اھو سن 1847ع جو مارچ مھينو ھئو جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي ترتيب ڏئي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن جارج اسٽيڪ ان گرامر واري ڪتاب جي مھاڳ ۾ وڏي ڪرب سان لکيو ھئو تہ: ”مون کي سنڌ ۾ ھڪڙو بہ ماڻهو اھڙو نہ مليو، جنھن کي سنڌي گرامر بابت جيستائين مان نہ ٻڌايو تيستائين ھن کي اھا خبر ھجي تہ ٻوليءَ ۾ گرامر نالي جي بہ ڪا شئي ٿيندي آھي! ڇوتہ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ کي شايد گهٽ درجي جو ڪم سمجهيو ويندو ھئو. مسلمان سنڌي عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڙھندا ھئا، تہ ھندو سنڌي وري ھندي ۽ پنجابي (ھتي شايد گرمکي لکت ڏانھن اشارو ھجيس) ان ۾ پڙھندا ھئا. ھنن جيڪا ماءُ جي ھنج ۾ ٻولي سکي شايد ھُو ان کي ڄٽن جي ٻولي سمجهندا ھئا. ان ھوندي بہ مون کي يقين آھي تہ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايندڙ وقتن ۾ ڪي عالم ۽ ماھر ضرور ايندا جيڪي ھن مزيدار ٻوليءَ ۽ ان جي لھجن تي ڪم ڪري دنيا آڏو آشڪار ڪندا تہ ھيءَ ٻولي انڊيا جي ٻين ٻولين کان ڪيڏي نہ منفرد ٻولي آھي.“
اڪثر ڪري مون کي حيرت بہ ٿيندي آھي تہ 1947ع کان وٺي اڄ تائين ٻوڻا ٻہ سئو سال جيتوڻيڪ گذري چڪا آھن ان ھوندي بہ سنڌي ٻوليءَ تي ڪي پنج کن کاھوڙي اھڙا نہ نسري سگهيا آھن جن جي تحقيقن، دنيا جھان جي کوجين واري ڍنڍ ۾ڪي لوڏا ڏنا ھجن. ٻہ اڍائي اھڙا محقق ضرور نڪتا جن عام ڌارا کان مختلف ٿي سنڌي ٻوليءَ جي ھنج مان ڪجهہ نوان ٻوٽا ڪڍي اسان سڀني کي آڇيا ھئا. مان تن کي جيڪڏھن ھتي نہ لکان تہ شايد منھنجي لکڻيءَ ۾ ويساھ گهاتي ٿئي، سو سائين سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اھي کاھوڙي نڪتا ھئا جن سنڌي ٻوليءَ جي فطرت، ان جي نيمن قانونن ۽ ٻولن جي تصورن تي لکي ڪم ڪيو، پر سچ اھو بہ آھي تہ اسان جي سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ بابت ئي ڇو پر عمومي طور تي مختلف ادبي ڌارائن تي ھڪڙا مخصوص قسم جا لاڙا اھڙا حاوي رھيا آھن جن جي نشاني پوڻا ٻہ سئو سال اڳ ڪئپٽين جارج اسٽيڪ جن ڏئي چڪا آھن.
پر پنھنجي ماتر ٻوليءَ تي ڪم جيڪڏھن اسان نہ ڪنداسين تہ ڇا ”تاريخ جي ھن بيواھ“ ٻوليءَ تي ڪو بہ ڪم نہ ڪندو؟ اھو سوال ئي ھڪ اھڙو آھي جيڪو ايامن کان پنھنجا جواب ڪڍندو اچي رھيو آھي، جيئن سن 1786ع ۾ سر وليم جونز جيڪو ھتان جي لڳ ڀڳ سڀني وڏين ٻولين جو ڄاڻو ھئو، جنھن کي فطرت اھو بہ اعزاز عطا ڪيو تہ ھو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران برصغير ۾ پھريون جج طور اڀريو ھئو، جنھن فارسي گرامر تي بہ ڪم ڪيو، سو ان اھو ڦاٽ ڦاڙيو تہ انگريزيءَ کان سواءِ مغربي ٻين ٻولين جن ۾ لاطيني ۽ يوناني ٻوليون بہ شامل آھن انهن جي پاڙن ۾ سنسڪرت جا لفظ ملن ٿا.
