس فلم، جيڪا گذريل صديءَ جي آخري ڏھاڪي ۾ رليز ٿي ھئي جنھن ۾ اھري قسم جا منظر جھڙوڪ اڳڪٿ ڪري ڏيکاريا ويا ھئا، جن کي ڏسي اسان حيران ٿيندا ھئاسين، پر اڄ اھو لقاءُ حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي ويو آھي.
آھ! هڪ وقت اھو بہ هئو، جڏهن پنھنجي اٿڻي ويھڻيءَ وارن لاڳاپن ۾ ڪنھن ڌاريي وجود سان پنھنجائپ ۾ ڳالهائڻ، نظرن ئي نظرن ۾ شرارتي نموني سان اک ملائڻ ڪري ھڪ انسان ٻئي انسان ڏانھن مائل ٿيڻ لڳندو ھئو. پاڻ وٽ قصن ڪھاڻين کان ويندي ۾ شاعرين ۾ عشق اھو ئي تہ سڏبو ھئو نہ! پر هاڻي، عشق هڪ ڪمانڊ (حڪم) سان شروع تہ وري ٻِي ڪمانڊ سان ختم بہ ٿي سگهي ٿو! تصور ڪريو ھڪ اھڙو روبوٽي محبوب جيڪو اوھان جي ڪمانڊ سان پنھنجي آواز ۾ نرمي آڻي، لھجو تبديل ڪري ڇڏي، سنڌي، سرائڪي، پنجابي يا انگريزي يعني ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري يا جذباتي لهجي ۾ شعر ٻڌائي، ان کي ڳائي، اوھان ان جي ڪڇ ۾ ويھو اھو اوھان جي وارن تي سيلڪاني راٻڙي ھٿن سان (جيڪي انساني ھارمونل ھُٻ ڏيندڙ پڻ ھجن) زور بہ ڏئي. مزي جي ڳالهہ تہ اوھان جي جيڪڏهن دل نہ لڳي تہ هڪ ئي حڪم يعني “بس ڪر” سان ان جون حرڪتون پنڊ پھڻ ٿي وڃن.
اوھان سوچڻ لڳندئو تہ ڇا هي سڀ عشق ھوندو؟ يا عشق جو ڪو ڪارپورييٽي سامان؟ ڪاڏي وئي وفاداري؟ خلوص، جذبن، اڌمن ۽ پاڻ ارپڻ کانسواءِ بہ ڇا پيار ممڪن آهي؟ پر دوستو جنھن رفتار سان جنھن پاسي ھيءَ مشيني دنيا وڌي رھي آھي تہ اتي لڳي ٿو تہ جي ها اھو ممڪن آھي. جيڪڏهن ھڪ مشيني روبوٽ مصنوعي ذھانت جي مدد سان اهو سڀ ڪجهہ ظاهر ڪري تہ پوءِ اسان ڇو نہ سمجهون تہ هو “عاشق يا معشوق“ جو روپ بہ وٺي سگهي ٿو؟
ھاڻي پاڻ ئي ڏسو تہ انگريزن جي انهن مشيني ۽ روبوٽي ٽيڪنالاجين کي ڏسي، چيني ڇو پوئتي رهن؟ ان ڪري ھاڻي پر سال ئي چيني سائنسدانن ھوبھو انسان جيان ملوڪ مھانڊن سان روبوٽ ڇوڪري تيار ڪئي آھي، جيڪا لکڻ پڙهڻ ئي نہ پر ھو چوندا آھن نہ تہ “لکنوي انداز” سان ڳالهائڻ ۾ بہ ماھر آهي. هن روبوٽ ۾ ھڪ ننڍڙي چِپ لڳائي ان کي مختلف ڪم ڪرڻ لائق بڻائي ٿي، جھڙوڪ رڌڻي جو ڪم، ٻھاري، ٿانوَ يا ڪپڙا ڌوئڻ، گهر جي صفائي سان گڏ پيار محبت ڪرڻ جھڙي بہ خاصيتن سان ٽٻٽار آھي.
