سنڌي ٻولي سنسڪرت ڄائي ناھي

اھا بہ ڪيڏي نہ عجب جوڳي ڳالهہ آھي تہ سنڌي ٻوليءَ جي پھرين لغت ۽ گرامر ترتيب ڏيندڙ گورو ڪيپٽين جارج اسٽيڪ اڄ کان پوڻا ٻہ سئو سال سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي لفظ ھن پنھنجي ترتيب ٿيل گرامر جي مھاڳ ۾ لکيا ھئا اھي اڄ سوڌو اسان سنڌين لاءِ ڪيئي سبق کڻي رکيون ويٺا آھن. ھُن جڏھن لکيو تہ: ”سنڌي ٻوليءَ جو لاڳاپو، ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ پراڪرت ٻولين سان وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن ۾ انهن ٻولين جا آڳاٽا ۽ قديمي نشان ۽ آثار اڃا بہ گهڻي ڀاڱي موجود آھن.“ ھن وڌيڪ لکيو (جيڪو اسان سڀني جي ڳلن تي چماٽ جيان آھي) تہ: ”سنڌ جي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس کي هميشه ناپسند ٿي ڪيو، خاص طور تي اهي جيڪي پڙهيل هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا هئا. اڪابر (سنڌي) مسلمان عربي ۽ فارسي ۾ لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا ۽ هندو پنجابي ۽ هندي ۾ پر جيڪا سندن مادري ٻولي (سنڌي) هئي، جيڪا کين ممتا واري ٿڃ جيان ملي ان کي هو مسخرن جي ٻولي سمجهي رهيا هئا. پر مون کي يقين آهي تہ (اڳتي ھلي) ماهر لسانيات وٽ سنڌي ٻولي، هندستان جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اهم ثابت ٿيندي.“
ڪيپٽين صاحب جي مٿين چيل جملن کي اڄ پوڻا ٻہ سئو گذري چڪا آھن پر سنڌي ٻوليءَ ڏانھن اسان جو رويو ھاڻي ٿورو مختلف ٿيو تہ آھي پر اھو بہ ڪو ايڏي وڏي فائدي وارو ناھي. ھاڻي اسان ٻوليءَ سان ڌڪار نہ پر نرگسيت وارو رکيو آھي جيڪو بہ ڇڙو سياسي مقصدن تائين محدود آھي. اسان چاھيون ٿا تہ پاڪستان جي پارليامينٽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي درجو ڏئي، پر پنھنجي ٻارن کي سنڌي ناھي پڙهائڻي! اسان اھو تہ چاھيون ٿا تہ سنڌي ٻوليءَ جي ھرھنڌ ناماچاري تہ ٿئي پر پنھنجي ٻارڙن کي ان ٻوليءَ کان پري رکڻو آھي. ھڪ پاسي خاص ڪري جڏھن آدمشماريءَ واري مند ايندي آھي تڏھن اسان وڏا وڏا ميڙاڪا ڪندي، سوشل ميڊيائي ٽرينڊ ھلائي، پريس ڪلبن آڏو پلي ڪارڊ کڻي رڙيون تہ ڪندا آھيون تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ڌارا ۾ آڻي ملڪي سطح جو مان ڏنو وڃي، جنھن لاءِ پوري خلق کي اتساھيندا تہ آھيون تہ اھي آدمشماريءَ اندر مادري ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي ٻولي لکرائين، پوءِ ڀلي سندن مادري ٻولي سرائڪي، بلوچي، ڍاٽڪي وغيرہ جيڪا بہ ھجي پر مادري ٻولي سنڌي لکي وڃي (جيڪا ڳالهہ مان سمجهندو آھيان تہ بلڪل ڇسي آھي) ٻئي پاسي وري جڏھن سندي فائدن ۽ مفادن يا موقعن جو معاملو اچي ٿو تڏھن پنھنجا ٻارڙا بيڪن، سٽي يا ڪارپوريٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻا آھن ڇوتہ سنڌي پڙهائڻ سان ڪھڙو وري ٻارن جو مستقبل ڀلو ٿيندو! اھا ڪيڏي نہ منافقاڻي سطح آھي! ان کان وڏي وري اھا پڻ اسان جي نالي ۾ نھال ڄاڻن جي عجب ۽ ٻچاپڙيائيءَ واري سوچ ايندي آھي جڏھن اھي سنڌي ٻوليءَ جي ان عام ڦھلايل نظريي کي جيئن جو تيئن اکين تي رکندا آھن جنھن ۾ اھو باور ڪرايل آھي تہ سنڌي ٻولي ”انڊو آرين“ ٻولين جي ڪٽنب جي ھڪ ٻولي آھي! يعني اھو طئي ڪرايل آھي تہ سنڌي ٻولي اھا ناني آھي جيڪا ”ڏوھٽيءَ“ جي ڄمڻ کان پوءِ ڄائي! اچرج جي حد اھا بہ ٿيندي آھي جڏھن ھتي پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي گهڻائي ان خيال تي آمنا صدقنا جيان ڳت ڏيو ٻڌي ٻيٺي آھي تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءُ آھي. جڏھن تہ منھنجي کوج آڌار مان سنڌي ٻوليءَ جي مامري ۾ بلڪل نئين جھان ۾ پيو ٿو پسان!