ھي اھڙو انڪشاف ھئو جنھن انگلستان جي تخت کي لوڏڻ جو جھڙوڪ سعيو ڪري ڇڏيو ھئو. ڇوتہ اھو تخت يا اھا قوم جيڪا پوري دنيا تي حڪومت ڪري ۽ ان جي مادري ٻولي انگريزي جيڪا حڪومت ۽ ڪلاس جي علامت قرار ڏنل ھئي اھا ھڪ اڇوت زبان مان نڪتل ھجي! اھو ڪيئن؟
سو ھڪ ٻڙڌڪ مچي ويو جنھن تي ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ سرچاءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ھڪ نئون فڪر ٺاھيو ويو تہ پراڻين ٻولين ۾ ”انڊو يورپي“ ٻولي اھڙي ھئي جنھن جا بنيادي لفظ يورپ جي ٻولين ۾ ملن ٿا. ھاڻي جڏھن انڊو يورپي لفظ ريڊي ميڊ لباس جيان مليو تڏھن سڀني کي خوش رکڻ ڪارڻ ”انڊو ايراني“ ”انڊو آرياني“ جھڙا لفظ بہ لساني اڀياسن ۾ لکجڻ شروع ٿي ويا. انتھائي گھرائيءَ سان مٿين واقعن کي ڏسجي تہ ھي سڄو مامرو ٻولين جي ساخت يا بڻ بڻياد جو ھيو ئي نہ پر ”سياست جي رعب“ خاطر حڪمران ڌڙي جي ٻولين جو پڇ ٻڌي مھري ڪرڻ وارو ئي چڪر ھئو، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو قائم ۽ دائم آھي. جنھن کي ٻوليءَ جي سائنس وارا سائنسدان ”پوليٽڪل لنگئيسٽڪس“ جو نالو ڏين ٿا.
سر وليم جونز جي ڏنل مٿين مفروضي جنھن جي ڪري سموري دنيا ۾ لسانيات جي عالمن ۾ نوان نوان دڳ ڳولڻ جو ھڪ خفت پيدا ٿي ويو جن ۾ گذريل صديءَ ۾ پوري دنيا جي ڪافي محققن تمام وڏيون لغتون ترتيب ڏيڻ شروع ڪيون جنھن ڪري ”ٻولين جي ڌاتو ٻولن“ جي پاڙ ڪڍڻ واري علم (Etymology) وڏي ترقي ڪئي. ڏسندي ڏسندي آڪسفورڊ پريس کان ويندي ڊگلس ھارپر تائين وڏيون تحقيقون شروع ٿي ويون. ڊاڪٽر ڪارل واٽڪنز، ڊاڪٽر مائيڪل بخ، سر وليم اي ڪريگ جھڙن جيد عالمن ”انڊو يورپين“ کان ھڪ وک اڳتي وڌائي ھاڻي اھو چون ٿا تہ اڄ کان ڇھہ ھزار سال اڳ واري ڄاتل سڃاتل دنيا ۾ ھڪ اھڙي ٻولي راڄ ڪندي ھئي جنھن جو نالو ھُو ”پروٽو انڊو يورپين“ (Proto-Indo European-PIE) رکن ٿا، ان ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل ھڙني مڪتبن جا ٻول موجود ھئا. جنھن لاءِ ھو چون ٿا تہ اڄ اھا ٻولي ناس ٿي وئي آھي.
وري اسان واري پاسي ھاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي انجڻڪاري ڪندي مھانگين مشينن جي مدد سان دنيا جھان جي سوين ٻولين جا منڍ ڳنڍيندي اسان وري اڃا وڌيڪ حيران ٿيندا پيا وڃون تہ جن لفظن لاءِ مٿيان ڏاھا اھو طئي ڪيو ويٺا آھن تہ اھي ڇھہ ھزار سال پراڻا آھن سي اڄ بہ اسان جي ڳوٺن ۾ ٿوري گهڻي ڦيري سان اسان جا وڏڙا ڳالهائيندا آھن. سو اسان بہ ھن وھندڙ گنگا مان ڪجهہ ڏول ڀري دنيا جي ڏاھن کي آڇڻ شروع ڪياسين تہ ڏسو ھي ٻول سنسڪرت ۾ گهڻي سڌريل شڪل ۾ پيو تہ آھي پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا بہ اوائلي شڪل ۾ اڄ بہ ورجائجي ٿو! (جيئن ھو سمجهن ٿا تہ انگريزيءَ جو ٻول زيرو (Zero) عربيءَ ٻول ”صفر“ تان نڪري آيو جيڪو وري سنسڪرت واري ٻول ”شنيہ“ تان کنيل لڳي ٿو. اھو اسان کين ٻڌائي رھيا آھيون تہ ابا اھو شنيہ نہ پر سنڌي ٻول ”سُڃ“ آھي جيڪو سڌري ۽ ھلڪو ٿي سنسڪرت ۾ ”شنيہ“ ٿيو.)