ريوٽر جي رپورٽ موجب ان انسان نما روبوٽ کان عاشقي معشوقيءَ جھڙا ڪم وٺڻ لاءِ ھڪ خاص چِپ لڳائڻي پوندي، جيڪا ٿوري مهانگي آهي، پر دل پشوريءَ لاءِ پوري دنيا ۾ ھر سال اربھا ڊالر خرچ ڪيا ٿا وڃن تہ اتي ھڪ اڌ ھزار ڊالر ڀرڻ ۾ پيٽ ڀريل ماڻهن لاءِ ڪو مسئلو ئي نہ ھوندو! ان روش کي ڏسي آمريڪا جو طاقتور ترين ماڻهو ايلن مسڪ پڻ ھڪ وڏي منصوبي ۾ ھٿ وجهيو ويٺو آھي يعني ھڪ وک اڃا اڳي، سليڪان (ھڪ قسم جو لچڪدار مادو) ان ۾ انساني رطوبتون شامل ڪري تہ جيئن روبوٽ صفا انساني ھُڳاءُ رکندڙ ھجي، جيڪو خاص موقعن جي مناسبت سان خاص خوشبو خارج ڪري ماحول ٺاھي! پوءِ اھو روبوٽ مرد بہ ٿي سگهي ٿو تہ عورت بہ. ان کي اوھان پنھنجي پسند ۽ ناپسند جون سڀ ڳالهيون ھڪ سافٽ ويئر جي مدد سان داخل ڪري پنھنجي مرضيءَ مطابق ھلائي ۽ ڪتب آڻي سگهو ٿا. ھن وقت مون کي پاڪستاني ھڪ پراڻو گانو ياد اچي ويو جيڪو ناھيد اختر ڳايو ھئو جنھن جو ھڪ مصرحو ھئو تہ: ”انسان خدا بنني ڪِي ڪوشش مين ھئي مصروف، ليڪن يي تماشا ڀي خدا ديک رھا ھئي.“
سو ھاڻي جيئن ئي اهي روبوٽي عشقن جا قصا اليڪٽرانڪ چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ لڳا تہ دنيا جي ڪجهہ مذهبي، اخلاقي، ۽ ثقافتي ڌُرين واويلا مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو: “هيءَ تہ فحاشي آهي!”، “هيءَ تہ انسانيت جي توهين آهي!”، “ھن سان تہ انساني قدرن جي تباهي اچي ويندي!” ۽ ان قسم جون رڙيون هر پاسي کان اڀرڻ لڳڻ شروع ٿي ويون آھن. وري ٻئي پاسي ھن جنوريءَ ۾ ريوٽر جي ان ئي ڪالم ۾ ھڪ سوال اهو رکيو ويو تہ ڇا ھن جديد دور ۾ اسان وٽ انساني لاڳاپا، خاص ڪري پيار محبت، سچ پچ ۾ خالص رھيا بہ آهن يا اھي پاڻ نوي سيڪڙو کان مٿي مادي مفادن تي بيٺل آھن؟ اسان مان ھاڻي ڪيترا انسان آھن جيڪي افلاطوني عشق تي نہ ڇڙو يقين ئي ڪن ٿا پر پاڻ پڻ ان ۾ ورتل آھن؟
فاڪس چئنل تي جِمي فيلن کان سوفيا نالي مشھور روبوٽ جنھن کي ڪجهہ سال اڳ سعودي حڪومت شھريت پڻ ڏني آھي ان انٽريو دوران سوال ڪيو: ”ڇا انساني معاشري ۾ عورت ۽ مرد جو تعلق، زور دٻاءَ يا ھر روز جهيڙن جهڳڙن سميت بي وفائين ھوندي بہ قائم رھي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن نہ تہ پوءِ ڇو نہ هڪ اهڙي ھٿراڌو مخلوق سان دل وندرائي ڇڏجي، جيڪا معاشرتي بندشن يا نفسياتي مسئلن، اجاين گهرجن، بيوفائين کان مڪمل طور پاڪ هجي؟ جنھن کي سڀاڻي اوھان ڦٽي بہ ڪري ڇڏيو تہ اھا اوھان کي خوار نہ ڪري؟ اھو سوال ٻڌي جِمي فيلن جو وات ئي پٽجي ويو ھئو.
