ھاليووڊ مووي ”دي ٽرُومين شو“ ۽ اسان جو سماج

ھالي ووڊ جي پيٽر وئير جي ڊائريڪشن ۾ مشھور مزاحيہ اداڪار جم ڪيريءَ جي فلم ”دي ٽرومين شو“ سچ بہ تہ رڳو هڪ فلم ئي نہ پر هڪ وڏي فلسفياڻي حقيقت آهي، جنھن ۾ ھڪ انسان پنھنجي پاڻ سان سامهون اچانڪ اچي بيھي رھي ٿو. پيٽر وئير جي هيءَ فلم ھڪ ڪردار ”ٽرومين برينڪ“ جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو ڄمڻ کان وٺي هڪ جُڙتُو دنيا ۾ تڳندو رهيو آهي، جنھن دنيا ۾ هر ماڻهو هڪ اداڪار آهي ۽ فلم جي مکيہ ڪردار جي جيون جو هر پل هزارين ڏسندڙن لاءِ هڪ تماشو بڻيل آهي. عام انسانن جيان ٽرومين کي پنھنجي زندگيءَ جي فطري هجڻ تي پڪو پھ ھوندو آهي، پر جڏهن اچانڪ ھڪ ڌماڪي جيان ھڪ حقيقت ڦاٽي ٿي، جنھن ۾ کيس خبر پوي ٿي تہ سندس دنيا مڪمل طور تي ھٿراڌو آهي، ھن جي نام نھاد آزادي سئو سيڪڙو نقلي آهي ايستائين جو سندس احساس بہ درحقيقت ان مٿان ٿاڦيا ويندا آھن.
جيڪڏھن هن فلم کي دل جي گھراين سان ڏسبو تہ اوھان کي لڳندو آھي تہ ھن فلم ۾ هڪ عجيب روحاني ۽ وجودي ڇاپ پڻ وجود رکي ٿي. ٽرومين جي اها اچانڪ آيل سُڌ، جنھن مھل هو محسوس ڪري ٿو تہ سندس دنيا ھڪ تمام وڏو ”فلمي سيٽ“ آهي، اصل ۾ اها ئي انسان جي بيداريءَ جي علامت بڻجي پوندي آھي. جيئن پاڻ انسانن ۾ ڪو ماڻهو هڪ ڏينھن محسوس ڪري وٺي تہ دنيا، جنھن ۾ ھُو رھي ٿو ۽ جيڪا هو ڏسي رهيو آهي، اها اصل ۾ حقيقت نہ پر ڪنھن ڊائريڪٽر، ڊڪٽيٽر يا اسان مٿان حڪومتون ڪندڙن مادي حاڪمن جي ٺھيل نظام جي ھڪ حڪمت عملي آهي.
اھم ڳالهہ تہ جڏهن انسان محسوس ڪري ٿو تہ سندس وجود بہ ڪنھن ٻئي جي هدايتن هيٺ آهي، سندس سک ۽ ڏک بہ ڪنھن لکت ۾ اڳواٽ طئي ٿيل آهن، ۽ سندس آزادي بہ فقط هڪ وهم آهي.
فلم جي انت ۾ جڏهن ٽرومين سمنڊ پار ڪري اسٽوڊيو جي ڀت سان ٽڪرائجي ٿو ۽ پوءِ در کولي ٻاهر نڪري ٿو، تڏهن اهو هڪ علامتي جنم آهي ۽ اهو افلاطون جي ”غار واري مثال“ سان ڀيٽڻ جھڙو پل ھوندو آهي، جنھن ۾ قيدي ماڻهو پھريون ڀيرو روشني ڏسي ٿو ۽ حقيقت کي سڃاڻي ٿو. ٽرومين جو اهو قدم انسان جي اندروني بيداريءَ جي علامت آهي، اها بيداري جنھن سان ھُو دنيا جي ٺهيل سرشت، ميڊيا، سياست ۽ سماجي دوکن جي پردن کي چيريندو حقيقي وجود ڏانھن وڌي ٿو.
