ھوائون نہ روڪيو

مغربي ٻوليدانن جو ھڪ مضبوط ٽولو پروٽو انڊين ٻولين جو شجرو ڪجهہ ھيئن ٻڌائي ٿو: ”سڀ کان پھريون انڊو ٻولي ٿي جتان ڪيترين ٻين ٻولين سميت مغربي ٻوليون جوڙجڪ ۾ آيون. پاڻ واري ٻوليءَ بابت وري ھو چون ٿا تہ جڏھن انڊو يورپي ٻوليءَ جا ابا اوڀر طرف آيا تہ پھريون ”انڊو ايرانين“ ٻولي ڏنائون. جن وري ”انڊو آرين“ ٻولين کي ٺاھيو. جنھن ۾ ”ويدڪ سنسڪرت“ ٺھي. پوءِ ”پراڪرت“ ٿي. پراڪرت ٻوليءَ پوءِ ”شئارسني“ ٻولي ٺاھي ۽ پوءِ اھا ”سينٽرل انڊڪ“ ٿيندي ”ويسٽرن انڊڪ“ جو بڻ ٺاھيو. جتان ”ناردرن انڊڪ“ ٺھي. جنھن مان ڊوگري، لھنڊي، پوٺوھاري، پنجابي ۽ پوءِ سنڌي وجود ۾ آئي.
انهن ٻوليدانن جي ڏنل مفروضي تي جيڪا پيڙهي ٺھي ٿي ان جي جيڪا ھوبھو تصوير ورلڊ ھسٽري ڊاٽ آرگ تي رکيل آھي اھا ھتي اوھان ڏسي سگهو ٿا.
ڪافي وقت کان مون وٽ ڪجهہ سوال جاڳيل رھيا آھن، جن سچ تہ منھنجي اندر ۾ مانڌاڻ مچائي رکيو آھي.
جن مان پھريون تہ اھو جيڪو ٻڌايو پيو وڃي تہ ڪيسپين سمنڊ جي ڀرسان اھي ماڻهو جيڪي دنيا جھان ۾ ڪاھي پيا، جن صدين تي محيط سفر ڪيا، آباديون ٺاھيون، جديد ٻولين کي وجود ڏنو، انهن کي اڄ مغربي ٻوليدان ”انڊو“ جو لقب ڇو ٿا ڏين؟ ٻيو سوال رھيو آھي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ اھي واڄا (آواز) ڇو آھن جيڪي دنيا جي ڪنھن بہ ٻي ٻوليءَ ۾ ناھن؟ جيڪي اچارڻ ۾ بي انتھا اڻاوا آھن. آخر صديون اڳ سنڌي ماڻهن سولائپ کان ڏکيائپ جو دڳ ڇو ورتو؟
نمبر ٽيون سوال رھيو تہ موھن جي دڙي جي لکت جي اڃا ڀاڃ ٿي ئي ناھي، انڪري انهن دڙي مان نڪتل مھرن جا راز ظاھر ٿيڻ کان اڳ ايڏي وڏي راءِ ڇو ڏني وئي تہ بس، ”ھاڻي تحقيق ھتي ئي ڇيھ ڪري وئي“ جيان انڊو ٻوليون ٻاھران آيون؟ پنجون سوال تہ اڄ پوري دنيا ۾ انڊو يورپي ٻولين جا اھي گڏيل ”ڌاتُو ٻول“ سڄن سارن لفظن جي وچ ۾ يا وري ڪٿي صفا چٽ ٿي ويا، پر ھتي اسان واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ھزارين سال گذرڻ باوجود بہ اونئن سالم ڳالهايا وڃن ٿا، اھو ڇو؟ پنجون سوال اھو تہ قديم ھندو ويد ھجن يا ڌرمي ڪردار، انهن جا نالا، انهن جون ريتون، انهن جا نيم قانون بہ ٻاھران آيا يا ھتان کان ٻاھر ويا؟ ۽ جي ھتان ويا تہ پوءِ انهن تي سائنسي بنيادن تي کوج ڪري ٻولين تي اسان وٽ ڪنھن ڪم ڪيو آھي؟ ۽ جيڪڏھن ڪنھن ڪيو آھي تہ اھو عالم آشڪار ڇو نہ ٿو ڪيو وڃي؟ اھڙا کوڙ سارا سوال اڃا آھن، جن جا جواب مون اٻوجهہ کي اڃا تائين ناھن مليا. پر مان انهن جوابن کي ھٿ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آھيان. مان رستي ۾ ئي آھيان، جاکوڙ ۾ آھيان، ائين سمجهو تہ مان حيرت جي عالم ۾ پيو ٿو ٽٻيون ھڻان. ڪڏھن ڪا ڳالهہ سمجهہ ۾ اچي ٿي تہ وري ڪڏھن ڪا مٿي مٿان گذري ٿي وڃي. مون کي ھن مھل تائين اھا بہ خبر آھي تہ جناب ڪارل بَڪ ھجي يا سر مائيڪل ڊِي وان، ڪالورٽ واٽڪن ھجي يا جوليس پوڪران ويندي 2006 تائين ڊاڪٽر ڊان رنج جن ھن موضوع تي پي ايڇ ڊيون ڪري پنھنجا پنھنجا خيال ڏنا انهن بہ اھا ئي ڳالھ ڪئي آھي تہ ھي مفروضن تي ٻڌل پھچ آھي. معنا اڃا ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو، معنا اڃا گهڻي گنجائش پئي آھي.
پر اي دوستو! جيڪڏھن اڃا گنجائش موجود آھي، تہ پوءِ وري ڪجهہ سوال اٿن ٿا تہ:
سوال پھريون تہ اڄ بہ ڀارت ۾ وڏو ھڪ بحث ھلي رهيو آھي تہ ”آريا ھتي آيا ئي نہ ھئا ۽ اھا ھڪ من گهڙت ڪھاڻي آھي.“ جيڪڏھن سڀاڻي واقعي اھا ڳالھ درست ٿي وڃي ٿي تہ پوءِ ان جو مطلب مغربي پھچ جيڪا ھن مھل تائين ٿي آھي، اھا سڄي غلط ثابت ٿي ويندي نہ؟ ھن ڳالهہ کي اڳتي وڌائيندي تازو ئي اسان جي جاکوڙي صحافي ۽ اديب سائين ممتاز بخاريءَ جا پر مغز تحقيقي ڪالم ھتي پنھنجي اخبار ۾ ھليا آھن جن ۾ ان سوال جو ڀلو ڇيد ڪيو ويو آھي، جنھن ڇيد ۾ سائنسي بنيادن تي ڊي اين اي آڌار مٿين نظريي کي رد ڪيو ويو آھي تہ ھتي آرين جي اچڻ کان اڳ ئي بھترين تھذيب وجود رکي پئي يعني اھو طئي ئي ناھي تہ اسان وٽ آرين اچي اسان کي تھذيب ۽ ٻولي سيکاري. خير پاڻ وري پنھنجي سوالن تي واپس اچون ٿا جن ۾ سوال نمبر ٻيو آھي تہ: پوري دنيا ۾ ھڪ وڏو لڏو موجود آھي جيڪو اھو ٿو چوي تہ دنيا جي پراڻي تھذيب سنڌو ئي آھي، پوءِ ڀلا ان سنڌو جي ٻوليءَ تي ھتان ڪنھن سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آھي؟ ڪئي بہ آھي يا نہ؟