يعني بقول سوفيہ جي هاڻي جيڪڏهن ڪو روبوٽ، سدائين اوھان جون تعريفون ڪري بغيت انا جي اوھان جي چال چلت بابت بہ اوھان کي صلاحون ڏئي ۽ اھو ڪڏهن بہ اوھان کي تنگ نہ ڪري، بغير فرمائشن جي پيار ڪري، تہ پوءِ ڇو نہ؟ ڇو تہ اڄ جو ماڻهو جيڪو پڻ اڌ مشين ٿي ويو آھي اھو نہ رڳو جذباتي طور غير يقيني آهي پر ان جون سنديون فرمائشون بہ ان جي وس ۾ ناھن رھيون. سو ٻہ منٽ سڀني شين کي پاسيرو ڪري اوھان تصور ڪريو تہ هڪ اهڙي دنيا، جتي زالون يا مڙس روبوٽ هجن. اھي صبح جو اوھان کي ”گڊ مارننگ“ چئي، توهان جي لاءِ چانھن ٺاهين، اوھانکي اوھان جي مرضيءَ موجب تازيون خبرون ٻڌائين ۽ اوھان لاءِ ناشتو تيار ڪن، اوھان آفيس مان موٽي اچو تہ اوھان کي مڌر موسيقيءَ ۾ شاعري ڪندي چون: “تون منھنجي لاءِ خاص آهين، منھنجو محبوب آھين!” ۽ اوھان لاءِ اها خاص هجڻ واري ڪيفيت سدائين لاءِ هجي، روز روز نئين معنائن سان ڀريل ڪيفيت، نہ بي وفائي، نہ وڇوڙو، نہ طلاق، نہ جهيڙو! تہ ڇا پاڻ اهڙي دنيا لاءِ تيار آهيون؟ يا اسين اڃا بہ روايتي احساسن ۾ گم آهيون، جتي محبت پاڻ ارپڻ، ڏک، درد، جيئن ”وٺ ڪاتي، وڍ انگڙا منھنجو ادب ڪر مَ ڪوءِ“ جيان اداسين ۽ خوداذيتين سان ڀري پئي آهي؟
اوھان يقين ڪريو ايندڙ دؤر ۾ رومانوي شاعري بہ روبوٽ لکندا ۽ پيار محبت ڪرڻ موبائلن جي پيڪيجن جيان ڊائون لوڊ ٿيندا. جھڙوڪ ”بڻيادي پيار محبت جو پيڪيج“، جنھن ۾ ھر روز هڪ شعر، هفتي ۾ ٻہ ڀيرا زور ڏيڻ ۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو سڄي گهر جي صفائي سٿرائيءَ کان سواءِ اوھان جو خاص خيال رکڻ”. ۽ ٺيڪ اتي اوھان سوچيو تہ ڇا ھزارين سالن تي محيط اها ئي انساني ارتقا آهي؟ يا ترقيءَ جي جاءِ تي تمام وڏي ڇسائپ جي شروعات؟
حاصل مطلب تہ افلاطوني عشق روحانيت تي بيٺل هئو، پر ھي روبوٽڪ عشق مڪينيڪل آهي. پر ٻنهي ۾ هڪ ڳالهہ تہ گڏيل آھي جيڪا آھي “انساني خواهش” جو اظھار. انسان سدائين اهو چاھيو آهي تہ ڪو ھُن جي جذبن کي سمجهي، قبول ڪري، ۽ بنا شڪايت جي ساڻس گڏ رهي. جيڪڏهن اهڙي مخلوق روبوٽ جي صورت ۾ ملي ٿي، تہ ان کي رد ڪرڻ يا اخلاق جي نظر سان ڏسڻ بدران، ان جو مطالعو ڪرڻ، ان جي نفسياتي، سماجي ۽ فلسفياتي اثرن کي سمجهڻ گهرجي.
سو سوال آھي تہ ڇا روبوٽ سان عشق، انسانيت جي خاتمي جي نشاني آهي؟ يا اها انساني تھذيب جي ھڪ نئين دور جي شروعات؟ ان سوال جو جواب تہ وقت ڏيندو پر ايترو ضرور آهي تہ انساني عشق جو هي سفر، افلاطوني عشق کان روبوٽڪ عشق تائين، واڇون کنڊيريندڙ ۽ بيحد نرالو آهي. ڏسئون تہ ڇا ٿو ٿئي!