تلاش گمشدہ

ڪيترن ئي ڏينھن کان هڪ عجيب ڪيفيت ۾ آهيان. ڪنھن بہ ڳالهہ جو نه آڳو ملي ٿو نہ ئي وري پيڇو، جنھن تنھن کان پڇندو رهان ٿو تہ ميان ڏسيو تہ هي ٿي ڇا رهيو آهي تہ هر پاٺڪو، عالم، فاضل ۽ سماجدان مونکي ٽافيءَ جيان هڪ لفظ ڏئي جان پيو ڇڏائي.
پهريون مون سوچيو تہ اسان ماڻهو ڪيڏا اياڻا ۽ قدرت جي قھر ۾ آهيون جو اسان جي شھرن ۾ هڪ جو بہ نالو لنڊن ڪونهي جو ان ۾ ميان شرلاڪ هومز کي ڏوڪڙ ڏئي ان ذمي لڳايون تہ ٻيلي ڳولي ڏي تہ هي مامرو آهي ڇا؟
ڏسو نہ، تہ شھرن ۾ اسان جا سنڌي ماڙيچا ويٺا آهن کين بوٽ پالش لاءِ ڏيو تہ وٺندا بہ ويھ ئي رپيا، پر پالش اهڙي ڪري ڏيندا جو بوٽ پائڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ ۾ ئي شلوار يا پينٽ جا پانچا بوٽ جي رنگ سان ائين ملي ويندا جو نئون پھاڪو گهڙجي تہ ”پانچا بہ بوٽ ڏسي رنگ مٽائيندا آهن“، هاڻي ساڳيو بوٽ جيڪڏهن ڪنھن خوچي پٺاڻ کان پالش ڪرائبو تہ بوٽ جو حليو اهڙو ٿي ويندو آهي جو دل چوندي، ان کي پائجي ئي نہ، پر ٽنگي ڇڏجي… وري جي پائبو تہ مجال آ جو پالش جي رنگ جي ڪا ذري بہ ڪپڙن کي لڳندي. هاڻي پاڻ واري سنڌي ماڙيچي جي اها روش سماجيات ۽ ڪاروباري روين ۾ ماپجي ۽ ڇيد ڪجي تہ هتي هرڪو عالم، فاضل ۽ علم جو پاٺڪو ان جو جواب ڏيندو آهي تہ: ”هي سڄي حرامخوري سامراج پيو ڪري.!“
اسان جا مارونئڙا جهانگيئڙا ڳوٺاڻا، هاري ماڻهو فصل کي ضرورت هجي نہ هجي، يوريا ۽ ڊي اَي پي جي اناند ڪرائي، مٿان وري مھانگيون زرعي زهريلي دوائون وٺي انهن جا وسڪارا ڪري سڄي ڳوٺاڻي ماحول جي حياتين کي جُوا جي اڏي تي چاڙهي ڇڏين ٿا، حالت وڃي ان جڳھ تي پھتي آهي جو هڪ، ڏيڍ انچ جي پيٽ وارن ننڍن پکين جو لڳ ڀڳ ڳوٺن مان خاتمو ٿي چڪو آهي، جو اڄ ڳوٺن مان طوطا مري ختم ٿي ويا، هاڻي جهرڪي، وهيو، ٽيٽيھر، ڪٻري، لالي، موسڙي کان ويندي ڀنڀوريون، پنھنجي ماکيءَ جون مکيون تلف ٿي رهيون آهن، جن جي ڪري وري مڇرن کان ويندي انيڪ قسم جي زهريلي جيتن جا لشڪر فصلن ۽ انساني حياتين تي ڪاهي پيا آهن… جڏهن تہ اسان وٽ قدرتي طور تي مال جي ڀاڻ، ڪڪڙين جي وٺين جھڙو قدرتي ڀاڻ بہ جهجهي مقدار ۾ موجود آهي، نمورين جھڙي قدرتي دوا بہ موجود آهي پر اسان ڄاڻي واڻي پنھنجي پيرن تي ئي نہ پر ڳچين تي ڪھاڙين جا وار ڪري پاڻ کي آهستي آهستي ختم ڪندا پيا وڃون، هاڻي اها سڄي وارتا ڪنھن سياسي يا سماجي پاٺڪوءَ کان پڇون ٿا تہ وراڻيندا آهن: ”هي سڄي حرامخوري سامراج پيو ڪري.!“
مئٽرڪ، انٽر يا ڇڪي ڇڪي بي اي ئي ڪري اسان جا نوجوان، ٻني ٻارو يا ڏاڏهنگ پاران ڪو پلاٽ مليل هجي تہ اهو وڪرو ڪري، پنج، ڏھ لک موڙي ڪندي اهڙا ماڻهو ڳوليندا رهندا آهن جيڪي سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ انهن جو ”وچ وارو“ ڪم ڪري سگهن. پوءِ اها نوڪري پٽيواليءَ کان ويندي چوڪيدار، ماستر، منشيءَ يا وري سپاهي، جمعدار وغيرہ جي هجي… پر هجي سرڪاري نوڪري! سچ تہ اهو ئي آهي تہ سئو سيڪڙو ماڻهو پنھنجي ٻارن کي پڙهائين ئي انڪري ٿا جو اهي ”نوڪري“ ڪري سگهن. نون ڪاروبار (Entrepreneurship) طرف هتي ڪنھن بہ سنڌي سٻاجهڙي جو ڪو بہ ڌيان ڪونهي، جو ڏھ لک رپيا موڙي رقم ڪري اسان ڪنھن ڪاروبار جو بنياد وجهون، فھم فضيلت سان ڌنڌوڙي ٿي ٻچا سکيا ڪري قومي نالو روشن ڪريون، پر کپي تہ ڏھ پندرهن هزار پگهار واري نوڪري کپي.. هاڻي جيڪڏهن هن قسم جي هيٺينءَ سطح جيڪا قومن جو ٻيڙو ٻوڙيندي آهي ان جي سبب تي ڪنھن سماجدان، سياستدان کان پڇجي ٿو تہ سڀ ٿا چون: ”هي سڄي حرامخوري سامراج پيو ڪري.!“