ھڪ پاسي اسان انهن کوجن ۾ اڃا سندرو پائي لھڻ جي ڪئي ئي ھئي سين جو خبر پئي تہ اسپين ملڪ ۾ لسانيات جو ھڪ ماھر ڊاڪٽر ڪارلوس قويلز پنھنجي تحقيقن ۾ انڊويورپين واري ٻول کي ٿورو ھيڏي ھوڏي ڪري ”سنڌويورپيا“ جو نالو رکي چوي ٿو تہ اھا انڊو آھي ئي نہ پر سنڌ آھي. سندس تحقيق (Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) ڏسي اسان جي دل جا دھڪا وڌڻ لڳا. ھڪ پاسي ڊاڪٽر ڪارلوس قويلز ھي نئون لفظ ”سنڌويورپيا“ متعارف ڪرائي تہ ٺڪاءُ ڪري پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪنھاير 2020ع ۾ پاڻ واري ئي لاڙڪاڻي ۾ رات جو اسان کي مٿين ٻولين واري حڪومتي راندين تي ٽوڪ ھڻندي چيو تہ: ”ھي سڀ سياسي ٺڳيون ۽ آپي شاھيون آھن، حقيقت اھا ئي آھي تہ انڊو ٻوليون اصل ۾ سنڌوءَ جي ئي پراڻي شڪل آھن.“
پر مٿين سڄي وارتا واري سفر ۾ اسان کي جيڪا ڳالهہ وڌيڪ ڏکي لڳي رھي آھي سا آھي اسان وٽ ”سائنسي بنيادن تي سنڌي ٻوليءَ تي تحقيقن جي اڻاٺ“، جنھن ۾ ھتي سچ اھو بہ آھي تہ موجودہ گرامر جي جيڪا شڪل اسان کي سالن کان پڙهائي وڃي ٿي سا ڪمپيوٽيشنل پروگرامنگ آڏو خبر ٿي پوي تہ نہ صرف پراڻي پر ڪنھن ھڪ خاص معيار تي بہ ناھي ٺهيل، يعني گرامر پاڻ نئون سنئون ٿيڻ گهري ٿو. لغتن طرف اک کڻجي ٿي تہ اسان وٽ سنڌي لغت سازي بہ سچ تہ ”ڪلمو پڙهائي مسلمان“ ڪئي وئي آھي. وري ٻي پاسي پنھنجي مادري ٻوليءَ بابت عام ماڻهن جي جيڪا جذباتي ڪيفيت ڏسجي ٿي تہ دل ۾ خوشيءَ واريون ڪيفيتون پيدا ٿي وينديون آھن، جڏھن تہ مڪتبن يا ادارتي حساب سان سنڌي ٻوليءَ جي لغتسازي، گرامر، بڻيادي تصورن، آوازن جي ساخت، قاعدن قانونن تي نظر ٿي وڃي تہ اسان اڄ بہ ڪئپٽين جارج اسٽيڪ واري ڏکائتي ڪيفيت ۾ بيٺا آھيون. ھتي ڪير بہ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي شڪلين بابت ۽ ڌاتو لفظن جي ڦھلاءَ بابت ڪو ڪُڇي تہ ڏسو ڪيئن نہ اسان جي پڙهيل ڳڙهيل ڪلاس پاران چٿرون کيس ملن ٿيون! ڇا اھو ڏک ساڳيو ڪئپٽين جارج اسٽيڪ وارو اڄ بہ موجود ناھي؟
يعني اڄ بہ اسان ٻولين جي ڪنھن لامرئي امام مھديءَ جي اوسيئڙي ۾ آھيون جيڪو اچي اسان کي ٻڌائي تہ اھو سنڌي ٻول ”ڪُٻ“ ئي آھي جيڪو عربيءَ ۾ قبو ٿئي ٿو. اھو سنڌي ٻوليءَ جي جو ٻول ”ڳالهہ“ ئي اصل ڌاتو لفظ آھي جيڪو عربيءَ ۾ ”قال“ بڻيو. اھا سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”واڄ“ (وِڄ، واڄو وارو) ئي اصل ٻول آھي جيڪو فارسي ٻول ”آواز“ ٺاھي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄڻڻ واريءَ کي جيڪو پاڻ ”ڄڻي“ سڏيندا آھيون اھا ڄڻ، ڄڻي ۽ ڄڻائڻي“ ئي اصلوڪا ٻول آھن جن مان پاڻ واري ھندي سميت اردوءَ ۾ ” جن جني جناني“ وري فارسيءَ ۾ ”زن يا زنانہ“ جھڙا ٻول ٺھيا!
سو اسان کي پڪ آھي تہ جيئن مٿي جارج اسٽيڪ کي يقين ھئو تہ سنڌي ٻوليءَ جي ھنن بيواھي ڪمن لاءِ ضرور ڪي کاھوڙي ايندا، جيڪي دنيا آڏو آشڪار ڪندا تہ سنڌي ٻولي، ڪيئن تہ سوين ٻولين جي ماءٌ ٻولي آھي. اسان کي اھا پڪ آھي.