گذريل پندرھن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي ٻولن کي ڪٺو ڪري انهن جي گرامري ترڪيب، صوتياتي ورڇ، ٻولن جي جنسن، انهن جي زمانن ساختياتي زمرن سميت اچارن، اکري بيھڪن جي انجڻڪاري ڪندي، منھنجو جيڪو خيال جڙيو آھي تنھن ۾ لڳي ائين ٿو تہ ھن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ تي جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اھو ناھي ٿيو.
سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ڌاتو ٻولن جي ترڪيب ڪندي اھو لڳندو آھي تہ ھن ٻوليءَ اندر ڳالهايل گهڻائي آهي، اھي ٻول جيڪي صفت ۾ الف جي آڏو اچڻ سان ”اُبتا“، ”ڀ، پ، ٿ، ڍ، ڌ سان شروع ٿيندڙ ٻول ڌرتيءَ سان لاڳاپيل، ج، جهہ، گ، گهہ سان شروع ٿيندڙ ٻول پاڻيءَ سان لاڳاپيل، ڏ آڏو اچڻ وارا ٻول ”ڏنگا“، س سان شروع ٿيندڙ ٻول سھڻا ۽ سيبتا، ڪ سان شروع ٿيندڙ ڪنا ۽ ڪوجها تہ م سان شروع ٿيندڙ ٻولَ، مٺا ۽ من موھڻا ملن ٿا. مادي جو اصول آھي تہ اھو اڻائي کان سولو ٿيندو آھي نہ وري سولائپ کان اھنجائپ جو سفر ڪري! اھو ساڳيو اصول کڻي ٻولين جي آوازن کي ڏسبو تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهہ نرالن واڄن (آوازن) جھڙوڪ ”ڃ“ جو آواز جيڪو اسان جي خطي ۾ ٻين اوائلي ٻولين جھڙوڪ ھندي يا سنسڪرت ۾ سولو ٿي ”نيہ يا نج“ ۾ ڦري ويو، اھو ئي وڏو ثبوت آھي تہ سنڌي ٻولي تمام گهڻو اوائلي آھي. سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو ٻول ”سُڃ“ آھي اھو ساڳيو ئي ٻول ”ڃ“ جھڙي اڻائي آواز کي مٽائي ”نيہ“ ٿي وري سنسڪرت ۾ ”شنيہ“ ۾ تبديل ٿيو. ”مُڱ“ ٻول کي ڏسبو تہ ان جو ”ڱ“ آواز بہ ساڳي اصول جيان سولو ٿي سنسڪرت ۾ ”نگ“ ٿي ”مونگ“ لفظ ٺهي ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي گردانن تي اڄ سوڌو ڪنھن بہ وڏي پئماني تي ڪو اھڙو ڪم ناھي ڪيو جو چئي سگهجي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ گردانن جا ڪھڙا ۽ ڪيترا قانون موجود آھن. عام طور تي تہ اھو مڃيو ويو آھي تہ عربي ٻوليءَ جي مصدر ۽ امر وارن لفظن جا گردان پوري دنيا جي وڏي ٻولين ۾ جهجهي مقدار ۾ آھن، پر جيڪڏھن ھن وقت تائين مشين جي مدد وٺي جڏھن سنڌي ٻوليءَ جي گردانن کي جاچيو ويو آھي تڏھن خبر پوي ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ مصدر ”مارِ“ جا بہ ھڪ ھزار کان مٿي گردان موجود آھن. ياد رھي تہ عربي ٻوليءَ جا گردان ڪنھن بہ ريت ايترا نہ ٿا ملن. مثال لاءِ ھڪ ٻول ”مارائينديمانِ يا مارائينديمانسِ“ جھڙن ٻولن کي تپاسجي تہ عقل دنگ رهجو وڃي تہ بظاھر 13 اکرن تي مشتمل ھڪ لفظ پنھنجي اندر ڇا ڇا تصور رکيو ويٺو آھي. يعني ”ھڪ عورت چوي ٿي تہ مان ڦلاڻي يا ڦلاڻن کي، ٽيرن يا مٽيرن ھٿاران ناس ڪندم يا ڪرائيندم .