وري نظر ۾ ايندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن تي نظر ٿي کڄي جن جي اوڙي پاڙي مان بہ تخليق جو تہ ماڳھين گذر بہ نہ ٿيو آهي، جن جو چوويھ ئي ڪلاڪ ان ڳالهہ تي گذر ٿئي ٿو جو هو جڳاڙبازي ڪري ٻين کان تڪڙو ڪيئن گوءِ کڻن، پاڻ مٿان اهڙا اهڙا لقب لڳائيندي کٿا نہ پيا ماپندا، جيڪي ٻين جي ڪمن ڪارين تي ساڙ ۾ سڙي ڪارا ٿي وڃن ٿا، هو جڏهن بہ ڏسن ٿا تہ سندن ڀر پاسي ۾ ڪا شيءِ ڀلي ٿي رهي آهي، تہ هو بجاءِ جي انهن جي پٺي ٺاپين، کين چون تہ اسان اوهان سان گڏ آهيون، پر ان جي ابتڙ هو صرف ان ڳالهہ ۾ مستغرق هوندا تہ انهن جا ترا ڪيئن ۽ ڪٿي ڪڍي سگهجن ٿا، هنن وٽ چوري مٿان سينا زوري ائين هوندي آهي جيئن وڏڙن جي ڇڏيل زمين تي حق ڄمائجي، پر کين جيڪڏهن ڪو چوي تہ ابا ائين بہ ناهي ٿيندو، تہ ماڳھين ان سچ چوندڙ ماڻهوءَ جو منھن پٽي وڃن، هاڻي اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪڏهن پڇجي تہ اهي ماڻهو ائين ڪن ڇو ٿا تہ سڀڪو جواب ڏئي ٿو تہ: ”هي سڄي حرامخوري سامراج پيو ڪري.!“
فيس بڪ تي اسان پنھنجي ماحول تي ئي اک رکون تہ عجيب معاملو لڳو پيو آهي. هتي ڪوبہ دوست ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ لاءِ جيڪڏهن ڪجھ لفظ هيئن لکي تہ ”ڦلاڻو ماڻهو تہ بيڪار ماڻهو آهي.“ ابا هن جو اهو لکڻ ۽ ٻين ماڻهن جي نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ، تبري بازي شروع ٿي ويندي، تہ سائين واه جي ڳالهہ ڪئي اوهان.. اهو بلڪل بيڪار ماڻهو آهي… هاڻي مزي جي ڳالهہ تہ جيڪڏهن اهو نام نھاد بيڪار ماڻهو وري پنھنجي وال تي پھرين دوست لاءِ ساڳيا لفظ لکندو تہ وري بہ ساڳيا ماڻهو، يا ساڳين جھڙا پھرين تي باھ ٻاري ڇڏڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏيندا! مونکي تہ اڪثر ائين لڳندو اٿم تہ اسان ماڻهو منافقت جي ان ڏاڪي تي اچي پهتا آهيون جو هتي هرڪو ماڻهو جھڙوڪ ائين ٿو چوي تہ: ”ادا يزيد، غلط تون بہ ڪونہ آهين، پر ڳالهہ امام حسين بہ سچي ئي ٿو ڪري!“
هاڻي جڏهن اسان وٽ حق سچ منھن تي چوڻ جي ايتري يتيمي اچي وڃي، جو ڪو بہ ”ايمڻا جي مٽ مان تيل ٺھڻ جي ڳالهہ ڪري“ ۽ هتي کيس ڪوبہ ائين نہ پڇي سگهي تہ ابا اهو ڪيئن؟ ڇو؟ تہ پوءِ ان ماتمي ڊڪ ڊوڙ ۾ مان جيڪڏهن ڪنھن سماجدان سياستدان کان پڇان تہ هي ٿي رهيو آهي؟ تہ جواب ملي ٿو: ”هي سڄي حرامخوري سامراج پيو ڪري.!“
او منھنجا رفيق دوستو! منھنجا محسنو! آهي ڪو جيڪو مونکي ان سامراج جي شڪل ڏيکاري سگهي؟ جيڪو اسان جي تمام ڪرتوتن جو اصل پيش خيمو آهي، جيڪو اسان جي گهرو زندگيءَ ۾ تباهڪاريون پيو ڪري، جنھن اسان سڀني جا ذهن مفلوج ڪري ڇڏيا آهن؟ اهو سامراج آهي ڪير، رهي ڪٿي ٿو؟ اهو چاهي ڇا ٿو؟
مونکي ڪابہ خبر ناهي.. پر جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي تہ هي منھنجو عرض ”تلاش گمشدہ“ سمجهي مون تي ۽ منھنجي وڏڙن تي ٿورو ڪري ان سامراج کي ٿورو سامهون تہ ڪريو!
خدا جي واسطي… رحم ڪريو.. اهو سامراج ڳولڻ ۾ منھنجي مدد ڪريو!