ڌرتيءَ تي جڏھن آدمشماري گهڻي نہ ھوندي ھُئي تڏھن ڏاھپ بہ ان نسبت سان اوتري ئي گهٽ ھُئي. علم و دانش وارا ماڻهو صرف حڪيم ئي نہ ھوندا ھئا پر اھي حڪمت سان گڏ، ماڻهن جا فيصلا ڦڙا بہ ڪندا ھئا تہ زمين آسمان جي باري ۾ بہ پنھنجا قياس ڏئي ماڻهن جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندا ھئا. رياستي حساب سان اھي جنگي حڪمت عملين جا بہ ماھر سڏائيندا ھئا تہ مذھبي فتوائن ۾ بہ اڳرا ھوندا ھئا.
اوھان ارسطو، سقراط، افلاطون يا ارشمديس کي ئي ڏسو تہ اھي حڪومتن جي بھتريءَ جا نظريا ڏيندڙ ھئا تہ ساڳي وقت حڪيم بہ ھئا، جنگجو بہ ھئا تہ فيصلن جي جيوريءَ جا اھم رڪن بہ، انهن آسماني جسمن جي باري ۾ ٻڌايو ھئو تہ فلسفي جي نازڪ ڳنڍين کي بہ کوليو ھئو.
پر جيئن جيئن انساني سماج وڌندو ويو ۽ مڪتبن جا دروازا کلندا ويا تہ اھي مھارتون تقسيم ٿيندي ”تُز“ ٿينديون ويون، جو ھاڻي طب جي دنيا ۾ ڊاڪٽرن جي مھارتن کي ايترو تہ نِج ۽ تز ڪيو ويو آھي جو جسم جي مختلف حصن جا بہ مختلف ڊاڪٽر ٿين ٿا. طبيعاتي سائنس ۾ تہ سوين شعبا ٺھي ويا جتي ھر شعبو صرف پاڻ سان لاڳاپيل زمري ۾ مھارتون رکندڙن کي رکي انهن کي پنھنجي ڪم ۽ مھارتن ۾ محدود ڪري انهن جي مھارتن کي عام لوڪ جي فائدي لاءِ استعمال ڪري ٿو. سماجي سائنس ۾ بہ ساڳي ڪرت ٿي آھي. ھاڻي ھتي سماجيات جي ماھرن ۽ سماجي خدمتگارن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. سماجي سائنس جو ھڪ اھم شعبو ٻوليداني بہ پوري دنيا ۾ تز ٿي وئي آھي. اڄ پوري دنيا ۾ ٻوليدانيءَ جي اصل روح جو ابو مسٽر نام چومسڪي تہ آھي پر ان سان گڏ اھو ٻوليءَ جي فلسفي، ان جي فڪري ترتيب ۽ ان ترتيب پويان پيدا ٿيندڙ تصورن تي بہ ڪم ڪري رهيو آھي. جنھن کي ھو پنھنجي لفظن ۾ ”تصورن جي جوڙ جڪ ۽ تصورن جي ڀڃ ڊاھ ۽ وري ان کان بہ اڳي تصورن جي نئين سري سان جوڙجڪ“ سڏي ٿو. ھو چوي ٿو تہ ھاڻي مان ٻوليدان رهيو ئي نہ آھيان، پر ان کان اڳي نڪري ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن لفظن پويان ٺھندڙ راسخ تصورن جي ڪري اڻ سمجهائپ جون ڳنڍيون کولڻ جي پيو ڪوشش ڪيان تہ جيئن اھو سمجهي سگهجي تہ ٻولين ۾ ”لفاظيءَ واري سحر“ ۽ ان جي پويان حاڪمن، جابرن ۽ نقلي سياستدانن پنھنجا پنھنجا مفاد ڪڍڻ لاءِ ڪيئن انسانذات کي ٺڳيو آھي.