“ مٿئين ٻولن ۾ زمان بہ ملي ٿو تہ جنس بہ، انگ بہ ملي ٿو تہ ڌريون بہ. اھڙي قسم جي فارمولن کي ڏسجي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ ٻول اھڙا آھن جن تي سائنسي بنيادن تي اڄ سوڌو تحقيق جو وڏو فقدان رھيو آھي. سنڌي ٻوليءَ مٿان اھا ڇاپ تہ ھيءَ ھڪ ڄٽڪي ٻولي آھي جيڪا يارهين صديءَ ۾ اڀري، تہ مان سمجهان ٿو جنھن مھل اھا ڳالهہ رکي وئي ھئي ان وقت ڪي سائنسي اوزار ميسر نہ ھئا نہ ئي وري تقابلي طور دنيا جي ٻين ٻولين جا ذريعا ايترا عام ھئا. پر ھاڻي جڏھن ڊي اين اي ٽيڪنالاجيءَ پڻ اھو ثابت ڪيو آھي تہ آرين جو ھتي اچي ھتان جي ماڻهن کي سڌارڻ ھڪ ڇسو بيان آھي تڏھن اھا کوج پڪي ۽ پختي ٿي وئي آھي تہ اوائلي ٻولين جو وڏو خاندان جيڪو ”پروٽو انڊو“ نالي سان مشھور آھي سو اڳتي ھلي ساڳيو رھي يا نہ پر اھو انڊو اصل ۾ ”سنڌي“ ٻوليءَ بابت ئي خيال آھي.
ٻولين جا ڪي محقق جيڪڏھن عبرانيءَ کان ويندي عربيءَ ٻولين کي سامي ٻولين جي شجري سان ملائين ٿا تہ منھنجي خيال ۾ اھي پڻ اڃا ھڪ اھم ڳجهہ کي ناھن سمجهيا تہ عبراني ھجي يا عربي انهن ٻنهي ٻولين تي سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اثر آھي. ھتي ھڪ مثال کڻجي ٿو تہ اڄ تائين اھو سمجهيو پئي ويو آھي تہ اسان وٽ ”قبو“ لفظ عربي ٻوليءَ مان آيو آھي، تہ بيشڪ ٻول عربيءَ جي موجودہ صورت ۾ ئي آيو آھي پر ان ۾ ڌاتو ٻول سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪٻ“ اڳواٽ مليل آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي فارمولن ۾ تز تہ اچي ٿو پر عربي ٻوليءَ ۾ ان لفظ جا ڪي فارمولا نہ ٿا ملن. اسان اھو ڏٺو آھي تہ سنڌيءَ ۾ اھڙا ”ڏيڍ سُرا“ ٻول جيڪي ٻو، ڀو، ڌو، تي پورا ٿين ٿا سي اصل ۾ ڪا مخصوص شڪل ٻڌائيندا آھن. جھڙوڪ، اُڀو، بُبو، چِٻو، ڪُٻو، گُهٻو، دُٻو، ٿُٻو، ٽِڀو، ٽَٻو، ڇَٻو يا ڏَٻو وغيرہ! مطلب تہ سنڌي ٻولن جي واڄي (آوازي) سرشتي ۽ انهن جي پويان موجود تصورن تي کوجنا وارو ڪم ڪرڻ سان ھر روز ھڪ نئين قسم جي حقيقت سامهون اچي رھي آھي جيڪا ثابت ڪري ٿي تہ جيئن سنڌو لکت جي ڀاڃ اڃا نہ ٿي سگهي آھي بلڪل ائين ئي سنڌي ٻوليءَ جي ڳجهہ کي اڃا پورو نہ سمجهيو ويو آھي، ھا پر ھڪ شئي طئي آھي تہ سنڌي ٻولي ھزارين سالن کان ھتي موجود رھي آھي جيڪا سولي کان سولو ٿيندي اڄ پوري دنيا ۾ ”سائنس“ جي ٻول ۾ ”سُئي (ٻڌي، سمجهي، ڄاڻي)“ ۽ ”ٽيڪنالاجي“ جي بڻيادي ٻول ۾ ”ٽڪ (اھا سيخ جنھن جي اٽڪل سان ائٽ تي ڌاڳو وٽجي ٿو)“ ڏيندي پنھنجو قد مٿاھون رکيو پئي اچي.