سو اھو ٻول ”ڌر“، جتان ڌرتي ٿيو ھوندو وري جيئن گرم ٿئي تہ ڌرتتي؛ سو اھو ساڳيو ٻول ڪافي ٻولين ۾ صوتيات جي ھلڪي ڦلڪي ڦيري سان ساڳيو ئي مليو آھي. ڪٿي ڳرو آواز اڳ ۾ تہ ڪٿي وري پوءِ لڳو اٿس. مزي جي ڳالهہ جيئن ھر اسم جي ڪرت ۽ ان جي ڪا صفت ٿئي، ائين ڌرتيءَ جي ڪرت ملي تہ ان مان ھر شيءِ ڦٽي نڪري ٿي. (انڪري ئي پاڻ ان کي تخليق جي اولين ماءُ سڏيون) سو تخليق جو ٺيٺ سنڌي اوائلي ٻول آھي ”ڄم“ جنھن جي ”ڄ“ کي ڪٿي ”ج“ اچاريو وڃي تہ ڪٿي ”ز“. سو اھو ساڳيو ڄم ٻول ڌاتو ٻول فارسيءَ جي ”زمين“ ۾ مليو. معنا جتان ھر شيءِ ڄمي ٿي. سو وري ڪافي يورپي ۽ سلاوڪ ٻولين جيئن روسي آھي انهن ۾ وري اھو ”ز“ وارو ٻول مليو، جنھن جي بہ ساڳي ئي معنا يعني جتان ڦٽڻ ٿئي.
سو ابا! پوري ڌرتي آھي ھڪ، جتي انيڪ انسان رھن، جيڪي ھڪٻئي کان ٻول وٺن ۽ ڏين. منھنجي خيال کي ھاڻي پوري پڪ ٿئينم ٿي تہ اولين ٻولي ڪا ھڪ ئي آھي.
اھو ڌرتي ٻول سنسڪرت ۾ وڃي ٿيو پرٿوي، عربي ۾ ٿيو ارض (ارڏ) جيڪو انگريزيءَ ۾ تبديل ٿي ارٿ (earth) ٺهيو.
وري ھي پڻ ڏسو! ھيءَ ڪيڏي تہ مزيدار ڳالهہ آهي جو ٺيٺ سنڌيءَ ۾ انهن ٽنهي آوازن يعني ڀ، ڌ ۽ ڍ وارن آوازن جو لاڳاپو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل اسمن، صفتن ۽ فعلن سان آهي. لڳينم اهو پيو تہ اهي جام پراڻا آواز، سنڌي ماڻهو ڌرتيءَ سان لاڳاپيل شين لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. ڪمپيوٽنگ جي پروگرامنگ دوران مونکي لڳ ڀڳ سوا سئو جي ويجهو لفظ ڏنا، جن مان چونڊي هي ڪجهہ اوهان لاءِ رکيا آهن. هيءَ لسٽ پوري ناهي پر پوءِ بہ اوهان کي اندازو ٿي ويندو تہ هيءَ سنڌي ٻولي ڪيڏي تہ وشال آهي.
”ڀ“ سان: ڀونءِ، ڀينڊ، ڀوئنڊ، ڀتر، ڀيڻي، ڀاڻ، ڀسم، ڀِڪ، ڀت، ڀٽ، ڀن، ڀني، ڀنڊ، ڀور، ڀلُ، ڀوم، ڀومي، ڀوميو، ڀوڏ وغيرہ
”ڌ“ سان: ڌرتي، ڌڌڙ، ڌوڙ، ڌوڙيو، ڌوڏ، ڌم، ڌِڪ، ڌمڪ، ڌمڪو، ڌماڪو، ڌڌڪو، ڌار، ڌڙ، ڌڏ، ڌڏڪ، ڌامُ، ڌن وغيرہ
”ڍ“ سان: ڍير، ڍڳ، ڍونڍ، ڍنڍ، ڍنگهر، ڍٽ، ڍاٽ، ڍاٽي، ڍاٻ، ڍاٻرو، ڍوئي وغيرہ
مان مٿي عرض ڪيو تہ هي بس نموني طور ڪجهہ لفظ ڏنل آهن. پر جيڪڏهن ڊگهي کوج ڪبي تہ پاڻ سڀ حيران ٿي وينداسين.




