جڏھن پبلڪ ادارن ۾ قوم جي خوابن کي اڻيندڙ ۽ اتساھ ڏيندڙ ماڻهو ايندا آھن تڏھن اھي ادارن کي اھڙو ٺاھيندا آھن جو بين الاقوامي معيارن واريون سندون ڏيندڙ ادارا پڻ ساکي بڻجي سندون جاري ڪندا آھن جيئن سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب کي بچائيندڙ ادارن جي خوبصورت عمارتون ۽ ھزارين سالن جي باقيات نوادرات جيڪا 18 ترميم کان پوءِ ٻورين ۾ بند ڀڳل ٽُٽل حالت ۾ اھڙي ملي ھئي جو انهن کي ھٿ لايو تہ ڀورا ڀورا ٿئي، ان زبون حال نوادرات کي سانڍڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي ليبارٽريون ۽ حڪمت عمليون ٺھنديون آھن. (بلڪل ائين جيئن سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ محترم جناب حميد آخوند صاحب جو ڪردار آھي، ساڳي صف ۾ وري ڊاڪٽر ڪليم لاشاري صاحب پڻ اچي وڃي ٿو.)
سو دوستو! ھي دل کي ڇڪيندڙ عمارتون جيڪي بين الاقوامي معيارن کي پرکيندڙ اداري آئي ايس او (ISO) جون سرٽيفائيڊ جڳھون آھن تہ ھنن اندر دنيا جي معيارن تي ڪم ٿي رھيو آھي، سي سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽورنگ اينڊ امپليمينٽنگ سيل جي ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر جناب روشن علي ڪناسري جي خواب آڌار اڏيون ويون آھن.
جيڪڏھن مان اھو چوان تہ اڄ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد، 2021ع کان پوءِ ايترڙي ننڍڙي عرصي ۾ ايترا دماغ لوڏيندڙ پروجيڪٽ نہ ڪڍي سگهي ھا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي وڏن ادارن جھڙوڪ اوپن اي آءِ، مائڪروسوفٽ جي ڪو پائلٽ، گوگل جي جيمناءِ، سان گڏ ھارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڊيٽاورس شعبي سان نہ سلهاڙي سگهجي ھا جيڪڏھن انهن پروجيڪٽن کي ھٿي وٺرائيندڙ، مشينن کان ويندي ڳرين ڳرين فيسن ڀرڻ ۾ غيرمعمولي طور محترم روشن علي ڪناسري صاحب جو ھٿ نہ ھجي ھا!
وري ھيڏي ڪراچيءَ ۾ ناردرن باءِ پاس تي قائم ھنن آفيسن جي اندر انتھائي خاموشيءَ سان جنھن نموني سان سنڌ جي عظيم ورثي جيڪو وفاق پاران، انتھائي سفاڪ نموني سان ٻورٽن ۾ بند ڳتيل اسان کي مليو جن ۾ مھرڳڙه کان ويندي پاڪستان ۽ بنگال جون اھي اھي نوادرات جن ۾ مورتيون، سڪا، ھڏيون، رانديڪا، ٿانوَ وغيرہ ٽٽل ڦٽل حالتن ۾ مليا ۽ تن کي وري بچائڻ لاءِ پاڪستان جي پھرين منظم ليبارٽري جوڙي، ايترو تڪڙي وقت ۾ انهن جي ڪيٽيلاگنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ گذريل صديءَ ۾ سنڌ جي قديم ماڳن تي ويندڙ تحقيقي ماھرن جون ڊائريون جنھن نموني سان آن لائين ڪري پوري دنيا جي محققن آڏو رکيون ويون آھن اھو ڪم صرف چئن سالن ۾ ٿيڻ ھڪ معجزو ئي آھي. جيڪو پڻ محترم جناب حميد آخوند صاحب جي ٻالڪي ان روشن علي ڪناسري صاحب جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو.
مان سمجهان ٿو تہ جيڪي ماڻهو ڀلو ڪم ڪن ٿا تن جي ٺاپڻ نھايت ئي سڦل ڳالهہ آھي.
خير، متان سمجهو تہ مان مٿي جيڪي ڳالهيون ڪيو اھي بس ائين ئي ھيون! پر ھي تصويرون ڏسو، پرکيو. اوھان سڀني محسن دوستن کي کليل دعوت آھي تہ اچو ۽ ڏسو تہ ڪيئن سنڌ جي تھذيب، ثقافت جي علمبردار شين کي ڪھڙي عاليشان نموني سان سانڍيو پيو وڃي.
آفيس جي لوڪيشن: https://maps.app.goo.gl/ZMt2K6dEWwRrqBbs9
ڊائرين جي لنڪ: https://ene.sindhculture.gov.pk/field-diaries/