ان پنھنجي ڪتاب ”ٻولي ۽ دماغي سائنس“ ۾ چيو تہ ”ٻوليون لوڪ امانت ٿينديون آھن، جن جي قانونن کي تہ ٻوليدان ترتيب ڏئي سگهن ٿا پر ماڻهن مٿان ڏنڊو نہ ٿا کڻي سگهن تہ ھيئن ڳالهايو يا ھونئن نہ ڳالهايو، گرامر جو جيستائين تعلق آھي تہ ان ۾ بہ ٻوليدانن جو بس ايترو ئي تعلق آھي تہ اھي لوڪ جي ڳالهائڻ کي ترتيب ڏيندا، وقت سر ان ۾ ترميمون ڪندا رهندا، لغتن ۾ نواڻ پيدا ڪندا ۽ ٻين ٻولين سان بھتر رابطا پيدا ڪندا رهندا، باقي جيڪو ٻولين جي ترقين ۽ اوسر ۾ ڪردار ٿيندو سو ھوندو ٻولين جي انجڻڪاري ڪندڙ ماھرن جو، جيڪي ٻولين جي ڦھلاءَ کي جديد ساز سامانن ۾ گهيريندا ويندا. اھي تہ نام چومسڪيءَ جا خيال ھئا، پر اسان وٽ اڃا مدي خارج تصورن جي ايتري تہ ڀيڙ آھي جو اسان وٽ تز ڌنڌا بہ صحيح طرح سان اڃا نسري نہ سگهيا آھن. ھتي جيڪو صحافي آھي اھو ساڳي وقت شاعر بہ ھوندو تہ ڪھاڻيڪار بہ، ھڪ ڪھاڻيڪار پاڻ وٽ دانشور بہ ليکيو ويندو، وري جيڪو دانشور ليکيو ويندو آھي ان مان اسان دنيا جھان جي علمن، مسئلن، سياسي چالبازين کان ويندي بين الاقوامي تعلقاتن جي بھترين عالم واري توقعات بہ رکندا آھيون. جي وري ٻوليءَ سان لاڳاپيل شعبن تي اچون تہ ھتي ھڪ لساني ماھر کي لسانيات جو ابو تہ سڏيندا ئي آھيون پر ان مان ئي مستقبل جي رٿابندين، مونجهارن ۽ انهن جي حلن جي اميد رکندا آھيون، پوءِ ڀلي ان کي ”مصنوعي ذھانت“ جي ”ميم“ جي بہ خبر نہ ھجي.
شايد ستانوي جي ڳالهہ آھي، جو آسٽريا جي ويانا شھر مان ريلويز جي ٽريڪ کي مرمت ڪندڙ مشينن جو ڊپٽي چيف انجنيئر مسٽر اخھارٽ صاحب گڏ ھئو، مان ۽ ھو ملتان وڃي رهيا ھئا سين. سو ريلويز جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ٿڪجي نيٺ مان ئي پاسو ورايو ۽ پڇيو مانس تہ ”سگمنڊ فرائيڊ“ جي نالي سان اتي ڪا يونيورسٽي آھي؟ تنھن تي ھمراھ امالڪ پڇيو: ڪير سگمنڊ فرائيد؟ مان ھڪو ٻڪو رهجي ويم. جڏهن ٻڌايو مانس تہ مشھور نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ! تڏهن چيائين: ”اوھ ھا، ھا پر مونکي ھن بابت گهڻي خبر ناھي!
الائي ڇو مان ان مھل پريشان ٿي ويو ھئم تہ ھي ڪھڙي قوم آھي جيڪا پنھنجي ڪمال جي ماڻهن کي نہ ٿي سڃاڻي! وري ڪجهہ ئي مھينا ڪونہ گذريا، ان ئي ملڪ جي لنز شھر مان ھڪ جهوني اچي پھتي. تن ڏينھن ۾ اسان رائيونڊ ۾ ھئاسين مان ان کان بہ ساڳيو سوال پڇيو تہ ھيءَ مائي بہ ”چٻو منھن“ ٺاھي ويھي رهي!
بھرحال عجب لڳو. وري ٿيو ڇا جو ڪجهہ سال بعد اقوام متحدہ جي ھڪ اداري مان ھڪ پروگرام مينيجر آيو نالو ھئس مسٽر جيمز ٿامسن. ماڻهو غضب جو ھو، شھدادڪوٽ پيا وڃون جو ھن کان پڇيم تہ ڏي خبر ميان جيمز! تون ”ٿامس ھارڊي“ ٻڌو آھي؟
ھمراھ آئيم سوري چئي جواب ڏنو! ساڳي حيرت ٿي الائي ڇو! تہ ھن گريجوئيٽ گوري کي گذريل صديءَ جي جڳ مشھور ناولسٽ ۽ شاعر ٿامس ھارڊي جي خبر ناھي تہ ڇو؟ ابا ٿيو ڇا جو ڪجهہ ئي مھينا پوءِ ايئرپورٽ تي ھڪ جرمن بلانڊ مائيءَ سان جھاز ليٽ ھجڻ جي ڪري سٺي ڪچھري ٿي. ان ويھڪ ٿي جنھن ۾ کوڙ سارا لطيفا بہ ھليا، سو مان چيومانس تہ مائي پاڻ سنڌي ۽ جرمن ويجها مائٽ آھيون، پڇيائين اھو وري ڪيئن؟
تہ چيو مانس تہ سنڌ جي مادر علميءَ جي ابي سائين علامہ آءِ آءِ قاضي صاحب جي زال ايلسا جرمنياڻي ھئي، اسان جي سنڌ جي برک سائين قاضي نبي بخش قاضي جي زال بہ جرمن ھئي، ۽ ھا! شاھ لطيف تي وڏو ڪم ڪندڙ ھڪ ٻي اسڪالر مئڊم ”ڊاڪٽر اين ميري شمل“ بہ جرمن ھئي! پر ھن جرمن مائيءَ جي واڇ گودو لڳي پئي ھئي. کيس مٿين ڪردارن مان ڪنھن ھڪ ڪردار جي بہ خبر نہ ھئي، جڏهن تہ پاڻ سوشيولاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري! منھنجي مٿي ۾ ان جرمن مائيءَ لز جي اڻ ڄاڻائي ڪافي سال رهي. پوءِ وڃي ڳوٽ ڀڳي تہ اھي مغربي عجيب قسم جا ماڻهو آھن، ھو ايترا تہ پروفيشنل آھن جو اھي سمجهي ويندا آھن تہ ھنن وٽ ڪھڙو ھنر آھي، ۽ پوءِ ھو ان ھنر ۾ ڀڙ ٿيڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪن ٿا! ھنن جو ڪو تعلق ناھي تہ ادب ۾ ڇا ٿو وھي واپري، سياست ڇا آھي وغيرہ وغيرہ.
