ڪنھن شئي کي اڇو اجرو ڪجي تہ ان کي ڌوئي پوئي صاف ڪري اگهي سُگهي رکبو تہ اھا اڇري اجري ٿي ويندي آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”اڇو اجرو ٿيڻ“ ھڪ محاورو پڻ آھي جيڪو تڏھن ڪتب اچي جڏھن ڪنھن شئي کي آڇڻو ھجي يا سڀني سامهون آڻڻي ھجي تہ ان کي صاف سٿرو معنا ڏسڻ جھڙو ئي نہ پر وڻڻ جھڙو ڪيو وڃي. ڳوٺاڻا ماڻهو پنھنجو مال متاع وڪڻن تہ پھريون ان کي وھنجاري سھنجاري ڌوئي پوئي اھڙو ڪندا آھن جو وٺندڙ ھرکي پوي. ان وقت اھو چيو ويندو آھي تہ ڦلاڻي جناور کي اڇو اجرو ڪيو ويو.
ھاڻي اھا ڳالهہ تہ ٿي جسماني شين جي، پر ڳالهہ ھجي ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ جي يعني پنھنجي خيال پيش ڪرڻ جي خاص ڪري تڏھن جڏھن ڪو فيصلو ڦڙو ٿيڻو ھجي، جتي چار پنج چڱا ويٺا ھجن، جتي ڌريون ويھاري سندن ڳالهيون ٻڌي اھي چار پنج چڱا فيصلو ڪن تڏھن بہ اھو چيو ويندو آھي تہ ”ڳالهہ کي اڇو اجرو ڪري“ سمجهيو ويو. يعني دليلن کان پوءِ يا ڌرين جون ڳالهيون ڀليءَ ريت پرکيون ويون. تنھن بعد ئي ھي فيصلو ڪيو ويو آھي.
مطلب تہ ڪنھن ڳالهہ يا موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي آڏيون پڇائون ڪري جهول ڪڍي صفا تُز ۽ پيش ڪرڻ جوڳي ڳالهہ ڪجي تہ اھو ٿيندو ”ڳالهہ اڇي اجري ڪرڻ.“
ھاڻي مٿي بيان ڪيل ”اڇي اجري ڪرڻ واري وارتا“ کي جيڪڏھن پاڻ انگريزي زبان ۾ ڏسئون تہ ان آڏي پڇا ڳڇا واري ڪرت کي اھي سڏيندا آھن ”آرگيو ڪرڻ“ (to argue). سو اھي گورا وري آرگيو ڪرڻ کي ڪيئن ڏسن؟ اچو تہ ھارپر ڊگلس جي لغت ۾ ڏسئون:
c. 1300, “to make reasoned statements to prove or refute a proposition,” from Old French arguer “maintain an opinion or view; harry, reproach, accuse, blame” (12c.), ultimately from Latin arguere “make clear, make known, prove, declare, demonstrate”
ھُو ٿا چون تہ ”آرگيو“ لفظ انگريزيءَ ۾ 13 صديءَ ۾ فرينچ ٻوليءَ جي ”آرگوي“ جي شڪل ۾ آيو جتي اھو لاطينيءَ جي ”آرجري“ ٻول مان ڦُٽو ھئو. ھُو ھڪ وک اڃا اڳتي وڌندي لکن ٿا تہ اھو اصل ۾ ھزارين سال اڳ ”سنڌو“ ٻول ”آرج“ مان آيو جنھن جو مطلب آھي اڇو اجرو ڪرڻ، چٽو ڪرڻ. ھارپر ڊگلس وارا ان مامري تي جيڪو لکن ٿا اھو ھينئن آھي:
from a suffixed form of PIE root arg- “to shine; white”). The transmission to French might be via arguere in a Medieval Latin sense of “to argue,” or from Latin argutare “to prattle, prate,” frequentative of arguer. حوالو ھتي ڏسو: https://www.etymonline.com/word/argue ھاڻي اچو تہ پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏسون تہ ان ”ارج يا ارجن“ ٻول آھي ڇا؟ ڊاڪٽر نبي بخش خان جي جامع سنڌي لغات ۾ ھي صاحب ارجن ٻول جي معنا ھينئن پيا لکن: اَرجُن = اڇو چاندي رنگ، چٽو، صاف. حوالو: https://dic.sindhila.edu.pk/index.php… ھاڻي ھتي اھم ڳالهہ اھا بہ نوٽ رھي تہ مھاڀارت واري جنگ ۾ پانڊؤ ڀائرن ۾ ڪرشن مھاراج جي ننڍي سورھيہ ڀاءُ جو نالو پڻ ”ارجن“ ھئو، جنھن جو بہ اصل ۾ مفھوم اڇو، چانديءَ جيان آھي. جيڪو جنگ نہ ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ ڪرشن سان زبردست قسم جي بحثا بحثي پڻ ڪندو ھئو، جنھن جي تفصيل کي جناب ”مونيئر وليم“ ٻولين جي بڻ بڻيادن ۽ انهن جي تصورن تائين پھچڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ذڪر ڪيو آھي، جنھن جو حوالو ھيٺ ڏجي ٿو: https://books.google.com.pk/books?id=FzRDAQAAMAAJ&pg=PA83… ھاڻي پاڻ مٿين سڄي بحث کي سمجهندي ان نتيجي تي پھچون ٿا تہ ھزارين سالن کان پاڻ مٿيون لفظ ”ارجن“ ڪتب آڻيندا پيا آياسين پر لڳي ائين ٿو تہ عربن جي ڪاھن ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ اسان ارجن ٻول ۽ ان جو ورجاءُ پاڻ تلف ڪري ڇڏيوسين. ھڪ اھم ڳالهہ تہ مٿين ٻول ارجن تان گورن ڪيترا لفظ ٺاھيا ان جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو: argent; Argentina; Argentine; Argo; argue; Argus; hydrargyrum; litharge. حوالو: https://www.etymonline.com/word/arg-
سو دوستو! اڄ جو پاٺ ايستائين پورو ڪندي بس ھڪ منٿ پيا رکون تہ اڄ پوري دنيا ۾ ڌاريا ھڪ اھڙي ٻوليءَ کي يورپي ٻولين جي ماءُ سڏيندي پنھنجي کوجن جا دائرا پيا وڌائينِ جنھن لاءِ ھُو ٿا چون تہ اڄ اھا ٻولي مري وئي آھي. وري جيڪڏھن اسان ھتي پاڻ انهن ٻولن کي ٻڌون يا ڏسون تہ اسان کڻي نہ ئي سھي پر اسان جي ڳوٺن ۾ اسان جون ڏاڏيون نانيون اھي ساڳيا تُز ٻول پيون اورين ۽ ورجائين!
ھاڻي مٿين سڀني ڳالهين کي ديماڪ ۾ آڻيندي اسان اھو سمجهون ٿا تہ سنڌي ٻولي اھا ماتر ٻولي آھي جنھن جو اولاد پراون جي ھُشين تي ھاڻي پاڻ ئي پنھنجي ٻوليءَ جي پاڙن ڪپڻ ۾ لڳو پيو آھي. ان کان وڏي پِٽَ يا پاراتو ٻيو ڇا ٿيندو جو پراون جي اشارن تي نچندي ڪڏندي ھاڻي تہ اھڙا ٿي ويا آھيون چَپٽِي ڪو ٻيو وڄائي نچڻ ۾ اسان دوسوءَ جا بہ ابا ٿي ويا آھيون، رڳو زور نچڻ تي، يا وري رُودالين جيان روئڻ تي، يا وري ھڪٻئي جا پٽڪا لاھڻ تي!