سوال ٽيون تہ موھن جي دڙي جي جيڪا عمر ٻڌائي وڃي ٿي سا آھي اڄ کان 4500 سال اڳ، تہ ڇا اھا عمر ان جي جوانيءَ جي آھي، يا ختم ٿيڻ جي؟ يا ان جي ابتدا جي؟ جيڪڏھن اھا عمر ان جي برباد ٿيڻ جي آھي تہ پوءِ ان عاليشان شھر ۽ تھذيب کي ان منزل تائين گهڻا ھزارين سال لڳا ھوندا؟ يا اھو بحريہ ٽائون جو ھڪ پروجيڪٽ ھئو جيڪو جمعو جمعو اٺن ڏينھن ۾ پڪو ٿي پورو ٿيو؟ ۽ ھن ئي ڪڙيءَ جو آخري سوال تہ: ڇا تحقيق جي ميدان ۾ پوري دنيا ۾ ”صرف مغربي ڏاھن“ کي ئي حق آھي تہ اھي مفروضا قائم ڪن ۽ پنھنجا رايا ڏئي ”تڪميل“ جو ٺپو ھڻي ڪيس بند ڪري ڇڏين؟ ۽ جيڪڏھن نہ تہ پوءِ ڪو چريو کريو مٿيان سوال کڻي ميدان تي لٿو آھي تہ ان کي ھلڻ ڏيو منھنجا عاقل دوستئو! اوھان سمجهو ٿا تہ اھو ”ڪوڙ“ تي بيٺل آھي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان چريي کي پنھنجي ڪوڙ جي منطقي انجام تائين پاڻ تہ پھچڻ ڏيو! سرمد کي قاضين چيو: ڪلمو پڙه. ھن چيو ”لا الله“ چيائونس تہ اڳتي پڙه، اھو تہ انڪار پيو ڪرين! تنھن تي سرمد جواب ڏنو ھئو تہ مون کي انڪار جي منزل تائين پھچڻ تہ ڏيو! مان تہ اھا بہ ناھي سمجهي، جڏھن سمجهي ويس تہ اڳتي بہ وڌندس! سو سرمد جي جواب جيان گهٽ ۾ گهٽ ان چريي کريي عقل جي موڙھيي کي پنھنجي ئي مفروظي سان ھلڻ تہ ڏيو! ”ٻار اڃا ماءُ جي ڪک ۾ آھي، اھو اڀي پير ڄمندو يا سڌي پير، جڏھن ڄائو تڏھن پاڻ ئي خبر پوندي، اھو منڊو ھوندو يا ڪاڻو، يا ماڳھين مئل ڄمندو؟ ڪجهہ بہ ٿي سگهي ٿو، ڀلا ان کي ڄمڻ تہ ڏيو! يا ان ٻار کي اندر ڪُک ۾ ئي ماري ڇڏيون؟“ پروٽو انڊو يورپي ٻولين تي سڄي جڳ ۾ ڪم ھلي رهيو آھي. ڀلا پاڻ وٽ ڪير ٿو ان تي ڪم ڪري؟ جيڪڏھن ڪو ڪري ٿو تہ خدارا ڪرڻ ڏيو. ان جي ڪم سان ڪنھن کي مٺيان لڳي ٿي يا ڪو گدگد ٿي نچي ٿو، اھو تہ انهن محسوس ڪندڙن جو مسئلو آھي نہ! سو ڇا ٿي پيو؟ ڪھڙو آسمان ڪريو؟ اڳتي ھلي نقصان ٿيندو تہ بہ ان چريي کريي جو ٿيندو، ٻيو وري ڪنھن جو ٿيندو! ۽ ان نقصان مان جيڪو اھو چريو سبق سکندو ڀلا ان سبق جي قيمت ڪاٿو ڪو ڪري سگهندو؟
ڪوبہ نہ! سو پيارا ساٿيو، ھلڻ ڏيو. ھتي ڪابہ شيءِ مطلق ناھي. ھر شيءِ، ھر لقاءُ معروض جي پٺيءَ تي سفر ڪري ڪنھن نئين ايندڙ لقاءَ يا شيءِ ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. پٺي ٺپيرڻ جي بہ طاقت پيدا ڪريو! سڌريل قومن جيان سوچڻ شروع ڪريو، سڌارو پاڻمرادو ئي اچي ويندو، اوھان بس ھوائون نہ روڪيو، ڏاڍي مونجهہ آ يارو!