اھي پاڻ وانگر ناھن جو اسان دنيا جھان جي ڄاڻ رکڻ ۾ مست لڳا، اٺ جيان ان کي چوويھ ئي ڪلاڪ اوڳر ورائيندا رهندا آھيون. سياست ھجي يا شعر و شاعري، ادب ھجي يا تاريخ، مطلب اسان دنيا جھان جي اڪابرن کي آڱوٺو ڏيکارڻ جھڙا ضرور آھيون؛ بس اسان کي ناھي خبر ھوندي تہ اسان جو حقيقي ڪم ڪھڙو آھي، ۽ جنھن ڪم ۾ اسان اجرت وٺون ٿا ان ۾ اسان سئو سيڪڙو سچا ٿي دنيا جھان ۾ نالو ڇو نہ ٿا ڪمايون!
پر ان کان بہ وڏي مصيبت ٻي بہ آھي تہ ھتي تعميري ڳالهہ ڪرڻ لاءِ تز ماڻهو بہ تہ ڪونہ ٿا ملن، ڇوتہ ھتي ”ڪانوَن جي لُڙ“ کي ايتري تہ پذيرائي مليل آھي جو اوھان سڏي سڏي ٿڪجي پوندا، پر ٻڌندڙ نہ ملندا! بلڪل ائين جيئن سنڌ جي ڪنھن روايتي ميلي ملاکڙي ۾ ھڪ پاسي ھڪ مسخرو راڳ جي نالي تي سُرن جون ڍڄيون اڏاري ۽ ٻئي پاسي جيڪڏھن استاد فتح علي خان يا رجب فقير نيم ڪلاسيڪل راڳ مان سر سھڻي ئي ڳائين يا حسن درس جي ڪا وائي ئي پر خلق ھوندي ”ڪنڌاري عاشقي“ ۾ پئسا لٽائيندي پر کين چئو تہ ابا ھيڏي بہ جھان آھي تہ چوندا ”انهن ٻرڙاٽن کي ڪير ابا ٻڌندو.“! الائي ڇو مون کي ھي نسل يا جنھن کي پاڻ قوم سڏيون ٿا اھا پنھنجي مظھر ۾ ھڪ ”ھجوم“ جو ڏيک ڏئي ٿي، جنھن کي اھا بہ خبر ناھي تہ اسان آھيون ڪير، ڪرڻو ڇا آھي، ڪيون ڇا ٿا؟ ۽ ھڪ اھم سوال تہ اسان پنھنجي ايندڙ نسل لاءِ ڇڏيون ڇا ٿا؟ ۽ اي منھنجا دوستو، ھي ھجوم جيڪڏھن پنھنجي روش نہ ٿو مٽي تہ ياد رکجو، ان جو آئيندو سواءِ برباديءَ جي ٻيو ڪجهہ ناھي، ھا باقي جيڪو نسل اچي ٿو، يا جيڪو اڃا مائرن جي پيٽن ۾ آھي ان لاءِ ڪرڻو آھي، ان مان اميد آھي، ڇوتہ دنيا ان وقت تائين ايترو تہ مٽجي چڪي ھوندي جو ماڻهن جي سڃاڻپ انهن جي قوم يا نسل نہ پر ان جي مھارت ھوندي، تہ اوھان مان ڪير ۽ ڪيترا ماڻهو لاڀ پائي سگهن ٿا، ائين نہ تہ اوھان جي ڪري ڪير ۽ ڪيترا ماڻهو زليل ٿين ٿا!



