ڀارتي فلم چميلي پئي ياد اچي. جڏهن چميلي نالي وئيشيا (ڪرينا ڪپور)، شديد بارش ۾ ڦاٿل فلم جي مک ڪردار امن ڪپور (راهول بوس) جي ٿڌي رويي ۽ سنجيدہ طبيعت کي ڏسندي پڇيس: ”پنجابي آهين؟“ تہ هن چيس: ”ها، پر تون ڪيئن سڃاتو؟“ تنھن تي ڇوڪريءَ چيس: ”ائين ئي، لڳين جو پنجابين جھڙو ٿو.“
مونکي ڪنھن بہ قسم جي حيرت نہ ٿي، ڇوتہ مجموعي طور تي ڀارت ۾ پنجابي پنھنجي مھارتن ۾ ڀڙ ۽ بڇڙاين کان پرتي رهندا آهن ۽ جيڪڏهن اوهان پاڪستان ۾ بہ ڏسندا تہ ساڳي روش هتي جي پنجابين ۾ بہ آهي. هتي مان بغير وڌاءَ جي ڳالهيان پيو تہ سڀ پنجابي خراب ناهن، بس هڪ مخصوص طبقو آهي جنھن وڏا وڏا عھدا ماڻين طاقت حاصل ڪري، پوري ملڪ جي ماڻهن کي نڪ ۾ دم ڪري رکيو اٿائين. بھرحال مان عام پنجابين جي ڳالهہ پيو ڪريان تہ اهي هارپي کان ويندي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ غضب جا ماهر آهن. جيڪا شيءِ اسان ۾ بلڪل نہ هجڻ جي برابر آهي.
انگريزي ٻوليءَ جي بزنس مينيجمينٽ ۾ هڪ لفظ ايندو آهي، انٽرپنيورشپ (Entrepreneurship) جنھن کي مان تُز سنڌي معني ڏيان بہ تہ مونکي خدا نہ ڀلائي ان کي ”نجي ڪاروباريت“ چئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ رٿابنديءَ کان ويندي مارڪيٽ تائين بھتر پھچ، خريداري، ڏيٺ وائٺ وغيرہ جو ڪُل ڪار وهنوار ڪاروبار ڪندڙ جي هٿ هوندو آهي، ائين کڻي چئجي تہ هو پنھنجي ڪاروبار ۾ پاڻ بادشاه هوندو آهي، تہ ان ڪاروباريت ۾ مڙيوئي نظر اٿي ٿي تہ اسان سنڌي صفا پوئتي آهيون.
اسان جي لوڪ دانش ۾ اهي پھاڪا تہ ”ليکو آ چوکو، چوکو آ پريت“ يا وري ”ٻہ ڀائر، ٽيون آهي ليکو“ مڙيوئي وڃي چوڻ جون ڳالهيون وڃي رهيون آهن. هروڀرو جو اصطلاح ”زبان جو پڪو“ اڄ ڪلهہ جي ڪارپوريٽ دنيا ۾ بيڪار ترين جملو آهي جنھن ۾ غير يقيني صورتحال موجود آهي، ۽ مزي جي ڳالهہ تہ ان غير يقيني صورتحال ئي اسان کي نھوڙي وڌو آهي.
پر ٻئي پاسي جيڪڏهن اوهان ڏسندا تہ پنجاب ان سلسلي ۾ غضب جو ڪاروباري ذهن ملندو آهي. انهن وٽ ڪاروبار ڪرڻ جي نفسيات پڪي ۽ پختي ٿئي ٿي. هنن ڪاروبار ۾ روايتي غيرتن جا تصور پرتي ڪري ٻنهي جنسن (مرد ۽ عورت) کي شامل ڪري سچ تہ عملي طور تي جيترو بہ ممڪن ٿي سگهيو آهي عورتن کي پنھنجي ڪلهي بيھاريو آهي. مان هتي ڪجهہ مثال ئي ڏيان تہ اوهان سمجهي ويندا تہ ڪاروباريت وارو ذهن اسان ۽ هنن وٽ ڪھڙي درجي تي ملي ٿو.
- اوهان ڪراچيءَ کان لاهور ڊائيوو بس تي سفر ڪريو. اوهان ڏسندا تہ حيدرآباد، مورو، سکر ۽ ميرپور ماٿيلو وٽ انهن جي طئي ڪيل اڏن تي اوهان کي ڪھڙي سروس ملي ٿي؟ هوٽل جي مالڪن جي آڪڙ، اجائي ڦوشربازي ۾ جام پر سروس کان صفا آنڱوٺو…. پر جيئن ئي اوهان رحيم يار خان اڏي تي بيھندا تہ خبر پوندي جھڙوڪ اوهان ڪنھن يورپي موٽل تي پھتا آهيو… زبردست قسم جو هوٽل جنھن ۾ صفائي سٿرائي، ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۽ حفظان صحت جو خيال رکندڙ ٿانو وغيرہ ملندا، سروس تي مقرر اوهان کي هوٽل ۾ سهڻيون سيبتيون ڇوڪريون ”جي سر، ييس سر“ ڪندي پيو آڏو ڦرنديون…. گراهڪ کي ڪجهہ نہ بہ وٺڻو هوندو پر ماحول ۽ سروس ڏسي ڪجهہ نہ ڪجهہ خريد ڪرڻو ئي پوندو.