دوستو! هن فلم ۾ هڪ گھرو روحاني احساس پڻ آهي. ٽرومين جڏهن پنھنجي خالق، يعني ڊائريڪٽر ڪرسٽوف سان ڳالهائي ٿو، ان وقت سئو سيڪڙو ائين لڳي ٿو تہ انسان ۽ خدا جي تعلق جي ئي ڳالهہ ٻولهہ ھلي رھي ھجي. پر فلم ۾ ڊائرڪيٽر جي شڪل ۾ دنوي “خدا” ائين آهي جيڪو انسان کي آزاد ڪرڻ بدران پنھنجي ٺاهيل دنيا ۾ قيد رکڻ چاهي ٿو. ڏسو نہ تہ: اهو تڪرار روحانيت ۽ ماديت جي وچ ۾، انسان جي ازلي جدوجھد کي پڻ آشڪار ڪري ٿو. دنيا جي هر دور ۾ اهڙا آقا، سامراج، يا نظام رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ”ھٿ ٺوڪين حقيقتن“ (Hyper-realities) جا پنھنجا نسخا ٺاهيندا رهيا آهن، جيئن فلم ۾ ڪرسٽوف ٽرومين ڪري ٿو.
هيءَ فلم پوسٽ ماڊرن دؤر جي ”هائپر ريئلٽي“ جو جيئرو جاڳندو مثال آهي، جتي حقيقي ۽ نقليءَ يا سچ ۽ ڪُوڙ جي وچ ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو. ٽرومين جيڪا دنيا ڏسي ٿو، اها هڪ ھٿ ٺوڪي يا جُڙتُو آهي، پر ساڳئي وقت هو ان کي حقيقت بہ مڃي ٿو. اهڙي طرح اسان بہ اڄ جي دنيا ۾ ميڊيا، سوشل نيٽ ورڪن ۽ سياسي چالاڪين جي ٺھيل ڊرامن واري ھڪ وڏي فلمي سيٽ ۾ ئي تہ رهون ٿا، تڪليف ڏيندڙ ڳالهہ اھا آھي تہ ان کي وري اسان اصل زندگي ئي سمجهي ڇڏيو آھي، جنھن ۾ اسان جا انساني سچا جذبا، رايا ۽ رَوَيا بہ درحقيقت ڪنھن نہ ڪنھن ”ڊائريڪٽر“ جي حڪم موجب ٺاھيا ويا آھن، اھو ڊائريڪٽر ڪڏهن سرمائيداري نظام آهي، ڪڏهن سياسي ليڊر، ڪڏهن مذهب، تہ ڪڏهن ميڊيا، تہ وري ڪڏھن دنوي خدائن جي روپ ۾ وڏو ٻھروپ!
دوستو! ”دي ٽرومين شو“ رڳو هڪ فلم نہ آهي، پر هڪ وجود سان لاڳاپيل عميق سچ پڻ آهي، جيڪو هر انهيءَ انسان جي اندر ڳونججي ٿو، جيڪو ڪڏھن ڪڏهن محسوس ڪري ٿو تہ سندس دنيا، سندس سڃاڻپ، سندس حقيقت ڪنھن ٻئي جي تخليق آهي. فلم جو آخري منظر، جتي ٽرومين مسڪرائي ٿو ۽ در کولي اڻڄاتل دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو، اهو ئي انسان جو اصل جنم آهي. اهو ئي سفر آهي، جيڪو روحانيت ۽ بغاوت ٻنهي کي گڏ ڪري ٿو، جتي ماڻهو پنھنجو پاڻ ڳوليندو آهي، ۽ دنيا جي سڀني ٺهيل حقيقتن کي خداحافظ چئي، پنھنجي اندر جي آزاديءَ ڏانھن وکون وڌائي ٿو.