سنڌي ٻولي ڳالهائڻ مھل پوري پوري سريلي آھي. پوري پوري انڪري جو ڳالهائڻ وقت ھر لفظ جو آخري اکر بہ ڪنھن نہ ڪنھن سُر کي چٽو ڪيل ھوندو اٿس. زير ھجي يا زبر يا وري پيش.. پر انھن سرن جو ڪمال اھو ٿيندو آھي جو اھي سُر ڳالهاجندڙ اسمن جي جنس يا تعداد ٻڌائيندا آھن. مثال لفظ آھي ”ڪتابُ“. ھاڻي پاڻ جيڪڏھن ان ڪتاب جي آخري ”ب“ اکر کي پيش ڏيندا آھيون تہ مطلب ”اھو لفظ نر ۽ ھڪ آھي.“ پر جيڪڏھن ”ب“ کي زبر ڏيون تہ مطلب ”اھي نر ۽ گهڻا“ آھن. (اھو ڪمال اوھان تمام گهٽ ٻولين ۾ ڏسندا ھوندئو.)
سو اڄ پاڻ جنھن لفظ تي ڳالهائينداسين اھو آھي سنڌي لفظ ”اڏ“. پھريون تہ ان کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڏسون. جامع سنڌي لغات ۾ ھيئن آھي:
- اَڏَ جمع آڏُون (مادي) باغ يا پوک کي پاڻيءَ رسائڻ جي ڪسي ، ننڍي واهي. اَڏ ، اَٽڪ ، رنڊڪ ، روڪ ”اوٺين جهلي اڏ، دانھون واڪا مون ڪيا“ شاهه. آڏ ٻيڙيءَ يا گاڏيءَ جي. آڌار ، اجهو ، اوٽ ، ٽيڪ ، پناھ. ڀرجهلائي ، مدد. [سن. اَوَٽ] جبل ۾ ٿيل قدرتي ڦوٽ يا غار ڪ. لوڻ کاڻ ، نونار.
- اِڏُ جمع اِڏ (نر) ڍڳُ ، انبار ل. هٺ ، هستي ڪ ، وڏائي.
- اُڏَ جمع اُڏُون (مادي) [سن. اُڊيَن = اُڏامڻ دَزَ ، لَٽَ ، هوا سان اُڏامندڙ مٽي.
- اُڏُ جمع اُڏَ (مادي). اَٽ ، ڍير.
ھاڻي پاڻ جنھن لفظ جي دنيا ۾سفر تي ڳالھائينداسي اھو آھي ”اَڏِ يا اَڏَ“ يعني ڀرڻ، مدد ڪرڻ، پوئواري ڪرڻ، ڀرجهلائي ڪرڻ وغيره.
دنيا جھان ۾ جيڪي ٻولين جا ماھر، يورپي ملڪن جي ٻولين جي ڏاڏاڻ ناناڻ ڳولھڻ ۾ لڳا پيا آھن ۽ اھي جنھن آخري حد تي پھچي چون ٿا تہ اسي سيڪڙو يورپي ٻولين جي ماءُ آھي انڊو يورپي ٻولي. (جنھن کي ھن مھل تائين ڪيل کوج ۾ مان سنڌي ئي سمجهان ٿو) سو ڊاڪٽر ڪالورٽ واٽڪنز ھجي يا ڊاڪٽر ڊارلنگ بڪ اھي چون ٿا تہ جديد انگريزيءَ ۾ سڀ لفظ جيڪي ”-ad“ جي پاڙ سانڍيل آھن اھي سڀ لفظ ”انڊو“ ٻوليءَ جا آھن جن جو مطلب آھي ”اڀل، مدد، آڏو، سامهون…“ وغيره.
مثال انگريزي لفظ آھي ”aid“ جنھن جي معنا آھي مدد يا واھر.. (ھاڻي مٿي سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”اڏ“ کي چتائي ڏسو.. ملي ٿي ڪا پاڙ اتي؟
وري انگريزي گرامر جا لفظ آھن ”adjective & adverb“ معنا صفت ۽ ظرف.. ھاڻي انگريزي ٻوليءَ جي گرامر ۾ اھي مٿان لفظ ٻئي مددگار ٿيندا آھن. جيئن صفت اسم جي مددگار ٿيندي آھي تيئن وري ظرف فعل جو مددگار ٿئي. (ھاڻي وري اتي سنڌي ٻوليءَ جي اڏ کي چتائي ڏسو… ڇا اتي بہ ساڳيو تصور نہ ٿو ملي؟
ھاڻي وري ٿورو اڃا پنھنجي تصور کي کوليو. انگريزيءَ جو لفظ آھي ”adult“ جنھن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ محاوري طور تي ڳايون ”اٺ ڪلھي چڙھڻ“ معنا وڏو ٿيل، ڏگه ٿيل… پر ٿورو اڃا غور ڪريو.. سنڌيءَ ۾ پاڻ چوندا آھيون ”اڏين لڳڻ“ ان جو مطلب ڇا آھي؟ معنا ڦوھ ٿيڻ، اڏيل، ڀريل.. ھاڻي ان ”adult“ مان اڏ جو تصور ڏسو تہ ڪيئن لڪيو پيو آھي.
ساڳي طرح وري انگريزي جو لفظ ”add“ ڏسو. معنا ملائڻ… ڇا ملائڻ؟ ظاھر آھي ڪا شيءِ ملائڻ، سو اھا اڏڻ ئي اٿوَ بابا!
پر ٿورو ترسو، انگريزيءَ جو ھڪ ٻيو لفظ بہ آھي ”at“ جنھن جي سنڌي معنا آھي تي، ۾ يا کان…. ھاڻي پاڻ وري مٿين ”اڏ“ جي معنائن ڏي ھلون ٿا، ڪٿي نہ ڪٿي ڪو مفھوم ملي ٿو؟ ضرور ملي ٿو.
ڇوتہ اھي سڀ لفظ جيڪي مٿي عرض ڪيا اٿم انھن جي قطار وري ”ڊگلس ھارپر“ وارن جيڪا رکي آھي، جنھن ۾ ھنن ٻڌايو آھي تہ ”ad-“ مان ڪھڙا لفظ نڪتا اھي ھي آھن:
*ad- Proto-Indo-European root meaning “to, near, at.” It forms all or part of: abate; ado; ad-; ad hoc; ad lib; adage; adagio; add; adjective; adore; adorn; adult; adverb; advertise; agree; aid; alloy; ally; amontillado; amount; assure; at; atone; exaggerate; paramount; rapport; twit.
ڳالھ کي ھاڻي کٽايون ٿا… ابا، سنڌي ٻولي ڪمال جي ٻولي اٿوَ، بس ان کي پنھنجو ڪريو ۽ دنيا کي ٻڌايو تہ اھا اوائلي ٻولي جنھن لاءِ پوري دنيا جا محقق اھو ٿا سمجهن تہ اھا اوائلي سنڌو ٻولي مري وئي آھي، پر ائين ناھي، اصل ۾ اھا جيئري آھي ۽ ڪروڙين ماڻهو ان کي ڳالهائين ٿا.