- اسان جي وري انٽر سٽي سروس، (صرف نالي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ) ويگنن يا ڪوچن ۾ سکر کان ڪراچي يا ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي وڃي ڏسو، طئي ڪيل اسٽاپن تي هوٽلن جو معيار ڏسو… پر ان کان وڌيڪ سروس تي ٿوري نظر تہ وجهو…. تازو، مان خيرپور کان حيدرآباد ”اي ڪي سي“ ويگن ۾ اچي رهيو هئس، تہ اها مقرر اسٽاپ يعني نيو سعيد آباد جي هڪ هوٽل تي بيٺي… اتي مان چانھن پيتي، جڏهن پئسا مينيجر کي ڏيڻ ويم تہ کيسي مان کليل پئسا نہ هجڻ جي ڪري کيس پنج سئو رپين جو نوٽ ڏنم. تہ همراه تُنديءَ ۾ چيو تہ ”کليا پئسا ڏيو.“ مان کيس ٻٽون ڏيکاريندي چيم تہ بابا کليل هجن ها تہ مان پاڻمرادو اهي اوهان کي ڏيان ها…“ تنهن تي مينيجر صاحب تپي ويو ۽ چئي تہ: ”پيتي تہ ڇڙي چانھن اٿوَ، ان تي پنج سئو رپيا ٿا کلايو….!“ مان ڪڇان تہ ڇا ڪڇان… خير کيس فضيلت سان اوقات ڏيکاري، (ڇڙٻيندي) جڏهن دٻ پٽيم تڏهن وڃي پنھنجي ڪرڪر بند ڪيائين.
- اوهان ڪاڇي کان ڪشمور، يا ڪراچي کان رحيم يار خان تائين ڪار ۾ وڃي ڏسو… اتفاق سان جيڪڏهن گاڏيءَ ۾ ڪو نقص ٿي پوي تہ مستري ڳولهيو! اوهان ڇا ٿا سمجهو تہ اوهان کي مستري هتان جا ملندا؟ نہ… (ڪو اڪو دڪو ملندو بہ تہ ڪم جڳاڙ ۾ ڪڍڻ جو ماهر) نہ تہ اوهان کي سڀ مستري پنجابي ملندا…. ڇو؟ اهو انڪري تہ اهي ماهر آهن.. اوهان مارڪيٽ ۾ ڏسو، هڪ پاسي بوٽ پالش ڪرڻ وارو پٺاڻ ويٺو هجي ۽ ٻئي پاسي اسان جو ڪو سنڌي ويٺو هجي تہ گراهڪن جي رش ڏسجو… اوهان ڏسندا تہ پٺاڻ وٽ جام بوٽ پيا هوندا پر اسان جو سنڌي سٻاجهڙو پيو مکيون ماريندو….. سبب؟ تہ پٺاڻ بھترين ڪم ڪن ٿا….
- روڊ سائيڊ تي ڏسو، زمينون سنڌين جون، هوٽلون ٺھرائيندڙ سنڌي پر اهي سڀ جو سڀ هوٽلون اوهان کي لائلپوري، ايبٽ آبادي ۽ مروتي پنجابي ۽ پٺاڻن ئي هلائيندڙ ملندا… اسان جا سنڌي انهن کي هوٽل ٺيڪي تي ڏئي ڪجهہ هزارن ۾ مڇون مروڙيندي خوشيءَ ۾ پوزبازيون ڪندا ملندا.. ڇو؟ ڇوتہ کين هوٽل مينيجمينٽ بلڪل نہ ٿي اچي.
تہ ڇا انهن سڀني ڪمين ڪوتاهين کي اسان نام نھاد غلاميءَ جو سبب ڄاڻائي ماٺ ڪري وڃئون؟ آهي ڪا هتي اهڙي آرگنائيزيشن يا ادارا جيڪي اسڪل ڊولپمينٽ تي سچ ۾ ڪم ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪاروباري دنيا سان روشناس ڪرائين؟ آهي ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ ۾ اهڙو لڇڻ جيڪو هتي پاڻ سان گڏ ٻين کي اڳتي ڪرڻ ۾ فرينچائيزڊ ڌنڌن ۾ شامل ڪري؟
باقي منھنجا ساٿيو…. هروڀرو لٻاڙ بازي ڪنداسين تہ اسان ۽ انهن لوسي تھذيبي نرگسيت جي شڪار ماڻهن ۾ ڪوبہ فرق ناهي…. ان تي ڪا رٿا بندي ڪرايو دوستو…. پڙهايو سڀني کي لطيف جا سر سامونڊي، سري راڳ وغيرہ جيڪي ڪاروباريت سان ڀريا پيا آهن.



